گهڻ مُنهين بَلا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    گهڻ مُنهين بَلا
    اسد چانڊيو


    1413 اٽيچمينٽ ڏسو
    پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ مراعات يافتا طبقي جي نمائنده جماعت، جيڪا غلام سنڌي قوم جو هر حق ڦٻائڻ ۽ ڦٻايل حقن تي مالڪي مستقل ڪرڻ لاءِ، هميشه ”مظلوميت“ جو نقاب پهري، دنيا کي دوکو ڏيڻ سان گڏ، پنهنجن ڏوهن کي لڪائڻ جو ڪم به ڪندي رهي ٿي، سا اڄ سپريم ڪورٽ ۽ خاص طور جسٽس انور ظهير جمالي ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ سان سڌي جنگ شروع ڪري چڪي آهي. ملڪ جي سڀ کان و ڏي تنظيم سمجهي ويندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزيراعظم کي، ساڳي عدالت جي ساڳي نوٽيس تي “افهام و تفهيم“ کان ڪم وٺڻ ”ادارن سان ٽڪراءَ ۾ نه اچڻ“ جا مشورا ڏيندڙ متحده قومي موومينٽ، 16 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ”افهام و تفهيم“ ۽ ”ادارن سان ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻ“ واري اصول کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙي، جيئن سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ جسٽس انور ظهير جماليءَ خلاف ”هٿ، پير ۽ زبان“ استعمال ڪئي، ان مان اها ڳالهه سمجهڻ آسان بڻجي وڃي ٿي ته “حق پرست جماعت کي فقط اهو ئي پاڪستان گهرجي، جتي ان کان هر پڇاڻو معاف ٿيل هجي!، کيس پنهنجي خواهش جي پوراءَ لاءِ ناجائز عمل جو به ڪو حسابُ- ڪتاب نه ٿيڻ جي پڪ هجي..!!، ملڪي قانون کان هوءَ به ايئن ئي مٿڀري هجي، جيئن صدر صاحب جي ڪنهن به عدالت آڏو پيش نه ٿيڻ لاءِ اهو ئي دليل ڪافي سمجهيو پيو وڃي ته: ”هو ته صدر آهي“، تيئن ئي متحده لاءِ به ڪنهن انصاف، قانون، اخلاق جي اصول کي پٺي ڏيندي، فقط هڪ لفظ ئي چوڻ ئي ڪافي هجي ته: ”هوءَ ته متحده آهي!“، ان ڪري جيڪو به اسان جي ويجهو ايندو، جيڪو به ڪجهه پڇڻ چاهيندو، جيڪو به روڪڻ چاهيندو، اهو پنهنجي نفعي ۽ نقصان لاءِ پاڻ ئي ذميوار هوندو..!!.“
    سپريم ڪورٽ سان متحده قومي موومينٽ جي شروع ڪيل کلي ويڙهه جو سبب ”ڪراچي بد امني ڪيس“ بڻيو. ڪراچي بد امني ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان، شهر جي انتهائي خراب صورتحال، روزانو پنهنجن سياسي مخالفن ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي چونڊي چونڊي مارڻ، ڀتي خوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم بابت مختلف سياسي جماعتن جي دانهُن جو سال 2011ع ۾ ورتل پاڻمرادي نوٽيس جو نالو آهي. ڪراچيءَ ۾ ئي ٿيندڙ عدالتي ڪارروائي دوران ڪيترين ئي سياسي ۽ مذهبي جماعتن، سول سوسائٽي، سرڪاري ادارن ۽ سنڌ حڪومت به پنهنجو موقف عدالت آڏو پيش ڪيو، جنهن دوران ٻين سمورين ڌرين ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ ۽ بدامنيءَ جو سڀ کان وڏو سبب لساني تنظيم کي قرار ڏنو، پر ٻه ڌريون اهڙيون رهيون، جن ان موقف کي قبول نه ڪيو. سي هيون خود متحده ۽ ٻي ان جي سهاري هلندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت!. ان ڪيس دوران ئي ”پاڪستان ۾ ڳجهي اداري“ طور سڃائي ويندڙ سرڪاري انٽيليجنس ايجنسين به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي، جنهن مطابق: ”ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي پٺيان ٽي وڏا گروپ موجود آهن، انهن مان سڀ کان وڏو دهشتگرد گروپ متحده قومي مومينٽ سان تعلق رکي ٿو. قاتلن جي ان ٽولي کي ٽن هنڌن تان هلايو پيو وڃي. هڪ ڏکڻ آفريڪا، ٻيو لنڊن ۽ ٽيون مڪاني سطح تي“. ان ساڳي رپورٽ ۾:” لياري گينگ وار يا امن ڪميٽيءَ کي به ڪراچيءَ ۾ نه رڳو بدامني لاءِ ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. پر ان جو تعلق به پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ڄاڻايل آهي. اي اين پي ۽ مذهبي جماعتن جي اثر هيٺ ويڙهاڪ ٽولن جو ذڪر به، ان رپورٽ جو حصو آهي“. ساڳي ئي ڪيس ۾ سياسي جماعتن سپريم ڪورٽ جو ڌيان ڪراچيءَ 2002 ع ۾ ٿيل اهڙا چونڊ تڪ ٺاهڻ ۽ انهن جي ايئن حدبندي ڪرڻ طرف به ڏياريو، جيئن ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ سنڌ جي دل شهر ڪراچيءَ جو مڪمل ڪنٽرول متحده جي چنبي ۾ اچي وڃي. (متحده جي اهڙي حرفت بابت پاڻ گذريل ڪالم، ”سو اسان مان نه آ جو جيي جٺ ۾“، ذڪر ڪري چڪا آهيون)
    سپريم ڪورٽ 13- نومبر 2011ع تي ”ڪراچي بدامني ڪيس“ جو فيصلو ڏيندي، سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو هو ته : ”سياسي ڇڪتاڻ، فرقيوار فسادن ۽ جهيڙن کان بچڻ لاءِ انتظامي ادارن، جهڙوڪ ٿاڻن، روينيو ۽ ٽيڪس حدن ۾ تبديلي آندي وڃي، جيئن مختلف طبقن جا ماڻهو امن سان رهي سگهن- نه ڪي مختلف گروپن کي ايئن اختيار ڏنا وڃن جو اهي، ڪنهن مخصوص علائقي کي پنهنجي ملڪيت قرار ڏين ۽ ڪجهه علائقن کي پنهنجي دهشت ناڪ دٻاءَ تحت منع ٿيل علائقو قرار ڏئي ڇڏين. ڪراچي پاڪستان جي واپار جو ڳڙهه آهي، ان کي مستقبل ۾ پرامن شهر بڻائڻ لاءِ، واسطيدار قانونن کي نظر ۾ رکي، مختلف علائقن جون نئين سر حدبنديون ڪيون وڃن“.
    ڏٺو وڃي ته، ”ڪراچي بد امني ڪيس“ ۾ سپريم ڪورٽ سنڌ جي سمورين پارٽين جو اهو موقف قبول ڪري ئي انتظامي حدبنديون ٺيڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته، ”ڪراچي لاءِ ٿيل انتظامي فيصلا، شهر ۾ رهندڙ سڀن ماڻهن ۽ نسلن لاءِ نه، پر فقط متحده کي فائدو ڏيڻ ۽ ان جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل آهن. سپريم ڪورٽ جو اهڙو فيصلو سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ سياسي جماعتن جي به عين موقف مطابق هو. متحده قومي موومينٽ ”ڪراچي بد امني ڪيس“ هارائڻ باوجود، ان جي فيصلي خلاف ڪا به اپيل نه ڪئي. سنڌ حڪومت به ظاهري طور ته اهو فيصلو قبول ڪيو، پر عملي طور پنهنجي اتحادي جماعت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري، سپريم ڪورٽ جي هدايت تي عمل ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي، جنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي ”ڪراچي بد امني ڪيس“ جَي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل بئنچ 26- نومبر 2012ع تي اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته اها، ”ڪراچي شهر جي نين حدبندين ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ وٺي“.
    سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جي متحده قومي موومينٽ اڪيلي سر مخالفت شروع ڪئي، جنهن بعد ان پنهنجن هاڻوڪن ۽ اڳوڻن اتحادين کان به مدد طلب ڪري ورتي، نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي اهم اڳواڻن ۽ حڪومتي ذميواري سنڀالي ويٺل اهم شخصيتن کان وٺي ف ليگ جي سربراهه ۽ حرن جي روحاني رهبربه، اهو موقف اختيار ڪري ورتو ته: ”فقط ڪراچيءَ ۾ ڇو؟، حد بنديون ڪرڻيون ئي آهن ته سڄي ملڪ ۾ ڇو نه!“. متحده جي دليل کي پنهنجي زبان ڏيندڙن، هڪ لمحي لاءِ به اها ڳالهه نه سوچي ته هي حڪم ”ڪراچي بد امني ڪيس“ تحت ڏنل آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي هئي ته :”ڪراچيءَ ۾ ڪيل انتظامي ۽ چونڊ تڪن جون حدبنديون، فقط هڪ مخصوص جماعت کي فائدو ڏيڻ لاءِ ۽ شهر تي ان جي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ، ڪيون ويون هيون. ان فيصلي تي اعتراض ڪرڻ ته ايئن ئي ٿيندو، جيئن هڪ قاتل تي ڏوهه ثابت ٿي وڃي ۽ عدالت ان کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائي ته، اهو قاتل ۽ ان جا جوڙيوال اهو موقف اختيار ڪن ته:” جَي اڃا تائين فلاڻن، فلاڻن ڪيسن جو فيصلو ناهي آيو ته پوءِ فقط هن ئي قاتل کي سزا ڇو ٿا ڏيو..!!“. ظاهر آ، اهڙو موقف، قاتل طرفان پاڻ ۽ پنهنجي ڏوهه کي بچائڻ جي خواهش کان وڌيڪ، ٻيو ڪجهه نه آهي..!! نه ڪي ساڳي غير منطقي موقف کي قبول ڪندڙ ڌريون ئي، ڪجهه ٻيو ڪري رهيون آهن“.
    منافقت تي ٻڌل موقف کي سنڌ جي پارلياماني سياست جي ٻن نمائنده جماعتن ۽ سنڌ توڙي وفاقي حڪومت کان قبول ڪرائڻ بعد، متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين جو 4 ڊسمبر 2012ع تي جارحاڻو موقف سامهون آيو: ”دشمن عنصرَ، عدالت جي ڪجهه ججن کي ، ايم ڪيو ايم کي فنا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. افسوس ته، سپريم ڪورٽ جاجج به ايم ڪيو ايم کي فنا ڪرڻ ۽ ان جو نالو نشان ختم ڪرڻ جي عمل ۾ شريڪ آهن. آصف نواز جنجوعا 15-جون 1992ع تي چيو هو ته، ايم ڪيو ايم جو باب بند ٿي ويو، پر الطاف ته اڄ به جيئرو آهي!. سپريم ڪورٽ جاجج چون ٿا ته: ڪراچيءَ جون حدبنديون ايئن ڪيون وڃن، جو ڪنهن جي به هڪ هٽي نه رهي!. جنهن جج ۽ جنهن بينچ اهڙو فيصلو ڏنو آهي، اُنهن جَي ڪروڙين ماڻهن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم خلاف ڏنل رمارڪس تي معافي نه ورتي ته، مان ٻڌايان ٿو ته، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو. جج، پنهنجا لفظ واپس وٺو، معافي گهرو، نه ته جلد ئي خدا جو قهر اوهان تي نازل ٿيندو. اوهان معافي نه ورتي ته، اوهان جو نالو نشان ئي نه رهندو“.
    مون کي ته الطاف حسين صاحب جي” تز ۽ کري“موقف مان ، ٻين سان گڏ هڪ وڌيڪ ڳالهه اها به سمجهه ۾ اچي ٿي ته:
    (1) ”دنيا جي انتهائي مضبوط سمجهي ويندڙ فوج جي سربراهه آصف نواز جنجوعا موت جي واديءَ جو مسافر بڻجڻ بجاءِ، اڄ تائين پنهنجن ٻارن سان رٽائرمينٽ واري پرسڪون زندگي گهاري رهيو هجي ها، جَي ”متحده قومي موومينٽ جو باب بند ٿيڻ“ واري ڳالهه نه ڪري ها. هن اهڙي ڳالهه ڪئي هُئي جو، ”الله جو ڏمر“ ته مٿس اچڻو ئي هو!. هاڻي الله پنهنجو ڏمر لاهڻ لاءِ ”وسيلو“ ڪنهن کي بڻايو؟، دنيا جي طاقتور ”ڳجهن ادارن“ کي ايترو عرصو گذرڻ بعد ئي، پَنهنجي ”چيفَ“ تي خُدا جو قهر نازل ڪندڙن تائين پهچڻ جو ڪمِ، پنهنجي هٿَ ۾ وٺڻ ئي گهرجي..!!“.
    (2) سپريم ڪورٽ جي موجوده ججن به ساڳي ئي غلطي ڪري وڌي آهي، جنهن ڪري مٿن ”الله جو قهر“ نازل ٿيڻو ئي، ٿيڻو آهي. سندن نالو ۽ نشان هن دنيا مان هر حال ۾ مٽجڻو ئي آهي. جنرلن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ رهندڙ، جنرلن جو سربراهه به جَي پاڻ کي ”خدائي قهر“ کان پاڻ نه بچائي سگهيو هو ته، پوليس جون ڪجهه موبائلون ڪٿي ٿيون ججن جي جان بچائي سگهن..!!
    سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي، ”حق پرستن ۽ مظلومن“ جي قائد جي 4-ڊسمبر تي ڏنل چتاءُ جو، ڏهن ڏينهن بعد، نيٺ نوٽيس وٺڻ ۽ الطاف حسين کي عدالت جي توهين ڪرڻ جو نوٽيس موڪلڻ جو خيال اچي ويو! (نوٽيس ته سپريم ڪورٽ ۽ ججن جو نالو نشان مٽائڻ جي ڌمڪي جو وٺڻ گهرجي ها) ۽ 14-ڊسمبر تي، الطاف حسين کي 7-جنوري 2013ع تي پاڻ پيش ٿيڻ يا پنهنجو وڪيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو.
    ”انڌيرُ ٿي سگهي ٿو، پر دير نه !“، جَي اصول تي سختيءَ سان عمل ڪندڙ متحده ساڳي ڏينهن ئي شام جو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجو ”فطري رد عمل“ ڏيکارڻ شروع ڪيو. ڪراچي شام کان ئي ”اوچتي ڇڪتاڻ“ جو کاڄ بڻجي، ٻن ڏينهن تائين ”پرامن احتجاج“ جَي نشانَي تي رهي، حيدرآباد سان به ساڳي ڪار ٿي، ميرپورخاص به پاڻ بچائي نه سگهيو. صدر زرداريءَ جي شهر نواب شاهه ۾ به، پوليس روڊن ۽ رستن تان ان وقت تائين غائب رهي، جيستائين هڪ سنڌي دڪاندار فدا سولنگيءَ کان دهشتگردن جان نه کسي..!. 16-ڊسمبر تي، اوچتو ئي اوچتو، ”هزارين اهليانِ ڪراچي“پريس ڪلب ڪراچيءَ کي گهيري ورتو. سندن اڳواڻي متحده جا وفاقي ۽ صوبائي وزيرَ، اسيمبلي ميمبرَ ۽ متحده رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڪري رهيا هئا، ”اهليانِ ڪراچي“ انتهائي ڪاوڙيل هئا، سندن قيادت ته، کانئن به ٻه هٿ اڳتي هئي!. نتيجي ۾ سڄي دنيا جي ميڊيا جي نمائندن اهي مطالبا/ نعرا ٻڌا ته : ”ڪالي ڪُتي ڪو ڦانسي دو“، ”نهين چَلي گي، نهين چَلي گي، انڌَي ڪاڻي ڪِي سرڪار“،” سپريم ڪورٽ، بَي غَيرت“، ”چيف جسٽس- بي غيرت“، انور ظهير جمالي- بي غيرت“.
    سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سپريم ڪورٽ خلاف شروع ڪيل اهڙي بغاوت، 18 هين ڊسمبر تي هڪ ڀيرو وري ڪراچي ۾ اي پي ايم ايس جي احتجاج ۽ جلسي ذريعي پڄاڻي تي پهتي، جنهن دوران سندن قيادت، سپريم ڪورٽ سان گڏ سنڌين کي به واضح پيغام ڏنو ته :”هي شهر (ڪراچي) پاڪستان جي بانين جو آهي!. اهڙن پاڪستان جي بانين جو شهر، جن لکين ماڻهن جي قرباني ڏئي، هي ملڪ ٺاهيو هو ۽ جَي وري پاڪستان کي بچائڻ جي ضرورت پئي ته، ڪروڙين ”باني“ وري قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهن“.
    سپريم ڪورٽ خلاف شروع ڪيل جنگ تي وڌيڪ بحث ڪرڻ کان اڳ، مان متحده جي ان موقف ته، ”ڪراچي پاڪستان جي اهڙن بانين جو شهر آهي، جن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ لکين ماڻهن جي قرباني ڏني هئي...“، کي سمجهڻ چاهيندس:
    (1) پاڪستان ٺهڻ کي روڪڻ خلاف، ڇا 1947ع ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، پختون خواهه ۾ ڪا وڏي جنگ هلي رهي هئي؟، دشمن هڪ ٻئي جي رت جا اڃيا هئا!، سخت خطرو هو ته، سنڌ سميت ٻين قومن جي وطن ۾ پاڪستان جي جنگ هارائجي نه وڃي!، شڪست جو خوف ”بَانين“ کي ”پهچڻ“ جي اپيل ۾ تبديل ٿي ويو! ۽ پوءِ يوپي، سي پي ۽ بهار مان لکين ماڻهن تي ٻڌل فوج موڪلي وئي، جن سپاهين پنهنجي جان جي قرباني ڏئي، پاڪستان دشمنن کي نابود ڪري، پاڪستان جو بنياد پوڻ کي بچائي ورتو، نه ته اڄ اسان هن ”مِٺي ملڪ“ کان محروم ٿي وڃون ها....!؟
    (2) ڇا اوهان جي لڏپلاڻ جو مقصد، پاڪستان جي قيام لاءِ پاڻ ارپيندڙ سنڌي قوم جي وطن ۾ پهچي، سنڌين جي مالَ، ملڪيت، ڌنَ، دولت، وسيلن، شهرن، زمينن ۽ قومي حقن تي قبضو ڪري پاڻ کي شاهوڪار ۽ مالڪ بڻائڻ جو نه هو....!! سنڌ جي وسيلن کي ڦٻائڻ، حڪمرانيءَ جو حق کسڻ، سنڌين لاءِ ئي پنهنجن شهرن جا در بند ڪرڻ ۽ هاڻ سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر کي سنڌين جو مڃڻ بجاءِ، ”بانيانِ پاڪستان“ جو قرار ڏيڻ، اوهان جي ان سازش جو ثبوت نه آهي...!؟
    (3) اوهان لڏپلاڻ سان گڏ پنهنجي لاءِ اُتان ڪو خطو ۽ شهرَ به ساڻُ کڻي آيا هئا، جيڪي هن ملڪ جي وارث قوم جي ملڪيت هئڻ جي دعويٰ هيٺ اچڻ بجاءِ، اوهان جي ذاتي ملڪيت قرار ڏيڻ جي حقداري ۾ ٿا اچن...!؟.
    متحده هن وقت سپريم ڪورٽ خلاف بغاوت بند ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. 7 جنوري تي الطاف حسين جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ، سپريم ڪورٽ ۾ قانوني ماهرن جي ٽيم موڪلڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. ان موقعي تي جيڪڏهن عدالت پنهنجي خلاف بغاوت جو پاڻ نوٽيس ورتو يا ڪنهن وڪيل طرفان ڌيان ڏياريو ويو ته، يقيني طور متحده جا قانوني صلاحڪار، اعليٰ عدالت ۾ اهو ئي موقف رکندا ته :”اهو ته سڀ ڪجهه عوام جو فطري ردعمل هو. مظلومن جي جماعت جو ان سان ڇا وڃي....!؟ اسا جا وزير، اسيمبلي ميمبر، رابطا ڪميٽي جا سمورا رڪن ته مڇريل ماڻهن کي ڪا حد پار ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ويل هئا“. 7- جنوريءَ تي سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ٿو ٿئي!، ان کي وساري، جَيڪڏهن 18 ڊسمبر تي ”قائدِ تحريڪ“ جو رات دير سان جاري ڪيل بيان سامهون رکجي ته، اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾به آساني ٿي ويندي ته، اهو سڀ ڪجهه ”طئه ٿيل“ هو. سوچيل سمجهيل” منصوبابندي“ جو حصو هو. جيڪو ڪم روڊن، رستن ۽ شهرن ۾ ٿي سگهيو پئي اهو ڪري ڏيکاريو ويو. هاڻي ٻين مُهرن کي چورِڻ جو وقت اچي ويو آهي!، نه ته ”قائد“ ڪهڙي بنياد تي پنهنجي لکت ۾ جاري ڪيل بيان ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته :”غم ۽ ڪاوڙ کي قابو ۾ ڪري، اڳتي لاءِ ”رٿيل“ سمورا احتجاجي مظاهرا فوري طور منسوخ ڪيا وڃن...!!“..
    هڪ ٻي ڳالهه به سمجهڻ جي آهي. سپريم ڪورٽ ته، اڃا تائين ”قائد“ کي فقط هڪ نوٽيس ئي موڪليو آهي!. نه ٻن ڏينهن تائين نائن زيرو جو سرڪاري ادارن هٿان ڪو گهيرو ڪرايو ويو آهي!، نه جهڙتي ورتي وئي آهي!، نه اتان بَي حساب رڪارڊ ضبط ڪيو ويو آهي!، نه ئي اتي موجود ڏيڍ لک پائونڊ به پنهنجي قبضي ۾ ورتا ويا آهن!، پوءِ به سپريم ڪورٽ جي”ماءُ - پيءُ “هڪ ڪئي وئي آهي!. لنڊن پوليس ته متحده قومي موومينٽ جي باني ۽ ”قائد“ جي استاد ڊاڪٽر عمران فاروق جي قاتلن جي ڳولا لاءِ لنڊن ۾ الطاف حسين جي ڏنل پتَي ايجويئر تي ٻن ڏينهن تائين گهيرو ڪري رکيو !.عمارت جي ڪمرن جي، ورانڊن جي، ٽيبلن جي، هر ڪنڊ ۽ پاسي جي، ويندي ڇت تي لڳل سرن کي به چورَي- پورَي ڏٺو ويو...!! پر الائي ڇو، متحده کي لنڊن پوليس جو اهڙو عمل ڪروڙين حق پرستن ۽ بانيانِ پاڪستان جي بَي حرمتي نه لڳو.....!!. متحده ايئن خاموش، جهڙي ڀِت....!!. لنڊن پوليس پنهنجي ڪارروائي جي تصديق ڪري ڇڏي پر متحده ترجمان مصطفيٰ عزيز آبادي اهڙي سوال تي حيران ٿيندي چيو:” ڇا، پوليس جو ڇاپو لڳو آ!، ميڊيا ۾ ته ٻن ڏينهن کان اهڙيون خبرون اُڏايون پيون وڃن، پر، اسان کي ته خبر ئي ناهي....!!“.
    سبب ڇا ٿو ٿي سگهي؟، هڪ اعليٰ ترين عدالت جي نوٽيس کي به پنهنجي توهين قرار ڏيڻ ۽ هڪ پوليس جي ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڇاپي کي به قبول ڪرڻ بجاءِ، بي خبر بڻجڻ جو......!؟
    سبب هڪ ئي آهي، برطانيا ۾ موجود متحده قومي موومينٽ اتان جي قانون سان اک ملائڻ جي به همت نٿي ڪري سگهي...!! اتان جي رياست ۽ انهن جي ادارن تي ڪو بُهتان لڳائڻ لاءِ سوچي به نٿي سگهي!. ۽ ڪا به اهڙي ننڍڙي چُڪ ڪرڻ، تي پاڻ بچائي سگهي ئي نٿي. پر ”پيارو پاڪستان“ پنهنجي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين، ان ساڳي ئي پناهه گير ٽولي جي قبضي ۾ آهي، جنهن جي سڀ کان وڏي نمائندگي ”مظلوم جماعت“ اڪيلي سر پاڻ ئي ڪرڻ جي دعويدار آهي. برطانيا ۾ ساڳي جماعت، اتان جي اهڙن رياستي ادارن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي، جَن جهڙن ئي ادارن ذريعي اُها هن ملڪ ۾ پيدا ڪيل، پاليل، تاتيل ۽ نوازيل آهي...!!. هِن مُلڪ ۾ اها جڏهن چاهي، جنهن جي چاهي کل لاهي!، ڪو به کانئس نه پڇڻ وارو آهي، نه ئي آکڻ وارو!. هو جيترو بي انتها ظلم ڪري ٿي، اوترو ئي کيس وڌيڪ نوازي، خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي!. 12 مئي تي برپا ڪيل قيامت کان وٺي وڪيلن کي جيئري ساڙي ماريندڙن کي روڪڻ، هڪ اداري جي ڪاغذ جي ٽڪريءَ جي وس ۾ ته نه نظر نٿو اچي!. مظوم سنڌي قوم کي دٻائڻ لاءِ تيار ڪيل ”خاص“ ماڻهن جي ”خاص“ جماعت، هن وقت هڪ اهڙي گهڻ مُنهين بلا ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن جي جڏهن هڪ منهن کي پڪڙيو وڃي، ته ٻي سان وارُ ڪري ٿي وٺي! ۽ ٻيو مُنهن قابو ٿي به وڃي ته، ٽيون پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اڳ ئي تيار ٿو هجي...!!.انهن گهڻن مُنهن مان هڪ دهشت گرد ٽولا به آهن، ته وزارتون، وزير ۽ اسيمبلي ميمبر به. اوچتو ئي عوام جي ”ڪاوڙجي“ وڃڻ جا طريقا به ..!!. هن گهڻ مُنهين بلا کي انسانن، ادارن، اختيارن ۽ حڪمرانيءَ جو جيترو وڌيڪ شڪار ڏبو، ان جا ويتر نوان مُنهن پيدا ٿي پوندا. وقت اچي ويو آهي ته هاڻي هر سطح تي، هرڪو، هڪ ئي ڳالهه چوي ته :”گهڻو ٿيو! بَلا کي وڌيڪ شڪار ڏئي، ايندڙ نسلن کي به غير محفوظ بڻائڻ جو ڪم نٿو ڪري سگهجي...!!.
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    توهين عدالت ۾ اڄ تائين ڪنهن کي ڪا سزا ملي آهي؟ گيلاني کي ته پي پي خود ئي هٽائڻ پئي چاهيو، ان ۾ عدليه صرف استعمال ٿي آهي نه ئي عدالت ڪو ڪمال ڪيو۔۔
    هي صرف صابڻ جي جهڳ آهي جيڪا وقت سان گڏ ويهي ويندي۔۔ ڪا به وڏي ڳالهه نه ٿيڻي آهي ۽ نه ئي ڪا توقع رکڻ جي ضرورت آهي۔۔ ڪا به سزا ڪو نه ٻڌائبي۔۔
    All is Well
     
  3. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    الطاف کي بيروني طاقت جو هٿ آهي۔ جيڪا نه چاهيندي ته هن ملعون کي ڪاسزا اچي ۽ جيئن اهي چاهيندا تئي ئي ٿيندو.ان بيروني طاقت جو صرف ۽ صرف مقصد پاڪستان ٽوڙڻ آهي ان لاءِ الطاف کي مهري جي طو ر تي استعمال ڪري رهياآهن ۽ الطاف ڪتي جو مقصد ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ ئي نه پرڪراچي کي هڪ ڌارملڪ جي حيثيت ڏيارڻ آهي بقول مرزا ذوالفقار جي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو