سهڻو وقت هيو،سارو گذري ويو،

شيرين

سينيئر رڪن
سهڻو وقت هيو،سارو گذري ويو،
ڄڻ ڪي رنگ ڇڏي،پوپٽ اڏري ويو،

گل ڪٿي آهي،پتيون ٿي ويو آ،
خوشبو خوشبو ٿي سارو وکري ويو،

نالي ماتر سو جڳ ۾ جيئرو آ،
سانوڻ ۾ ساٿي،جنهن کان وڇڙي ويو،

ڳالهين سان ويٺي،موتي پوئي پئي،
هار ٺهيو هڪڙو،مونکي جڪڙي ويو،

ڳاڙهي جوڙي ۾،پقمق ٿي پئي آ،
لوهه بڻيو آ من،پل ۾ پڪڙي ويو،
 
Back
Top