• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ ڪرفيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

سکر، حيدرآباد، ڪراچي
رستن ۽ چوواٽن تي،
آنسو گئس جا شيل ڪِرن ٿا!
پنجابي، پختون، مهاجر،
هٿن ۾ بينر ۽ بندوقون،
دانهون ڪن ٿا،
”سنڌ اسان جي آهي!“
دل کي دهشت ۾ ٻوريندڙ
سائرن جو آواز اچي ٿو،
ڪرفيو جو جِنُ،
شهر شهر تي،
خوني چنبا کوڙي ٿو
آڌي رات جو خاموشي آ،
ڀونئڪ ڪُتن جي،
۽ ٻي هلڪي سرگوشي آ،
گھر ۾ ڪجھه کائڻ لاءِ ناهي
سڀان به شهر ۾ ڪرفيو آهي
ڏڪندڙ ڳاٽو،
دريءَ کان ٻاهر
روڊ ڏسي ٿو.
(دشمن ورديون، موت جا پاڇا)
پل لاءِ هو آڪاش ڏسي ٿو
آسمان جو پيلو گل
چنڊ سندس، گھٻرايل اکڙين،
سان الجھي ٿو
سڀان به شهر ۾ ڪرفيو آهي،
تو وٽ کائڻ لاءِ ڪجھه ناهي
پوءِ به مگر تون سنڌي آهين؟
۽ هي ڌرتي تنهنجي آهي؟
چنڊ مٿائنس طنز ڪري ٿو
۽ آڪاش ستارن سان
گڏجي خوب کلي ٿو.
 
Back
Top