ساروڻيون

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
ساروڻيون
ڪا سار ،ڪا ياد،​
ڪا ڳالھـ ڪجھ بـ نـ رھيو،​
ھوءَ مون کان،​
منھنجو سڀ ڪجھ وٺي وئي،​
ھوءَ مون کي اڻپورو ڇڏي وئي،​
ھوءَ منھنجين اکين ۾،​
لڙڪ جيان ڄمي وئي،​
ٿڌ جي احساس جيان اندر ۾​
جذب ٿي وئي،​
احساس۽ ڳالھيون اڻپوريون​
ڪري وئي،​
مان ھن کي پڪاريان ٿي،​
آسمان ڏانھن نھاريان ٿي،​
ڏور جيڪو آسمان ۾ چنڊ آ،​
۽ ان جي ڀڪ ۾ھڪ چمڪندڙ​
سڀن کان نمايان ھڪ تارو آھي،​
تنھن ڏي روز نھاريان ٿي،​
۽​
ان ۾‌پنھنجوپاڻ کي ڳولھيان ٿي،​
لوچيان ٿي،​
سوچيان ٿي​
ھوءَ منھنجو ئي لکيل ڪو​
نامڪمل نظم بڻجي وئي،​
منھنجي ئي چيل ڪنھن غزل​
جو اڌورو ساز بڻجي وئي،​
ھوءَ ھڪ خواب بڻجي وئي،​
ھڪ ياد بڻجي وئي،​
ھڪ درد بڻجي وئي،​
منھنجا ٽٽل ساھ بڻجي وئي،​
ھوءَ مونکي ڇڏي وئي،​
ھوءَ مون کي ڇڏي وئي..............​
 
اوهان جا بهترين خيال ۔۔۔۔

هڪ عرض ڪندس ته عنوان ۾ شاعريء بجاء پنهنجي شاعريء جي ڪا سهڻي سٽ يا شاعريء جو عنوان شامل ڪيو۔

ٻيو عرض ته شاعريء کي ڪتاب گهر بجاء سنڌي شاعري واري سيڪشن ۾ پوسٽ ڪيو ته مهربانيون ٿينديون۔

اوهان جي موڪليل شاعري ڪتاب گهر بجاء شاعري ڪارنر ۾ منتقل ڪجي ٿي۔
 
مهرباني ادا لکڻيون پسند ڪرڻ جي۔۽ مان توهان جي ڳاله تي ضرور عمل ڪندس۔خوش رهو
 
Back
Top