سهڻي پارس
سينيئر رڪن
هڪڙي غلطي....
هڪڙي غلطي
ماضئ ۾ ڪنهن وڻ تي
لکيل نالي وانگر،
مون کي ياد ايندي رهي ٿي،
ٿڌ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪئين لمحا،
هڪڙي ئي شروعات ۾ختم ٿيندا ٿا وڃن،
ڇو تـ تون ناهين،
وري ترين تي چٽيل بي معنيٰ لڪيرن تي
اعتبار ڪرڻ جي موسم پئي اچي
الائي ڇو؟
تنهنجي نانءُ سان سڀئي موسمون،
مون ۾ ائين پيسجي ٿيون وڃن،
جيئين سهڪندڙ ماڻهوءٌ جي ،
نڙيءَ تي پاڻيءٌ جا ڦڙا..............سهڻي پارس