سعودي عرب جي شهر جده ۾ سنڌي ثقافتي ميڙاڪو

'تصويرون ۽ وڊيوز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪجهه ڏينهن اڳ مڪي پاڪ ۾ رهندڙ دوست سليم رند فون ڪندو رهيو ته جده شهر ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو ڪو پروگرام آهي ... مو کيس چيو ته تون ان پروگرام تي نظر رکجانءِ جي ڪو اهڙو موقعو ملي ٿو ته پاڻ ضرور شامل ٿينداسون، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ۾ سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ هڪ سٺو ۽ ڪارائتو عمل ٿيندو ...

    21 ڊسمبر تي مونکي سليم جي دعوت جو انتظار هيو ته اوچتو سندس فون تي نياپو پهتو ته سائين تيار رهو، نماز کانپوءِ تياري آهي ... بس پوءِ ته واه واه ٿي وئي جو سليم سان گڏ طائف۾ رهندڙ سنڌي شاعري ڪندڙ، سنڌ سان پيار ڪندڙ دوست يعقوب کوسو پڻ اچي نڪتو، جن سان گڏجي جده طرف رخ ڪيوسون ... بس پوءِ ته ڪچهريءَ ۾ خبر ئي نه پئي ته ڪيئن پهچي وياسون ...هال جي ڳولها ڪري وڃي هال تي پهتاسون جيڪو اڃان خالي پيو هو ...

    دوست سليم رند! جده ۾ رهندڙ سنڌ دوست ساٿي دانش لطيف تيوڻي کي فون ڪئي ۽ کيس منهنجو به ٻڌايو ته دوستن مانُ ڏيندي هڪ دم ملڻ جي حامي ڀرييندي چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو سهڻو شاعر ۽ پيارو نماڻو انسان صغير جتوئي پڻ اچي رهيو آهي.

    بس پوءِ منهنجي عيد جو ڏينهن شروع ٿي ويو ... سنگت آئي ڀاڪر پاتاسون ۽ چوياري شروع ٿي وئي، حال ۾ وڃي ويٺاسون جيڪو اڃان خالي پيو هو. سنگت سان ڳالهيون ڪندي خبر ئي ڪون پئي ته حال ڪيئن ڀرجي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هر طرف سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ملبوس سنڌي نوجوان سون جي تعداد ۾ اچي پهتا بس پوءِ تي جيئي سنڌ جا نعرا ۽ سنڌيت جي اهڙي ته هٻڪار پئي آئي جو .... دل باغ وبهار ٿي وئي ... سهڻا سنڌي، مٿان وري نوان ڪپڙا، اجرڪ ٽوپيون پائي هڪٻئي سان ڀاڪرين پئي پيا ... سچ پڇو ته اهڙو عيد جو ڏينهن مون ڪڏهن ڪون ڏٺو ....

    پروگرام جا آرگنائيز دوست ساريا، جويا ۽ جمالي هيا جن سنڌيت جي شان ۾ تمام سهڻو ڪم ڪيو ۽ بس پوءِ ته سنڌ جا گيت شروع ٿي ويا ... جذبا وڌندا ويا ... دوستن ٻڌايو ته پروگرام ۾ اوهان کي به ڳالهائڻو آهي، جيتوڻيڪ پنڊال تي ڳالهائڻ جو ڪو خاص تجربو يا تياري ڪون هئي پر پوءِ به سنڌ جي عيد جي خوشيءَ ۾ جيڪي لفظ نڪتا سي اجهو هن وڊيو ۾ ظاهر آهن

    ۽ آءُ پنهنجا هي لفظ سموري سنڌي قوم کي ارپيان ٿو ... ان اميد سان ته ايندڙ سال اهو ڏينهن هڪ ڏينهن هوندو ۽ اسين سڀ ان ڏينهن کي ثقافتي عيد ڪري ملهائينداسون ... سلامت هجي سنڌ ساري ۽ سلامت هجن سنڌي سٻاجهڙا ...

    هيءَ وڊيو دوست دانش تيوڻي جي ٿورن سان پيش ڪريانٿو ........
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ۔۔۔ خوشي ٿي اوهان جي وڊيو فيسبوڪ واري ڏٺيسين ۔۔۔

    سڀ دوست گڏ ٿيا ، سچ پڇو ته گهڻي خوشي ٿي۔ ثقافتي ڏينهن ڄڻ ته سنڌين کي ملايو آهي پر دعا ڪيو ته اسان ان ڏينهن کي علمي انقلاب ۾ تبديل ڪيون۔ صرف ڊانس ۽ ناچ گاني سان ڪم نه هلندا۔ بلڪل ان ئي ڏينهن وانگر اسان کي علمي ڏينهن ملهائڻ گهرجي۔

    شال سنڌ کان ڏور (سندن ساهه سنڌ ۾ گهمندڙ) رهندڙ دوست سدا خوش هجن ۔۔۔۔ اوهان کي سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو