سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ساروڻيون
ڪا سار ،ڪا ياد،
ڪا ڳالھـ ڪجھ بـ نـ رھيو،
ھوءَ مون کان،
منھنجو سڀ ڪجھ وٺي وئي،
ھوءَ مون کي اڻپورو ڇڏي وئي،
ھوءَ منھنجين اکين ۾،
لڙڪ جيان ڄمي وئي،
ٿڌ جي احساس جيان اندر ۾
جذب ٿي وئي،
احساس۽ ڳالھيون اڻپوريون
ڪري وئي،
مان ھن کي پڪاريان ٿي،
آسمان ڏانھن نھاريان ٿي،
ڏور جيڪو آسمان ۾ چنڊ آ،
۽ ان جي ڀڪ ۾ھڪ چمڪندڙ
سڀن کان نمايان ھڪ تارو آھي،
تنھن ڏي روز نھاريان ٿي،
۽
ان ۾پنھنجوپاڻ کي ڳولھيان ٿي،
لوچيان ٿي،
سوچيان ٿي
ھوءَ منھنجو ئي لکيل ڪو
نامڪمل نظم بڻجي وئي،
منھنجي ئي چيل ڪنھن غزل
جو اڌورو ساز بڻجي وئي،
ھوءَ ھڪ خواب بڻجي وئي،
ھڪ ياد بڻجي وئي،
ھڪ درد بڻجي وئي،
منھنجا ٽٽل ساھ بڻجي وئي،
ھوءَ مونکي ڇڏي وئي،
ھوءَ مون کي ڇڏي وئي..............