• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وشال سمونڊ جھڙا ماڻھو

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
وشال سمونڊ جھڙا ماڻھو
وشال سمونڊ جھڙا ماڻھو
وشال منھنجون اکيون تــ ڏس!
۽ انھن اکين ۾
ڪي ڄام شوري جا خالي رستا تـ ڏس!
ھلڪين ھلڪين مينھن ڦڙين ۾،
ڀڃي ويل ڄڻ منھنجو من!
منھنجي من جي آڳر تي،
ٽڙي پيل ڪو گل تـ ڏس!
گل بـ پر حيران لڳي ٿو،
مون جو مٽي ڳوھي اُن جي،
اُن مان تنھنجو واس اچي ٿو،
جيون ۾تون آھين ائين جيئن!
واريءَ تي ڪو ھيڪل وڻ!
تون منھنجي تنھائي آھين،
تون منھنجي خوابن جو رستو،
تون ئي تن جو ماڳ بـ آھين،
تون منھنجي اکين تي حيران
۽
ڳالھين تي پريشان نـ ٿئ،
مان تنھنجي لاء ڪوبـ ڏک ڪونـ آڻينديس،
توڻي جو تون ھڪڙي ڇيت وانگر!
ھر پل مون ۾ ڏکندو رھين ٿو،
پر تون مون ۾ موجود آھين،
مان ڏک ۽ خوشئ ۾
فرق وساري ويٺي آھيان،،،،،،،،
 
تمام سهڻو نظم ۔۔۔ واڌايون سنڌ سلامت جي دوستن کي جو سندن اڱڻ تي پنهنجي نالي جيئان پارس جهڙي شاعره اچي پهتي آهي ۔۔۔

هڪ عرض ته مهرباني ڪري اوهان هر نظم جو ڪو عنوان الڳ رکو جيئن (ُوشال سمونڊ جهڙا ماڻهو) ته جيئن پڙهندڙ تميز ڪري سگهي ۔۔۔ مون هڪ ئي نطم ويٺِي ور ور ڪري کوليو ۔۔۔ اميد ته عرض اگهامندو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
بِلڪُل ادا ائين ئي ڪبو۔۔۔۔ توهان جي بهتر صلاح سان ضرور ڪجه بهتر تبديليون منهنجي لِکڻيِن ۾ اينديون۔۔
 
Back
Top