شيرين
سينيئر رڪن
(اي وطن)
(امداد حسيني)
چنڊ چمڪن پيا تنهنجي پيشانين تي
تنهنجي وارن ۾ جهومر ستارا ٿا جهرڪن
تنهنجي ڳاڙهن ڳلن تي شفق آهه رقصان
تنهنجي جهومڻ سان رگين بهارون ٿيون جهومن
اي وطن اي وطن توتان قيبان تن من.
تنهنجي ٻانهن ۾ جهومي پئي زندگاني
پيش آهن خلوص ۽ وفا جا ترانا
تنهنجو هر کيت چانڊوڪين ۾ ٿو وهنجي
توئي بخشيا اسان کي خوشيءَ جا خزانا
اي وطن اي وطن توتان قربان تن من.
تنهنجون پُرنور گهٽيون سڌيون وانگي
تنهنجا ميدان سورهين جا سينا وڇايل
سِجُ سجدا ڪري، چنڊ توکي چُمي ٿو
تنهنجي ساهن جي سُرهاڻ ڄآتل سُڃاتل
اي وطن اي وطن توتان قربان تن من.