• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيو شبير دين حق، تان سر گهورڻا پوندا،

شيرين

سينيئر رڪن
چيو شبير دين حق، تان سر گهورڻا پوندا،
جي دشمن دين جا آهن سي سڀئي جهورڻا پوندا.
اسان کي سخت امتحان لئه منتّب حق ڪيو،
خدا جي راهه ۾ ڏونگر ڏکن جا ڏورڻا پوندا.
چيو شهداءِ دين حق حيات و موت کي پنهنجي،
تارازي ۾ اسان جا ڪارناما تورڻا پوندا.
چيو اهل حرم کي لائي شهه سيني سان قاسم کي،
سڳا شادي جا هن جي اڄ اسان کي سورڻا پوندا.
چيو اصغر کي جهولي ۾ شهه دين فوج اعدا لئي،
اي منهنجا لعل پاڻي لئي توکي چپ چورڻا پوندا.
وئين مونکي ڇڏي تنها ابافشت مصيبت ۾،
يتيمي بيڪسي جا حال ڪنهن سان اورڻا پوندا.
شهيد ڪربلا جي حڪم تي ڪاظم عمل سان ئي،
يزيد محل جا ديوار ۽ در ڀورڻا پوندا.
(مرزا ڪاظم رضا بيگ)
 
چيو شبير دين حق، تان سر گهورڻا پوندا،
جي دشمن دين جا آهن سي سڀئي جهورڻا پوندا.
اسان کي سخت امتحان لئه منتّب حق ڪيو،
خدا جي راهه ۾ ڏونگر ڏکن جا ڏورڻا پوندا.
چيو شهداءِ دين حق حيات و موت کي پنهنجي،
تارازي ۾ اسان جا ڪارناما تورڻا پوندا.
چيو اهل حرم کي لائي شهه سيني سان قاسم کي،
سڳا شادي جا هن جي اڄ اسان کي سورڻا پوندا.
چيو اصغر کي جهولي ۾ شهه دين فوج اعدا لئي،
اي منهنجا لعل پاڻي لئي توکي چپ چورڻا پوندا.
وئين مونکي ڇڏي تنها ابافشت مصيبت ۾،
يتيمي بيڪسي جا حال ڪنهن سان اورڻا پوندا.
شهيد ڪربلا جي حڪم تي ڪاظم عمل سان ئي،
يزيد محل جا ديوار ۽ در ڀورڻا پوندا.
(مرزا ڪاظم رضا بيگ)
معاف ڪجو ادا توهان سڀئي مونکان ثلطي ۾ هي حسين عليه السلام جن جو بيت کل ڀوڳ ۾ هليو ويو آهي مهرباني ڪري معاف ڪندا
 
Back
Top