(اُٺ ۽ گڏهه جي ڳالهه)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    (اُٺ ۽ گڏهه جي ڳالهه)
    هڪڙي اٺ ۽ هڪڙي گڏهه پاڻ ۾ ياراني رکي. پوءِ ٻئي گڏجي، ڳوٺ کان ٻاهر پرائيءَ پوک ۾ چرڻ ويا. چرندي چرندي جڏهن گڏهه جو پيٽ ڀرجي ويو ۽ ڍوء ٿي ويس، تڏهن اٺ کي چيائين ته يار! آءٌ هاڻي راڳ ڳائيندس. اٺ چيس ته ڀلائي ڪيري ائين نه ڪجانءِ. متان ڪو تنهنجو هينگون ٻڌي وٺي ۽ پاڻ پڪڙجي پئون.
    پر گڏهه هو ضدي، تنهن چيو ته آءٌ ضرور ڳائيندس. ڳائڻ کان سواءِ سُک ئي نه ايندم.. ائين چئي، نڙي ڦاڙي، وڏي آواز سان هينگڻ لڳو. اتفاق سان اتان هڪڙو قافلو لنگهي رهيو هو، سو جڏهن ماڻهن گڏهه جي هينگڻ جو آواز ٻڌو ته اُٺَ ۽ گڏهه کي پڪڙي وام ڏئي، سَٽي ڪُٽي پا۾ سان ڪاهي وڃڻ لڳا. ان مهل به گڏهه گوهي ڪئي، ضد ڪري بيهي رهيو. اصل نه پيو هلي. اهو حال ڏسي قافلي وارن گڏهه کي اُٺَ جي پٺيءَ تي کنيو.
    پنڌ ڪندي قافلو هڪ پُل تان لنگهڻ لڳو. اُتي اُٺ گڏهه کي چيو؛ دوست! تنهنجي راڳ منهنجي دل تي ڏاڍو اثر ڪيو آهي. سو هاڻي آئون ناچ ڪندس. اهو ٻڌي گڏهه چيس؛ اڙي يار اُٺَ! اِئين نه ڪجانءِ! آءٌ ڪري پوندس ته هڏ گڏ ڀڄي پوندم.
    اُٺَ چيو ته آءٌ ضرور نچندس. نه نچان ته مزو ئي نه اچي. ائين چئي، اُٺ ٻٽي ڪُڏَ ڏنا ۽ گڏهه اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. ڪرندي ڪنڌ ڀڄي پيس ۽ مري ويو. تڏهن چوندا آهن ته جهڙي ڪرِڻي تهڙي ڀرڻي، جهڙي نيت تهڙي مراد.
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    بهترين نصحيت واري ڪهاڻي اسان کي پسند آئي پياري ادڙي شيرين۔ هميشه خوش رهو۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي ۽ سبق آموز ڪهاڻي ۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ونڊ آهي

    ادي جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو