سهڻي سنڌ

هن سونهن کي سانڍي رکو هن سنڌ کي سانڍي رکو
هن سونهن راڻيٕ سنڌ جي هر دنگ کي سانڍي رکو
ٽوپيون ۽ اجرڪون پهراڻ ڀي سڀ پائيو
ترها رکو پٽڪا ٻڌو۽ ونگ کي سانڍي رکو
تهذيب کي سڀ توريو سنڌ ڏي سڳي کي سوريو
هر پير ۽ هر وک جي هن پنڌ کي سانڍي رکو
او روشني او سوجهرا توڏي وري پيو تانگهيان
جو راه روشن ٿي پوي تنهن رنگ کي سانڍي رکو
هن راڄ کي هن ڀاڳ کي ڪيو سنڌ تان قربان سڀ
جو چاه ڏي هن سنڌ سان تنهن چنگ کي سانڍي رکو
 
Back
Top