تون پڇين ٿو۔۔۔۔۔۔۔

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
تون پڇين ٿو،​
تون مون ۾​
ڪٿي وڃي پڳو آھين،​
تون تـ محسوس ڪرڻ کان بـ​
مٿي آھين​
جسم ،دل ۽ ساھ،​
ڪجھـ بـ ناھن،​
موسمون تـ اڳي جي ڳالھ آھن،​
ھوائون تـ ڪڏھوڪو پٺتي​
ڇڏي آياسين،​
رنگن جي بي رنگ ٿيڻ واري ڳالھـ،​
ننڍپڻ ۾ٿي ھئي،​
تون تـ محسوس ڪرڻ کان بـ مٿي آھين​
تون پڇين ٿو تـ تون ۾ ڪٿي وڃي پڳو آھين!........​
 
Back
Top