اکيون سئي ڌار جنهن سان پسين پرينءَ کي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2012۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اکيون سئي ڌار جنهن سان پسين پرينءَ کي
    ڊاڪٽر نسرين هنڱورو ٽنڊو محمد خان

    آخر ڪار اهو ئي ٿيو جنهنجي ڳڻتي هُئي رات جي رهزنن رات جي پيٽ ۾ راتاهو هڻي سنڌ جيجل کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو صديون اڳ ٽالپر حُڪمرانن سنڌ کي قربانيءَ جي ڳئون سمجهي پتيون ڪيو هو جيڪا اڄ تائين سئين ناهي ٿي. هاڻ پڻ ساڳي فيملي سان تعلق رکندڙ هڪ حادثاتي ليڊر جيري ڪاڻ ٻڪري ڪُهي سنڌ کي بمبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي پناهه گيرن کي پليٽ ۾ سجائي ڏنو آهي . هن همراهه هڪ ئي ڌڪ ۾ ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپور خاص، نواب شاهه ، سکر دهشتگردن حوالي ڪندي ان جي اڇي ڪاري جو ڌڻي بڻائي ڇڏيو آهي “ اُٺ تڏهن ئي ٿي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سُبيا” اسان ان وقت ئي هنن جي نيتن کي پرکي ورتو هو جڏهن هنن سرائڪي صوبي جو شوشو ڇڏي سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ماحول سازگار پئي بڻايو.جڏهن اهڙو اظهار سنڌ جي سول سوسائٽي قلمڪارن ۽ سنڌ دوست ڌُرين ڪيو ته پيپلز پارٽي جي بي پتن وزيرن ، مُشيرن ۽ ميمبرن نڪ جي پڪائي ڪري اچي آسمان مٿي تي کنيو ته اسان سڀ کان وڏا قوم پرست آهيون اسان ائين هرگز ڪونه ٿيڻ ڏينداسين پوءِ اڄ اياز سومرو ، رفيق انجنيئر مولابخش چانڊيو ۽ نثارکڙو ڇو چپن کي سُبي ڇڏيو آهي ؟ ڪٿي آهي پيپلز پارٽِيءَ جو ڪاغذي شينهن ذوالفقار مرزا، جيڪو ڊينگي سر بڻجي وڏيون وڏيون ڊينگيون هڻندو هو. هاڻ وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پيپلز پارٽِي سنڌ جي قومپرستن جي پارٽِي نه پر سنڌ جي وحدانيت جي قاتل پارٽي آهي ، هُونئن به پيپلز پارٽِي کي سنڌ سان ويساهه گهاتين جا تاريخ ۾ کوڙ سارا اعزاز حاصل آهن هن پارٽِي جي باني چيئرمين کان وٺي هاڻوڪي ڪو چيئرمين تائين سڀني سدائين سنڌي عوام کي عام روايتي جاگيردار وانگي پنهنجو هاري ، ناري ۽ ڪارائو ڪمدار پئي سمجهيو آهي ۽ اهڙيءَ ريت هنن سدائين سنڌ کي ابي ڏاڏي جي جاگير سمجهي سدائين اُن جا سودا ئي ڪيا آهن، حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ورهاڱي جي پيڙهه جو پٿر هن پارٽي جي باني چيئرمين رکي ڇڏيو هو ...! ڇا اهو تارخ جو ڪڙو سچ نه آهي ته هن همراهه ئي بهارين جي لکين خاندانن کي بنگلا ديش مان گهرائي سموري سنڌ ۾ ۽ سنڌ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي سرفهرست آهي ، ان ۾ ڪراچي جو علائقو اورنگي ٽائون ته جُڙيو ئي بهارين جي نالي سان آهي ان ۾ آباد ڪري نسل پرستن جي آباديءِ ۾ تمام وڏو اضافو ڪري سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ ٻولي واري آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌ کي ٻن زبانن وارو صوبو قرار ڏنو. هن همراهه اتي به دنگ ڪونه ڪيو پر پناهه گيرن نسل پرستن کي خوش ڪرڻ لاءِ جڏهن هن سنڌ ۾ شاگرد تنطيم جوڙي ته ان کي ٻه ڌار ڌار سُڃاڻپون ڏنيون ، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم کي PSF پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن باقي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم کي S.P.S.Fسنڌ پيپلز پارٽي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو نالو ڏنو ڇا اهو سڀ ڪُجهه ثابت نه ٿو ڪري ته هن ڪراچي کي عملي طور پناهه گيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو . موٽ ۾ جڳ جهان ڏٺو ته جڏهن کيس ڦاهي چاڙهيو ويو ته انهن پناهگيرن مڻين مٺايون ورهايون ۽ جهمريون هڻي خوشي جو اظهار ڪندي سنڌين سان عملي نفرت جو اظهار ڪيو . اها ٻي ڳالهه آهي ته تڏهن هنن نسل پرستن جي سرواڻي جماعت اسلامي ءَ جو پروفيسر غفور ڪري رهيو هو ۽ اڄ انهن جو قائد الطاف حُسين آهي . توڻي جو اها ڄاڻ محترمه بينظير ڀٽو کي به هُئي پر اقتدار بخشيندڙ قوتن جي فرمائش تي هن پي پي جي باني چيئرمين جي مرڻي تي جشن ملهائيندڙ نسل پرستن کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ لاءِ ساڻن اتحاد ڪندي 1988ع واري پنهنجي اقتدار وري دور ۾ قائم علي شاهه تڏهوڪي ۽ هاڻوڪي وزيراعلى جي هٿان هنن نسل پرستن کي سياسي طور وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ مفت بازار جي نالي تي 5 سئو ملين روپيا ڏنا وري به راڄن ڏٺو ته مشرف جي دور ۾ محترما جي قتل جي رد عمل ۾ احتجاج ڪندڙ پي پي جي سنڌي ۽ بلوچ ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم هزارين ڪوڙيون ايف آئي آر ڪٽرايون . اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌين جي احتجاج کي ڏسندي اسٽبلشمينٽ اهي چونڊون چورائڻ کان پرهيز ڪئي ۽ نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي پي پي چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ اچي وئي ٻي صورت ۾ نسل پرستن جي طرفان داخل ڪرايل ڪوڙن ڪيسن ۾ هزارين بي گناهه سنڌي جيلن ۾ اڄ به پيا سڙن ها...؟ تاريخ جو عجيب لقاءُ آهي ته جئي ڀٽو جو نعرو هڻڻ وارن کي هاڻ پيپلز پارٽِي ۾ ڪوبه ڀٽو ڳولڻ سان کين ڀٽو نظر نه ايندو . پر پوءِ به اکيون پوري پي پي جي سيدن ، وڏيرن ، پيرن، ميرن ۽ سردارن جي پُٺيان پيا هلن لک دفعا هلو پر ڀائو اکيون کولي هلو هي سنڌ امڙ جو معاملو آهي هاڻوڪو منظر وقت جي ، يزيد کان گهٽ نه آهي وقت جي يزيد پٺيان هلندڙن کي ياد رکڻ گُهرجي ته آخري فتح ضرو رحق جي ٿيڻي آهي “ سنڌ ڪا گدڙن ڪونهي کاڌِي..!” جيڪڏهن وقت جي يزيد ۽ انهن جي ساٿارين کي اقتدار جي لالچ ۽ گُهمنڊ آهي ته انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪم ڪرائڻ وارو ڪنو ڪم ڊيڊ ڪرائي ويا. عقل سان سوچيندڙ جي سوچ موجب کيل ختم پئسا هضم. خيرن سان پيپلز پارٽي جو آخري اقتدار پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، نتيجي ۾ پنجاب جي ورهاڱي بدران سنڌ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ چند چنيسرن مال ميڙي ورتو پيپلز پارٽي جو کيل برابر ختم اتان ئي سنڌ جو ڪيس شروع ٿئي ٿو. سنڌ ڪا اڪ جي ماکي ڪونهي جو مڪڙ لاهي کائي کپائي ڇڏين ، هاڻ مزاحمت جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿيندو هن جنگاڻ ۾ جيڪو سنڌ جي پاسي بيهندو بقا ان جو مقدر ٿيندي پر جيڪو ذاتي مفادن تي سنڌ وڪڻندو هاڻ ان جي جاءِ سنڌ ۾ نه هوندي. 65 سالن جي پوڙهي پاڪستان جي تاريخ خود بخود اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۽ سنڌ جي بقا ٻه الڳ الڳ شيون آهن اسان کي هر حال ۾ سنڌ جي بقاء گُهرجي جن ڏاهن کي سنڌ جي بقاءُ جي قيمت ڳري نظر اچي ٿي .اهي مهرباني ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي نسلن جي بقاءُ ۽ مستقبل تي رحم ڪن، سنڌ جي ايڪتا واري نظام ۽ سنڌ ۾ ٻٽي نظام سان گڏ بيهندڙن ٻنهي کي تاريخ ياد رکندي فرق صرف ايترو هوندو ته هڪڙا دودي جي صف ۾ هوندا ته ٻيا چنيسر جي قطار ۾ شمار ٿيندا.
    تاريخ سنڌ جي قلمڪارن، ڏاهن ۽ سنڌ دوست ماڻهن جي ڪُلهي تي اهو بارو وڌو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ وڏي پيماني تي قومپرستن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ، اقوام عالم کي اهو پيغام ڏين ته هاڻ اسان کي سنڌ دشمنن جي ڪنهن به نا انصافي ،ڏاڍ، ڏهڪاءُ ۽ جبر وارو معاهدو قبول ڪونهي، هاڻ اسان هن اونداهي ڪوٽ، ٽڪساٽ واري ڄار مان ٻاهر نڪري آزاديءَ جو ساهه کڻڻ گُهرون ٿا. جيڪو اسان جو ازل کان ئي ڪائناتي حق آهي جهڙيءَ طرح ٻيون سوراج ماڻيندڙ قومون پنهنجي اڇي ڪاري مال ملڪيت ۽ وسيلن جون مالڪ هونديون آهن
    . هاڻ اسان به وڌيڪ ڪنڌ جُهڪائي نه پر ڪنڌ کڻي جيئڻ گُهرون ٿا. اسان به پنهنجي جيجل سنڌ کي اسان جي منز ل اڃان به اڳتي ڏسڻ گهرون ٿا. پڪ ڄاڻو، جيڪڏهن توهان اهڙو عظيم فيصلو ڪري ورتو ته توهان جي منزل ، اسان جي منزل ڪجهه وکن تي ئي هوندِي. اچو ته وقار ، شان ۽ مان سان جيئڻ جو وچن ڪريون ۽ هن مُدي خارج نظام مان پنهنجي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي جند آجي ڪريون . ته جيئن اسان ۽ اسان جو آئيندو سک سلامتي خوشحالي ۽ آجپي سان دنيا ۾ جِيءُ سگهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو