You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
ساهـ ٿي پئو
تون ئي منهنجي اس آهين
تون ئي منهنجي ڇانو ٿي پئو
تون ئي منهنجي دل ۾ آهين
تون ئي منهنجي نانء ٿي پئو
تون ڪو پراڻو پنڌ آهين
تون نئين ڪا راهـ ٿي پئو
موسمون سڀ ساهـ منهنجا
تون بـ منهنجا ساهـ ٿي پئو
............................... سهڻي پارس
بهارن جي خيالن ۾ خزان موسم هلي آئي
اها ئي اوچتي سورن سمورن سان ملي آئي
ڇٽا جيڪي هئا منهنجا زخم ماضي ويا چڪجي
اڃا شايد سوائي درد سان گڏجي رلي آئي
ڪيا واعده هئا گڏجي رهڻ جا جن پيارن سان
ٿيا پنهنجا پروا جڻ خبر اهڙي هلي آئي
سهي تعنا ڏسي ڏکڙا ڪيم جنهن سان وفا پوري
صنم ساڳو ڪري پنهنجو ملي تنهن سان کلي آئي
اڙي عبدا خزان توسان وفاداري ڪئي ڪيڏي
کڻي ڏکڙا سمورا ئي وري تو وٽ گھلي آئي
عابد بلوچ ديشي