You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
غزل
ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي،
سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي،
هن نهاري چڪيو مٿئين چپ کي،
بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي،
ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي،
خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي،
ميلي ۾بيٺو هو ته، تبسم ،کي،
ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي،
(شاعر،عبدالغفار تبسم)