نيڻ جهڙالا

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
نيڻ جھڙالا
منھنجا نيڻ جھڙالاآھين​
توتي ڇو ٿا برسڻ چاھين​
تنھنجون ڳالھيون نم جي ڇانو​
منھنجون ڳالھيون ٿڌڙي دانھن​
ٽاڪ منجھند جو دل جو رستو​
توکي منھنجو جيون پرتو​
تنھنجو ھڪڙو ٽھڪ پيو آ،​
دل بـ ھڪڙو خواب لڌو آ،​
تون ايڏو چالاڪ بـ ناھين​
جو سڀ ڪجھ وڃين چورائي​
 
Back
Top