هڪ نئون اينٽي وائرس جنهن سان سسٽم فائل کي نارمل فائل جي صورت ۾ آڻيو

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ عبدالرحيم طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2012۔

  1. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    اسلام عليڪم سنڌي ڀائرو،
    گهڻي وقت کان پوءِ آئون توهان لائي هڪ نئون سافٽويئر کڻي آيو آهيان.
    ڪلهه هڪ دوست جي يو ايس بي ۾ ڪو اهڙو وائرس اچي ويو هيو جو هن جي يو ايس بي مان سڀ فائلون ۽ فولڊر ڊليٽ ٿي ويا هيا. هو مون وٽ يو ايس بي کڻي آيو ۽ پنهنجو مسئلي جي حل لاءِ چيائين. سڀ کان پهرين مون هن جي يو ايس بي کي ايواسٽ اينٽي وائرس سان اسڪين ڪيو ۽ پوئي ان جي ميموري چيڪ ڪئي ته برابر ان ۾ مواد پيل هو ڊليٽ نه ٿيو هيو بس نظر نه اچي رهيو هيو. پوءِ مون هِڊن فائلس کي شو ڪيو فولڊر آپشن منجهان پر پوئي به ڪا فائل نظر نه آئي. وري مون فولڊر آپشن مان سسٽم فائل کي به شو ڪرايو ته دوست جون سڀ فائلون نظر اچي ويون. مسئلو ته حل ٿيو پر مون سوچيو ته انهن فائل کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ کپي، بار بار سسٽم فائلس شو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. پوءِ مون گوگل جي ويب سائيٽ کولي ۽ سسٽم فائلس کي نارمل فائلس ۾ ڪنورٽ ڪرڻ جو طريقو سرچ ڪرڻ لڳس ڪافي طريقا مليا جيڪي ڊاس ۾ هلندا هئا، اهي سڀ طريقا آزمايم پر حل نه نڪتو. آخر ۾ هڪ ويب سائيٽ جي لنڪ ملي جنهن ۾ هڪ اينٽي وائرس جو ذڪر هو. ان لنڪ کي کوليم ته ان ۾ انهي مسئلي جو حل هو جنهن جي مون ڳولا پي ڪئي. ان لنڪ مان هڪ انٽي وائرس مليو جنهن جو نالو آهي سماڊيو.
    [​IMG]
    اهو هڪ فري اينٽي وائرس آهي ۽ ان جو ڪم اهو آهي ته جيڪي فائلس ڪنهن وائرس جي ڪري هِڊن ٿي ويون آهن يا سسٽم فائل ٿي ويون آهن انهن کي هي اينٽي وائرس درست ڪندو آهي.
    پوءِ مون ان اينٽي وائرس کي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪيو
    ۽ پوءِ انسٽال ڪري پنهنجي دوست جي يو ايس بي کي اسڪين ڪيو ۽ پوءِ ان جا ايرر فڪس ڪيا.
    ان کان پوءِ مون سسٽم فائلس هِڊن ڪري وري يو ايس بي کي کولي ڏٺو ته سڀ فائل ۽ فولڊر نظر اچي رهيا هئا.
    جڏهن منهنجو اهو مسئلو حل ٿي ويو ته سوچيم ته هاڻ سنڌي ڀائرن کي به اهو تجربو ونڊ ٿو ڪريان.
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تمام سٺو۔ اڪثر اهڙا مسئال ايندا رهن ٿا ۽ هي سافٽ ويئر انهن لاءِ ڪارائتو ٿو لڳي۔
    يونس ملڪاڻي کي ته هاڻي ئي ڊائونلوڊ ڪرڻ کپي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا عبدالحفيظ پسند ڪرڻ لاءِ مهربانيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺي شيئرنگ ۔۔۔ اڪثر دوست اهو سوال ڪندا رهندا آهن۔
     
  5. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو سائين لک قرب
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو سافٽويئر آهي ۔اهو به ٻڌايو ته رجسٽرڊ آهي يا ان رجسٽرڊ ته مهرباني ٿيندي۔ توهان جي ڏنل لنڪ هن وقت کلي نه پئي ان لاء ٻيا دوست چيڪ ڪن ته اهو مسئلو مون سان آهي يا واقعي لنڪ ۾ ڪو مسئلو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي سائين لنڪ صحيح نه آهي۔
    ادا رحيم لنڪ کي درست ڪندا
     
  8. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا رحيم بخش هي سافٽويئر فري ۾ آهي ۽ ان کي رجسٽر ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي۔
    ناقي لنڪ هي به ڏسو https://docs.google.com/open?id=0B0riZHoFtnWAODN3WWNaNnhzTHc
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا لنڪ ڪم نه پيو ڪري
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ادا عبدالرحيم بهتر ائين آهي ته هي سافٽوئير توهان فورشيئرڊ تي اپلوڊ ڪري پو ان جو لنڪ شيئر ڪيو ته سنگت کي ڊائون لوڊنگ ۾ آساني ٿيندي۔
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    لڳي ٿو دوستن کي مٿي لنڪ به ڪم نه ڏنو۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا ڀا عبدالرحيم اسان آئي ٽِي ۾ اڱوٺي ڇاپ ماڻهن لا ته تو انتهائي ڪارائتي سافٽ ويئر جو ڏس پتو ڏنو آهي الله سائين جو نالو وٺي ڪريونس ٿا ڊائون لوڊ ڀلا اهو ٻُڌايو جيڪو اسان وٽ مفت جو مال اينٽي وائرس اي وي جي لڳل آهي ان تي ته ڪو اثر ڪونه وجهندو نه۔ اسان لفظن جي رانديڪن ٺاهڻ وارن شاعرن ۽ ليکڪن کي آئي ٽِي جون ڳالهيون مڙئي گهٽ سمجهه ۾ اينديون آهن اهو سائين عبدالرشيد سمون جيڪو سنڌ سلامت ۾ انتظامي طور هڊن آهي پر نئون نالو سائين ذيشان رشيد اوپن آهي اسان جهڙن ڄٽن کي هروڀرون وڏو پٽڪو اڃان تائين ٻڌايو ويٺو آهي ۔ کيس ڀلي ريت خبر آهي ته ڪمپيوٽر جي الف بي کان به هي جهونو واقف ڪونهي ۔ ڪو نوجوان ڳولهي وڏي پٽڪي لا جيڪو ڪمپيوٽر يا ٻي لفظن ۾ آئي ٽي واري شعبي کان واقف هُجي باقي اسان جهڙا جهونا ٽي درجي وارا شاعر هاڻي انهي وڏي پٽڪي جي قطئي لائق ڪونه آهيون ۔ توکي جس هُجي ادا جو اهڙي بهترين سافٽ ويئر جو ڏس پتو ڏئي سموري سنڌ واسين تي مون سميت وڏا وڙ ڪيا آهن ۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا اوهانجون ٻئي لنڪون درست آهن ، مون فائيل سيو ڪيو آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا نثار ناز، توهان جي لک لک ٿورا جو منهنجي هن ننڊي ڪوشش کي ايترو مان ڏنو آهي۔
    توهان سوال ڪيو توهان وٽ جيڪو پهرين مفت وارو انٽي وائرس انسٽال ٿيل آهي ان تي ڪو اثر نه پوندي؟ جي نه ادا هي سافٽويئر ڪنهن به انسٽال ٿيل اينٽي وائرس تي اثر نه ڪندو۔
    سنڌ سلامت کي توهان جهڙن ليکڪن جي سخت ضرورت آهي۔

    سنڌسلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو