نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ جيئي سنڌ سلامت
دوستو ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سنڌ سلامت ڊاٽ 21 ڊسمبر 2012 ثقافتي ڏيهاڙي تي پنهنجي خوبصورت رنگن سان پيش پيش هُئي ۽ سنڌي ثقافتي پروگرام ۾ هر اول ڪردار ادا ڪيو ۔ ساٿيو، توڻي جو هي جهونو نثارناز توهان سڀني دوستن جي نظر ۾ هاڻي گهڻو اوپرو لڳندو هُجي پر منهنجي نظر ۾ سنڌ سلامت ۽ ان جا سمورا ساٿي منهنجي لا اهي ئي محترم ۽ پيارا آهن انهن سان ۽ سنڌ سلامت سان منهنجو روح جو رشتو آهي انهن سان مُنهنجو رشتو اُڻ ٽُٽ آهي ۽ سدائين اڻ ٽُٽ رهندو۔ 21 ڊسمبر 2012 تي ڪافي سارا ادبي ثقافتي ميڙاڪا ادبي ريفرنس ادبي مذاڪرا ٿيا ان ۾ سنڌ سلامت جي سئو فيصد شرڪت هُئي هر سنڌي ڀا توڻي سنڌي ڀيڻ سان اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جو تذڪرو ضرور ڪيو هُوندو۔ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام مونکي سُڃاڻپ ڏني آهي ۽ ان کي وساري ڇڏيان اهو ممڪن ڪونهي جڏهن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري جهڙو اهم عهدو مليو اٿم تڏهن کان روزانو ادبي ميڙاڪا، ادبي مهمان دوستن جو اچڻ وڃڻ وڏي ڳالهه ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي لائبريري کي وقت ڏيڻ جي ڪري سنڌ سلامت تي اچڻ تمام گهٽ ٿي ويو آهي باقي جيڪي ادبي پروگرام انهن جي ڪوريج فيس بُڪ تي رکڻ منهنجي مجبوري آهي اتي جيڪي به ادبي پروگرامن جون تصويرون سماجي پروگرامن جون تصويرن جا فائل رکندو آهيان ان ۾ رپورٽنگ جي حوالي سان پنهنجي پاڻ کي سنڌ سلامت جو هڪڙو ادنى ميمبر سڏائيندي فخر محسوس ڪندو آهيان۔ خير ڳالهيون توهان وٽ به کوڙ هونديون ڳالهيون مون وٽ به کوڙ هونديون هي ڪالهوڪيون تصويرون آهن 21 ڊسمبر ايڪتا ڏينهن جي سلسلي ادبي سماجي پروگرامن جو تصويرون آهن انهن تصويرن ۾ توهان ڏسندا ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي جهرمر ڪندڙ جهلڪ توهان کي ضرور نظر ايندي ۔

يار سلامت صُحبت باقي منهنجي سنڌ سلامت ته محبت باقي

سنڌ مشهور فنڪاره ثريا سومرو 21 ڊسمبر 2012 تي سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ثقافتي رنگا رنگ پرو گرام جيڪو سوڪ سينٽر چوڪ ٽنڊو محمد خان تي منعقد ڪرايو ويو هو ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي سائٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مائڪ لوگو تان قومي گيت ڳاتا

مرحومه فوزيه سومرو جي ڀاڻيجي ثنا سومرو قومي گيت ٻُڌائي رهي آهي سنڌ سلامت جي خوبصورت رنگ جي جهلڪ هن تصوير ۾ توهان کي نمايان نظر ايندي

ماسٽر علي حسن سولنگي قومي گيت ڳائي رهيو آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو مائڪ لوگو سندس هٿ ۾ آهي

21 ڊسمبر 2012 ثقافتي رنگ رنگ پروگرام ۾ سنڌ سلامت پاران معزز مهمانن کي ڀليڪار جو پينا فليڪس باقائده آويزان ڪيو ويو هو

سنڌ سلامت جو جهونو نثارناز پنهنجي سنڌ جي ثقافتن جي رنگن کي اُجاگر ڪرڻ ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جا رنگ به اجاگر ڪري رهيو آهي

سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي جوائينٽ سيڪريٽري آپا مهرالنساءِ لاڙڪ 21 ڊسمبر 2012 ثقافتي ڏيهاڙي جي حوالي سان ڪرايل اسنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران ادبي ڪانفرس کي صدارتي خطبو ڏئي رهي آهي سنڌ سلامت جو رنگ توهان کي هتي به نمايان نظر اايندو

سنڌ سلامت جو جهونو نثار ناز ڇا توهان کي نظر اچي ٿو ته سنڌ سلامت کان ڌار هُجي

سنڌ مشهور ليکڪه نسرين الطاف ۽ سنڌ سلامت جو محبتي رنگ

سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدراآباد جو سيڪريٽري محترم امين لاکو سنڌ سلامت جا رنگ سنڌي ثقافت جا رنگ

ايس ٽي پي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌ سلامت ڊاٽ کان پري ڪونهي

سنڌ ٽي وي جو نمائندو بابو جميل ميمڻ سنڌي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ۽ سنڌ سلامت جا ٿورا مڃي رهيو آهي