• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ جا مسئلا

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم،
سنڌ سلامت جي ٽيم کي آئون مبارڪون ۽ سلام پيش ٿو ڪريان جو هن مصروفيت واري دور ۾ به پنهنجي ٻولي لائي ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪري رهيا آهن۔ توهان جي هن ڪاوش جي داد ڏيڻ اسان جي خوش نصيبي آهي۔

ادا مون وٽ ٻه مسعلا اچن ٿا جڏهن آئون سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ کي کوليندو آهيان۔
1۔ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي مٿان جيڪي نيويگيشن مينيو آهن، ان جي هيٺ واريون لنڪون مون وٽ درست نه پيون نظر اچن۔ ان جو اسڪرين شاٽ به هيٺ ڏنو اٿم۔
2۔ جيئن آئون سنڌسلامت جي ويب سائيٽ کوليان ٿو ته هڪ زپ فارميٽ جي فائل ڊائونلوڊ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔

29yjujs.png

مهرباني ڪندا ته ان کي درست ڪندا يا ان جو ڪو حل پيش ڪندا۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
ادا عبدالرحيم پنهور جي مهرباني جن ٻن اهم مسئلن ڏانهن توجه ڏياري۔۔۔ ٻنهي مسئلن جي تفصيل ۽ حل هيٺ ڏجي ٿي۔۔۔

1۔ سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي مٿان جيڪي نيويگيشن مينيو آهن، ان جي هيٺ واريون لنڪون مون وٽ درست نه پيون نظر اچن۔ ان جو اسڪرين شاٽ به هيٺ ڏنو اٿم۔
ڪجهه ڏينهن اڳ به دوستن اها شڪايت ڪئي هئي۔۔۔ پر مون وٽ يا منهنجي ٻين دوستن وٽ اهو مسئلو نظر نه آيو۔۔ توهان طرفان ٻيهر متوجه ڏيارڻ کان پوءِ غور ڪيم ته ڳالهه واضح ٿي پئي۔۔ سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ ۾ مسلسل تبديليون آڻڻ ڪري ڪجهه ٽيمپليٽ ڪوڊنگ برائوزرس جي سيٽنگ سان مطابقت نه ٿي رکي۔۔ پر جيڪڏهن سڪرين ريزوليوشن کي بهتر رکجي ته سنڌ سلامت جو نظارو بهتر نظر اچي ٿو۔۔۔ هتي مان توهان طرفان شڪايت ڪيل اسڪرين شاٽ تحت جڏهن پنهنجي ليپٽاپ اسڪرين کي 1024x 768 تي آڻي سنڌ سلامت کي ڏٺو ته اسڪرين ڪجهه هن طرح نظر آئي۔۔۔


۽ جڏهن سڪرين ريزوليوشن کي وڌايم ته اسڪرين بهتر ٿيندي نظر آئي۔۔۔


دوستن کي گذارش آهي ته جيسين سنڌ سلامت جي ٽيمپليٽ تي ڪا تبديلي آندي وڃي تيسين پنهنجي مانيٽر جي اسڪرين ريزوليوشن 1024x 768 کان مٿي سيٽ ڪن ۔۔۔
 
ادا عبدالرحيم پنهور جي مهرباني جن ٻن اهم مسئلن ڏانهن توجه ڏياري۔۔۔ ٻنهي مسئلن جي تفصيل ۽ حل هيٺ ڏجي ٿي۔۔۔

توهان جي ٻئي سوال ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔
2۔ جيئن آئون سنڌسلامت جي ويب سائيٽ کوليان ٿو ته هڪ زپ فارميٽ جي فائل ڊائونلوڊ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔
هي مسئلو تڏهن سامهون ايندو آهي جڏهن توهان فائرفاڪس برائوزر استعمال ڪندا هجو ۽ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر انسٽال ٿيل هجي۔۔۔ ڇو ته ان جي ڊيفالٽ سيٽنگ ۾ ڪجهه فائيلز جا ايڪسٽينشن رکيل آهن جن لاءِ سيٽنگ رکيل آهي ته انهن کي حرڪت ۾ ڏسندي ئي ڊائونلوڊ ڪيو وڃي۔۔۔ ان جا ٻه حل آهن۔۔
حل نمبر هڪ تحت توهان آئي ڊي ايم کولي ٽولبار مان Options آئڪان تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جتان File types ٽيب چونڊيو۔۔۔ هتان Automatically start downloading the following file types سيڪشن منجهان MP3 ۽ Zip فائيلز ايڪسٽينشنس کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔

how+to+fix+automatic+download+problem+of+IDM1_thumb%5B2%5D.png
حل نمبر ٻه تحت آئي ڊي ايم کولي ٽولبار مان Options آئڪان تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جتان File types ٽيب چونڊيو۔۔۔ هتان سڀ کان آخر ۾ موجود Don't start downloading automatically from the following sites جي هيٺان موجود بٽڻedit list بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ نئين کلندڙ ونڊو ۾ مينيوئلي هيٺيان ٻه يو آر ايل ايڊريسز Add ڪريو۔۔۔
 
توهان جي پهرين مسئلي کي به نيوبار تي موجود لنڪس جي لفظن کي مختصر ڪري درست ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
 
ادا ذيشان رشيد توهان جي ڏسيل طريقو مون آزمايو آهي، ان سان واقعي ۾ منهنجا ٻئي مسعلا حل ٿي ويا آهن۔
 
سائين اسلام عليڪم سائين سٺو ٿيو جو دوستن هي ڳالهه ڪئي مون سان به هي وڏو مسئلو هيو هاڻي سنڌ سلامت کوليندي ديد اتي پهچي وئي سائين ذيشان رشيد صاحب ٻه طريقا ڏسيا پهرين ۾ ئي ڪم زبردست ٿي ويو لک ٿورا توهان جا مهرباني سنڌ سلامت
 
Back
Top