• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خواب ڇا آهي؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
خواب ڇا آهي
مخمور بخاري​

خواب اکين ۾ جاڳن ٿا پيا
خواب اسان جا قيدي نه آهن
خوابن جا اسان قيدي آهيون
خواب پرديسي ٿيندا ناهن
خوابن جو ڪو ديس ته آهي
شايد تنهنجون منهنجون اکڙيون
پر ڇا تو هي ڄاتو آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
سکي جي هٿن تي چڙهيل
ميندي جو ڪو رنگ ته آهي
خواب شايد
هُن جي ٻانهن ۾ پاتل
چوڙين جو ڪو کڙڪو آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
سکيءَ جي پهرين چمي ۽
پهرين ڀاڪر جو ڪو لمس ته آهي

خواب شايد
ڪنواري جو ڪو پهريون پيار
ڪوَي جي ڪا پهرين ڪويتا
ماڪ ڀنل صبح سمي جو
ڪو منظر
خواب شايد
ساهن جي جهيڻن سرن ۾ ستل
ڪنهنجي
سار _ او سار آهي
خواب ڇا آهي؟
خواب شايد
پيٽ بکايل ٻار جي،
ماني لئه ڪا آس آهي
ڏک آهي
پيڙا آهي
محرومين جو بار آهي
ٿوهر جي ڪا تلخي آهي
خواب ڇا آهي؟

خواب شايد
لاحاصل جو حاصل آهي
اڻپورو احساس ڪو آهي
ڪو وڃايل،
اکين ۾ رهجي ويل منظر آهي
خواب ڇا آهي؟
تو به نه ڄاتو!
مون به نه ڄاتو!!
خواب ڇا آهي؟
خواب ڇا آهي؟ !!
 
ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي مهرباني پر ڪڏهن ڪڏهن دل مان اها اه به نڪرندي آهي ته ڪاش اهو خواب سچ ٿي پوي ها ته ِ ِ ِ ِ ِ ِ ِ ِ ِ ِ پر اوهان جي ڳاله وانگر ته
خواب اسان جا قيدي نه آهن
خوابن جا اسان قيدي آهيون
سو اسان ڪجه به ناهيون ڪري سگهندا سوائي پهنجي مقدر جي انتظار کان سواءِ
ادا اوهان جي ان لاجواب شيئرنگ جي تمام گهڻي مهرباني
 
زبردست شاعري

ادا مگسي اهو آزاد نظم انتهائي شاندار آهي، اڄ خبر پئي توهان ته تمام سُٺا شاعر به آهيو ۽ تمام تمام بهترين شاعري ڪندا آهيوتوهان خوابن جي جديد تشريح ڪئي آهي، جيڪا توهان جي هن شاعري کي منفرد بنائي ٿي. تمام بهترين شيئر نگ آهي​
 
خواب اکين ۾ جاڳن ٿا پيا ...

خواب ولي الله لاءِ رسالت آهي
خواب عاشق لاءِ اميد آهي
خواب انسان لاءِ آسرو آهي
خواب بيمار لاءِ چنتا آهي
خواب حيوان لاءِ ڊڄ آهي
خوابن جي دنيا عجيب آهي
سمجهي وڃي انسان ته ولي آهي
خوابن کي ڪري سگهجي ٿو وس پنهنجي
عمل جي دنيا ۾ جي انسان تڪڙو آهي ...

روئڻ سان ايندو خواب روئڻ جو
کلڻ سان ٿيندو خيال کلڻ جو
جي ٿيندي دوست ڌڻيءَ جو ته
خواب به ايندو حبيب جو
جي ٿيندي ساٿي شيطان جو
ته خواب به ايندو ملعون جو
جي ڪندي ياد طبيب کي
ته خواب به ٿيندو علاج مرض جو

جي بک ته خواب بک جو
جي سک ته خواب سک جو
جي چڱائي ته خواب چڱو
جي برائي ته خواب برو
جي ڏينهن ۾ مرض ته
ته رات به مرض ۾
خواب ڇا آهي؟
تو به ڄاتو!
مون به ڄاتو!!
 
ادا مگسي شيئرنگ ته لاجواب آهي پر ياد رکو شاعر جو نالو لکڻ ڪڏهن نه وساري ڪندا ڪريو۔۔۔
خوب ڇا آهي؟ ان ۾ سلسلي ۾ سائين نثار ابڙو جو لکيل ” خواب تو به ڄاتو مون به ڄاتو “ بهترين جواب آهي ۔۔۔۔
 
مٺا تمام بهترين شيئرنگ آهي، ادا مگسي، شاعري جو جواب شاعري ۾ ڏيڻ سائين نثار ناز ئي ڄاڻي باقي اسان واهه واهه ڪرڻ وارا آهيون
 
ادا رشيد
حق موجود
سائين آءُ به حيران هيس ادي مگسي جي ان پوسٽ تي ته اچانڪ ڀائڙي اهڙي فڪري گهرائي ۽ ادبي لفظن سان اهڙو سهڻو شعر ڪيئن تخليق ڪيو ... بهرحال، دوستن کي ور ور ڪري گذارش آهي ته ٻيلي ايئن نه ڪيو، ڪا به شئي پوسٽ ڪيو ته تحقيق ڪري ڪيو ۽ مهرباني ڪري ليکڪ جو نالو ضرور لکو ... اها اسان سڀني جي اخلاقي ذميواري پڻ آهي ...
ڀاءُ رشيد، مون واري جواب پسند ڪرڻ جي مهرباني، مخمور صاحب جي شعر جو اهو ڪمال هيو جو پڙهندي ئي اهو جواب لکجي ويو ...
سدائين گڏ
 
Back
Top