آئينو ڪڏهن ايجاد ٿيو هو؟ آئينو ۽ ان جو استعمال 6000 قبل مسيح کان انسان جي معمولات ۾ شامل آهي۔ سڀني کان پهريائين آئينو پٿر کي رڳڙي ٺاهيو ويندو هو۔ پٿر کي رڳڙي رڳڙي هڪ چمڪيلي سطح حاصل ڪئي ويندي هئي جنهن ۾ عڪس نظر ايندو هو۔ شيشي جا ٺهيل آئينا پهرين صدي عيسوي ۾ رومن قوم ٺاهيا هئا پر اهئي گهڻا شفاف نه هئا۔6000 سال قبل مسيح ۾ پٿرن مان ٺهيل آئينا ترڪي ( پراڻو نالو انا طوليه) مان مليا۔ اڄ ڪلهھ جا آئينا هڪ جرمن سائنسدان ايجاد ڪياهئا۔ هن شيشي مان آئينو 1835ع ۾ ايجاد ڪيو هو۔پٿر جي زماني کانپوء دهات جو زمانو آيو ته ٽامي جي چمڪيلي سطح وارا آئينا ٺاهيا ويا۔ اهئي ڪافي مهنگا هوندا هئا ۽ صرف امير ماڻهون ان کي خريد ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي طاقت رکندا هئا۔ آئيني جو اهم جزو شيشو آهي۔ حقيقت ۾ شيشو بذات خود هڪ اعلي درجي جو عڪس فراهم نه ڪندو آهي انڪري شيشي کي چاندي، ڪروم يا سون جي تهھ ڏيڻي پوندي آهي۔ سون ۽ چاندي جي مهنگي هجڻ جي ڪري ايلومينيم جو استعمال آئينو ٺاهڻ ۾ ڪيو وڃڻ لڳو۔ سائنسي آلات جي لاء ايلومنيم آڪسائيڊ جو تهھ لڳل آئينو استعمال ٿيندو آهي ۽ زياده تر اهو تهھ پويان نه پر اڳيان لڳل هوندو آهي تاڪي شيشي جي موٽائي عڪس جي ڪوالٽي کي خراب نه ڪري۔ محترم ميمبرس، اسان پنهنجي شهزادي بلال مصطفي جي معلومات واري ڊائري ۾ آئيني جي باري ۾ ضروري ڄاڻ توهان سان هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي ونڍ ڪري رهيا آهيون ۔ اميد ته اها معلومات اوهان لاء ڪارآمد رهندي ۔ توهان جي ويچارن جو انتظار رهندو۔
سائين بسم الله بهترين ڄاڻ ۔ انسان پنهنجي اندر جي هڪ اهڙي راز کي مادي ملڪيت ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اصل ۾ سالڪن جوچوڻ آهي ته انسان کي پنهنجي اندر جي انسان ڏسڻ جي هميشه ضرورت رهي آهي پر هن جو پنهنجي اندر جو چهرو ايڏو ته خوفناڪ رهيو آهي جنهن جي ڏسڻ جي هن ۾ جرئت ناهي رهي پوءِ بس پنهنجي ان اندر جي آواز کي دٻائڻ لاءِ اهڙين مادي شين جو سهارو وٺندو رهيو آهي ورنه هن کي پروردگار اهڙو آئينو عطا ڪيو آهي جنهن ۾ انسان پنهنجو ظاهري و باطني چهرو روزِ روشن جيان ڏسي سگهي ٿو ۔ وسلام
محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب۔ توهانجي ننڍڙي ايڏي معلومات ڪٿان هٿ ڪئي آهي؟ هن جي ڊائري مان جيڪا به معلومات سان ڀريل ليک هت شِئر ڪيا اٿئو،ان کي پڙهڻ سان اسان جي معلومات ۾ واڌ آئي آهي۔ ننڍڙ کي اسان جي طرف مهرباني چئجو۔
تمام سٺو ۔۔۔ لڳي ٿو ته اسان جو هي ننڍو ڀاء سٺو ڄاڻو ٿيندو ۔۔۔۔ آئيني يا آرسيء جي ڳالهه نڪتي ته نارائڻ شيام جون سٽون ياد اچي ويون: آرسيءَ آڏو بيـهي تـو ڪـيو سينگار پئَــي هيڪلي هوندي به تو پئَي مڙي هر هر ڏٺو گهر ۾ ڪوئي ڀي نه هو توڻي جو ان مهل تي توکي ليڪن پڪ هئي “ هُو ” اتي موجود هو ! نارائڻ شيام