سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان ، ڇا لکي ڇا لکان سنڌ! هن نانوءَ کي اکيون پوري ٿورڙي دير لاءِ پنهنجي من اندر ورجائڻ سان ڪيڏو نه هنياءُ منجهه هڳاءُ ڦهلجي ٿو وڃي هڪ اُتساهه پيدا ٿي ٿو پوي، ڄڻ هڪ جيئندان ملي ٿو پوي، ڄڻ صدين جو سفر ڪري آيل مسافرڙي کي سنڌوءَ جي ڪنڌي تي نم جو ڇانورو ملي ٿو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو ديس آهي جتي محبت من ۾ پائي رنڊا روڙيا وڃن ٿا، اتان جي ديس واسين جي محبت کي ڪنهن به ترازو منجهه توري نٿو سگهجي ڇو ته انهن جو اڻ توريو ئي اگهائجو ٿو وڃي، سهڻي لطيف جي مٺڙي ٻولي ڳالهائيندڙ هي محبوب جي چپڙن جيان نفيسڙا سٻاجهڙا سنڌي هر ويل پنهنجي محبت جي ميٺاج سان ڌرتي جي سندرتا کي سراپيندا رهن ٿا ۽ پنهنجي چاهه جي چاشني سان ڌرتي ماتا کي ڪنهن نه ڪنهن سهڻي احساس سان ارپنا پيش ڪندا رهن ٿا. پنهنجي حياتي جا سڀئي سهڻا لمحا محبوب جي ڇاتي سان لڳڻ جي چاهنا کان ڌرتي جي آزادي جي گس تي گهارڻ ۾ ئي پنهنجي امرتا سمجهن ٿا. حياتي ۾ اها ئي خواهش رهي آهي ته ڌرتي ماءُ جي آزادي جي صبح جي سهڻي سج جي ڪرڻن کي اکين سان پسان شل منهنجا پُٽ ۽ پوٽا آزاد سنڌ جي ڳوٺڻ ۽ شهرن ۾ ڪُڏندا ۽ نچندا زندگي جا جوڀن ڏينهنڙا گهارين، ۽ جڏهن ۽ جتي سنڌ ماءُ کي ڪو ڪوسو واءُ لڳي ته اڳ اڳرا ٿي پنهنجي حياتي ڌرتي مٿان گهوري سدا سُرها ٿين. اها آس اندر منجهه سانڍي جيئان ٿو پيو، ڌرتي تي ڪيترا ڪِيس ڏسي اکيون لڙڪ روڪي نه سگهيون، پنهنجن جا پنهنجن سان دشمنيءَ وارا ويڇا ڏسي ٿر جي مورن کي مرندو ڏسي، پنهنجي ڌرتي تي نياڻين جي عصمتن کي لُٽجندو پسي، پنهنجا جوڌا جوان قوم کي گڏ ڪرڻ جي راهه ۾ ڪسجندا ڏسي اندر ڀورا ڀورا ٿي پوي ٿو، هنياءُ اندر خنجر کُپندي محسوس ڪيان ٿو، ۽ روئي پوان ٿو ته منهنجي جيجل جي سيني تي هي ڪلور ڪيسيتائين جاري رهندا. پر هاڻ اها آس جاڳي پئي آهي، آزادي جي صبح کي خبر ناهي نه ڏسي سگهان پر آزادي ڏانهن ويندڙ هن قوم کي گڏ ٿيندي ضرور ڏسي رهيو آهيان، منهنجي اها آس مُئي ڪونهي، منهنجا پُٽ نه ته پوٽا ضرور جيجل جي ماءُ جي ٿڃ ملهائيندا، هي ميڙاڪا ڏسان ٿو، سنڌي قوم کي هڪ ٿيندي ڏسان ٿو، شايد اهو ئي منهنجو خواب هو جنهنکي اکين سان پسڻ لاءِ مان هيل تائين جيئرو رهيو آهيان. شل ڌڻي در دعا آهي ته منهنجي جيجل جي سيني تي محبتن جي ميلا مچندا رهن، ڌرتي جا ٻارڙا، ٻارڙيون، پوڙها ۽ پڪا، جوانڙا توڙي نياڻيون، امڙيون توڙي ڀينرون جيجل جي مٺڙي ٻولي ۾ ٻوليندا ، ڳائندا وتن ته ..مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان، تنهنجا دشمن ڏسان ڪنڌ تن جو ڪپيان.. يا وري اهو ورجائيندا رهن ته. تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان، الا مٽيءَ ماٿي لايان. سنڌ منهنجي امان جي نالي سان اهڙا ڏينهن صدين تائين ملهائجندا رهجن، مان هجان نه هجان منهنجي سنڌ ڌرتي تا قيامت قائم رهي. آمين. دعاگو۔۔۔منظور ڪلهوڙو
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان هڪڙو قلم ۽ هڪڙو مان ، ڇا لکي ڇا لکان لاجواب شاعري سچ پچ ته هي سنڌ جو ترانو هجڻ کپي۔
منهنجا ڀاءُ لاکيڻي لطيف جي ٻوليءَ جو هر هڪ ٻول منهنجي مٺڙي جيجل جو ترانو ئي ته آهي، ڇا لکي ڇا لکجي۔۔۔۔؟
منهنجا ڀا لڳي ٿو توهان منهنجي ڳالهه کي سمجهيو ئي ڪونهي، منهنجا سپرين مان ايترو به اٻوجهه نه آهيان جو لطيف جي شاعري کي نه سمجهي سگهان۔۔۔منهنجو چوڻ جو مقصد آهي ته سنڌي ٻولي (جنهن کي ارپنا طور لطيف جي ٻولي ڪوٺيان ٿو) ۾ لکيل هر هڪ ٻول منهنجي سنڌ جو ئي ته ترانو آهي۔ مون اهو نه چيو ته مٿيان ٻول لطيف سائين جي شاعري آهن۔۔۔۔ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا۔