پهريون ننڍپڻ به عجيب هوندو آهي، پابنديون ته بنه نه وڻنديون آهن۔ توڙي جو اسڪول وڃڻ کان پهريان هر ٻار کي ڏسي دل چوندي آهي ته اسان به اسڪول وڃون پر جڏهن داخلا ٿي وڃي ٿي ته استاد ڪهاڙو لڳندو آهي، اسڪول وڃڻ کان موت ايندو آهي۔ ان باوجود به انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي استاد ئي اسان کي گهڙي ڪرت جهڙو ڪن ٿا۔
استاد هڪ شمع مثل آهي جيڪو ٻري ٻين کي روشني پهچائي ٿو. استاد هڪ پيغمبري پيشو آهي .استاد انسان کي جهالت مان ڪڍي شعور بيدار ڪري ٿو ننڍ وڏائي برائي ڀلائي بابت آگاه ڪري ٿو ادب ۽ اخلاَق سيکاري ٿو. پرافسوس اڄ استاد به متنازعه بڻجي چڪو آهي.هڪ ماڊل رول اداڪرڻ کان ڪاسر آهي. بس الله تعالا ئي شل استادن کي سمجه ڏي جو پنهنجي پيشي سان انصاف ڪرڻ لڳن ته هوند هي معاشرو سڌري پوي.
هڪڙو ٻار پنهنجي پي سان گڏ اسڪول ٿي ويو ته رستي تي هڪ ڪاسائي ٻڪر کي ڪن کان ورتيون ٿي ويو، ٻڪر گوهيون ڪندي پوئتي ڇڪي رهيو هو ته مالڪ اڳتي ۔۔۔۔ ٻار اهو لڪا ڏسي معصوميت سان چيو ته: ” بابا بابا ۔۔۔۔ هن ٻڪر کي به اسڪول ڏي پيا وٺي وڃن“ ننڍڙي لا بيشڪ ائين ئي لڳندو آهي ۽ اسڪول جي نالي سان ئي ٻارن کي الٽيون ۽ دست ٿي پوندا آهن ۔۔۔ پر وڏي لا خبر پوندي آهي ته تعليم ۽ هنر جو زيور ڪيترو اهم آهي ۔۔۔ آ جڏهن نائين درجي ۾ هيس ته منهنجي امڙ مونکي ٽائيپنگ سکڻ لا هڪ دڪان نمان اسنٽيوٽ ۾ وهاريو هو ۔۔۔ مون جيئن تيئن ڪري ٻه مهينا کن ٽائيپنگ جي دڪان تي ويس ۽ ڪورس پوري ڪرڻ کان اڳ ئي ڀڄي ويس ۔۔۔ خئير ڳالهه آئي وئي ۽ مون اهو وساري ڇڏيو ته مون ڪا ٽائيپنگ به سکي آهي پر ڪيترن سالن جي عرصي کانپو سعودي عرب ۾ هڪ نوڪري جي حاصل ڪرڻ لا جڏهن ڳالهه اڳتي وڌي ته سوال آيو ته ٽائپنگ اچي ٿي ته مون ها ڪئي، ۽ جڏهن ڪي بورڊ تي هٿ رکيو ته آٽي مينجر سمجهي ويو ۽ مونکي هڪدم پاس ڪندي چيائين ته جنهن کي ڪي بورڊ تي صحي هٿ رکڻ اچي ٿو ته باقي اسپيڊ پاڻ ئي وڌي ويندي۔ ۽ پو مون پنهنجي امڙ کي لک دعائون ڏنيون جنهن مونکي ان عمر ۾ ان دڪان تي علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ لا وهاريو هو ۔۔۔۔ مذاح ۾ سٺي ڳالهه چئي ويو آهي سجاد ۔۔۔۔