سهڻي پارس
سينيئر رڪن
هاڻي سڀاڻي.......
هوءَ ايڏو جومرڪي ٿي پئي،
اندر جو درد لڪائي
چپن تي مرڪ سجائي
اکين ۾ ڪجل پائي
نوان ويس پهري
پرس ۾ ڪئين قلم ۽
ڪاغذ،
جيڪي شايد سندس
ڪنهن ڪم جا بـ ناهن،
اهي کڻي گهران نڪري ٿي،
کيس خبرناهي تـ
هن کي ڪيڏانهن وڃڻو آ،
هن کي ڪهڙو ڪم آهي،
ٻـ ٽي ڪتاب سيني سان لائي،
اکين تي نظر جي عينڪـ لڳائي،
هوءَ گهران نڪري ٿي،
۽ سڄو ڏينهن روڊن رستن تي،
اهو سوچي وقت گذاري ٿي،
تـ ڪهڙو ڪم هو؟
ڇا ڪرڻو هو؟
آخر آسمان تارن سان ڀرجي
وڃي ٿو،
۽ هوءَ ٿڪل ٽٽل هارايل،
خالي گهرموٽي ٿي،
۽ پنهنجي هٿ ۾ پيل،
ڪتابَ،۽ پرس کي،
ڪنهن ڪنڊ ۾رکي
اڱڻ۾ پيل
کٽ تي ليٽي ٿي،
۽ سوچي ٿي،
تـ اڄ جو ڏينهن بـ
گذري ويو!
هاڻي سڀاڻي..........؟؟؟؟؟؟؟؟