• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Scribus (مڊل ايسٽ ورزن) جي گُهرج

ابو واصف

سينيئر رڪن
دوستو! اڄ ڪالهه آئون پارٽ ٽائيم تي هڪ اخبار سان وابسته آهيان، جنهن ڪري مون کي اتان جي روزمرهه جي ضرورتن مطابق هلڻو پوي ٿو. مثال جي طور تي اخبار جي پيج ميڪنگ، ڊزائننگ وغيره. اخبارن ۾ عام طور تي پيج ميڪنگ لاءِ ”پاور پيج“ هلي پيو، جيڪو انتهائي محدود آهي. ڪافي جاکوڙ کان پوءِ مون کي انٽرنيٽ تانScribus جي نالي سان هڪڙو وسافٽ ويئر مليو، جيڪو پيج ميڪنگ، لي آئوٽ ۽ ڊزائننگ جي لحاظ کان انتهائي بهترين سافٽ ويئر آهي. اوهان دوستن لاءِ ان سافٽ ويئر جو لنڪ هيٺ ڏئي رهيو آهيان.
دوستؤ! مون سان مسئلو اهو آهي ته مٿي ڄاڻايل پروگرام ۾ سنڌيءَجي سپورٽ ناهي. انهيءَ ڪري مون کي ان پروگرام جو مڊل ايسٽ ورزن گهرجي، جيڪو سنڌيءَ جي ڪمپوزنگ کي مڪمل طور سپورٽ ڪري يا وري ڪو اهڙو ٻيو پروگرام هجي، جنهن ۾ پيج ميڪنگ ۽ ڊزائننگ ٿيندي هجي ۽ سنڌيءَ جي سپورٽ مڪمل هجي، مهرباني ڪري آگاهه ڪندا.
 
جيتري تائين منهنجو اندازو آهي ته توهان هن سافٽويئر جي ڳالهه پيا ڪريو۔۔۔۔

46371193.jpg

ادا هي ته اوپن سورس سافٽوئير مطلب مفت وارو سافٽويئر آهي ۽ هن جي پنهنجي ويب سائيٽ آهي۔۔۔۔۔

جتي ڦيرو ڀريندي srcibus جو مشهور ورجن 1.3.3.10 پڻ ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ان کانسواءِ scribus پنهنجو تازو ترين ورجن Scribus 1.3.5.1 پڻ رليز ڪري ڇڏيوآهي جنهن ۾ عربي ۽ سنڌي جي سپورٽ موجود آهي جنهن جي تفصيل پڻ وٺي سگهو ٿا۔۔۔
جنهن حد تائين سنڌي يا عربي سپورٽ جي مڪمل سپورٽ جو تعلق آهي ته اڃان تائين اهڙو مڪمل ۽ ڪمپليٽ ورجن رليز نه ٿيو آهي البته ان تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن جون ڪجهه جهلڪيون هيٺ ڏجن ٿيون ۔۔۔۔

ScreenshotScribusArabic.preview.png


file_download.php

توهان هتي ڪلڪ ڪري به Scribus 1.3.5.1 ورجن ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
 
جي وڏي سرڪار! بالڪل مون کي انهيءَ سافٽ ويئر جي ضرورت هئي. ڏاڍي خوشي ٿي ته انهيءَ ۾ عربيءَ جي سپورٽ آهي، بس هاڻي اوندهه ۾ هٿوراڻيون هڻان ٿو، ڏسجي ڪٿي ٿو پهچجي.
 
Back
Top