معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
رچنا----رنگ
سرنهن جي ڦولار،
جيئن ڪي بيت ڀٽائيءَ جا،
گلڙن جي قطار
ڪنهن لئه ڀرائي بادلو آيو آهين تون!
ڇوڪريون شهر جون، ٿيون ڪٿي سمجهن ڀرت کي
سنڌ يونيورسٽي ۾ آئي آهه نئين،
نگاهه نه وڌنئين، ڀر ۾ ها ڪجهه ڇوڪرا
اٿي اسر ويل جو کير ولوڙي ٿي،
ڄڻ ته جوڙي ٿي نئين سر هيءَ سرشٽي.
اڱڻ ۾ مايون،
نم جي ڇانءَ، ٻپهري،
رليءَ تي ڳالهيون