سنده جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سلام سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي ۔۔۔۔
ادي ، سڀ کان پهرين آ جيڪڏهن هن موضوع تي ڳالهائيندس ته ان لا مونکي تمام گهڻو وقت گهرجي بحرحال پوءِ به آ مختصر طور تي سنڌ جي تعليم جي تباهي جا ڪارڻ بيان ڪندس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
چوندا آهن ته هڪ بادشاه جي زماني ۾ هڪ ملڪ ۾ جنگ لڳي جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن بادشاھ پنهنجي وزير کان پڇيو ته ڇا اسان جي ملڪ جي هر شيءَ تباه ٿي وئي آهي ۔ ان تي وزير وراڻيو ته ها سائين اسانجي هر هڪ شيءَ تباه ۽ برباد ٿي وئي آهي ۔ اهو ٻڌي بادشاه وري وزير کان پڇيو ته ڇا اسان جا تعليمي ادارا يا درسگاهون بچي ويون آهن ان تي وزير جواب ڏنو ته ها سائين اسان جا تعليمي ادارا تباه ٿيڻ کان بچي ويا آهن۔
ان تي بادشاه جذبات ۽ خوشي واري انداز ۾ وراڻيو ته اسان جو ڪجه به تباه ناهي ٿيو۔۔۔۔
سو هتي اسانجي هر هڪ شيءَ سميت اسانجا تعليمي ادارا پڻ تباھ ٿي چڪا آهن اسانجي تعليمي ادارن ۾ ڪڏهن اسناجي ڪنهن ليڪچرر کي ماري اداري جي تالابندي ڪئي ٿي وڃي ته ڪڏهن ڪنهن اسڪول جي هيڊ هٿان اسڪالر جا پئسا کائي اداري کي بند ٿو ڪيو وڃي ڪٿي ڪنهن اسڪول ۾ درس جي بجاءِ ڪنهن وڏيري يا ڀوتار جو واڙو ٺاهي ان م گڏھ ۽ جانور ٻڌا ٿا وڃن۔ وري جيڪڏهن اسڪول ۾ ڪٿي ڪو پڙهائي جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ته اتي ڪو نه ڪو مسئلو ڪري درس کي روڪيو وڃي ٿو خاص ڪري وري جيڪڏهن امتحانن جو ٽائيم اچي ٿو ته اسڪول ۾ شاگردن کان علاوه ايترو ته رش ٿئي ٿو جو ڪنهن بزرگ جو ميلو لڳل آهي ان لاءِ جو ڪاپي جي ڀرمار لڳل آهي وري به حڪومت ته اسانجي تعليم کي بلڪل تباه ڪيو آهي جو ڳاله ئي نه ڪجي پر ان ۾ ان سان گڏوگڏ اسانجو پڻ وڏو هٿ آهي۔
مطلب ته هرڪو حڪومت کان وٺي استاد يونين ، شاگرد يونين ، سياسي سماجي تنظيمن ۽ هر هڪ فرد ملي ڪري سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪيو آهي۔
خدارا هان انهن هر هڪ حڪومت کان وٺي استاد يونين ، شاگرد يونين ، سياسي سماجي تنظيمن هر هڪ فرد سڄاڻ ڌرين کي ملي ڪري سنڌ جي تعليم لاءِ ڪجه ڪرڻ گھرجي ته جيئن اسانجو مستقبل سنوارجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت