معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
رچنا------رنگ
رنگن سان منهنجو رچاءُ ٻاروتڻ کان آهي.تصوير تي تبصرو ڪرن يا تصوير ڪهاڻي سرجڻ مون کي ڏاڍو آئڙي ٿي. صحافت ۾مون هن صنف تي ججهو ڪم ڪيو آهي
هتي به شاعري کي مون تصويرن سان ڀيٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هيءَ شاعري منهنجي يار نواز زنئور جي آهي،(معصوم)
``````````````````````````
سيد! توکي سنڌ صديون ساريندي
،پاڻ جياريندي، آزاديءَ جي راهه تي.
سنڌڙي اڄ ڀي شيام! توکي ساري ٿي،
واٽ نهاري ٿي، وڇڙي ويل اولاد جي.
هيمون! انگريزن توکي ڦاهيءَ چاڙهيو
،پر تنهنجو جيون ٿي وئي ساري سنڌڙي
امڙ ايلسا!
اڄ به تنهنجي پيار جا،
آهن هت قصا..
تنهنجا سپنا،
اڄ به ڏسي ٿي سنڌ،
موهن ڪلپنا.
سنڌوءِ جو پاڻي،
ساري ويٺو اڄ ڀي،
ڪيرت ٻاٻاڻي.
جادو آهين ٿر جو مائي ڀاڳي! تون
،جاڳيا ڏهر ڀٽون، روشن ٿي وئي سنڌڙي