نثارابڙو
نائب منتظم

ڪٿي مون پڙهيو هو ته سٺي ۽ ڪارائتي عمل جي حمايت نه ڪرڻ به غلط ۽ بي ڪار ڪم کي وڌاءُ ڏيڻ جي برابر هوندو آهي ...
ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويٺل سنڌ جي وزير اعلا سنڌي ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ اهو عمل سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي ان ڏينهن کي قانوني حيثيت ڏني ويندي ...
سنڌ اسيمبليءَ جو اهو عمل ائين ٿيندو جيئن بي هوش ماڻهونءَ جي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻجن..
سنڌ اسيمبلي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي مفاد ۾ ڪو خاص ڪم ڪري ناهي سگهي، سنڌ جا حڪمران سنڌ کي بک بدحالي، لاقانونيت ۽ انڌا اونڌا ويڄ ڪري سنڌي قوم کي ڏکائيندا رهيا آهن ۽ مرض وڌائيندا رهيا آهن ...
آءُ سنڌ اسيمبليءَ پاران منظور ٿيل سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي مقرر ڪيل تاريخ جي آجيان ڪندس، ڇاڪاڻ اهو سٺو عمل هوندو.
جڏهن ته اهو ڪم سڀني قومي تنظمين ۽ حب الوطن دوستن کي گڏجي سڏجي ڪرڻو هيو پر افسوس جو ڪيترن سڄاڻ دوستن جي واويلا جي باوجود ڪا به تنظيم ان ڏس ۾ اڳتي وڌي نه سگهي ۽ وري به شابس هجي سنڌي ميڊيا وارن کي جن سنڌي ثقافتي ڏڻ ملهائي پاڻ سرخرو ڪيو آهي.
سنڌي ثقافت ڏڻ ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت اڻ ڳڻيا فائدا پون ٿا.
1. سنڌ جي ثقافت ڏيهان ڏيهه مشهور ٿئي ٿي.
2. سنڌ جي ثقافت جي ڏينهن ملهائڻ سبب حب الوطنيءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
3. سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سبب اسانجي اولاد کي قوم جي لئه ڪجهه ڪرڻ جو جذبو پئدا ٿئي ٿو.
4. سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سبب سنڌ جي ثقافت جا اهڃاڻ، جيئن ٽوپي، اجرڪ، ڪاشي، جنڊي ۽ ٻيون شيون عام جام ٿين ٿيون ۽ اها صنعت ترقي ڪري ٿي. جنهن سبب ڪيترا ئي سنڌي ماڻهون روزگار سان لڳن ٿا ...
5. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ دوستن کي گڏجڻ جو موقعو عطا ٿئي ٿو ۽ سنڌي ٽوپي اجرڪ سان سنورجڻ جو ڏينهن ملي ٿو.
6. سنڌي قومي شاعري ۽ قومي گيتن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿئي ٿي.
وغيره وغيره وغيره