آڪاش انصاري بدين جي موسمن ۽ سادگين جهڙو اڻموٽ شاعر آهي۔ سندس هي نظم مون لاءِ يادگار آهي۔اها ڏهه سال پهرين جي ڳالهه آهي جو دوست امين ارباب (هاڻوڪو مهراڻ ٽي ويو نيوز ڪاسٽر) ريڊيو پاڪستان جي حيدرآباد تان سڳنڌ پروگرام ۾ هر هفتي هڪ سِٽ ڏيندو هو ۽ لکندڙ انهي تي پنهنجون روماوني ۽ احساساتي تحريرون لکندا هئا۔ آئون به انهن مان هڪ هئس۔ منهنجي پهرين تحرير جيڪا نشر ٿي امين جي خوبصورت آواز ۾ انهي جو موضوع هو تون پُڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس؟اڄ فيس بوڪ تي هي وڊيو ڏٺم جنهن ۾ ڪنهن اها نظم پڙهي آهي۔ دل چيو ونڊ ڪجي https://www.facebook.com/video.php?v=200431849983983
اڄ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جنم ڏينهن آهي ۽ ان ئي حوالي سان اها وڊيو فيسبوڪ تي شيئر ڪيم ۔۔۔۔۔ لاجواب شاعري ۽ سهڻو آواز ۔۔۔۔ تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟ (آڪاش انصاري) تون پڇين ٿو پرين! مان هليو ڇو ويس؟ جڏهن شام جو جام، خالي نه هو، رات رم جهم هُئي، تنهنجي ساهن جي، جهيڻن سُرن ۾ سُتل منهنجي بستر تي مُنڪر ڪا موسم هئي۔ تنهنجي ڪجلين اکين جي، ڪنارن مٿي، منهنجي چپڙن جي ٻيڙي، لڳي ئي لڳي، ها! انهي کان اڳي، مان هليو ڇو ويس؟ سچ پڇين او پرين! دل به چاهيو گهڻو، ڪا گهڙي تنهنجي، وارن جي ڪارين گهٽائن منجهان واس وٺندو رهان! ٻن گهڙين لئه سهي تنهنجي آغوش جي سانوري شام ۾ ڪنهن روپوش پياسي مسافر جيان، مان پناهون وٺان، کن پل لئي سهي، ٿڪ ٿورو ڀڃان۔ دل ته چاهيو گهڻو، تنهنجي نيڻن جون، نرمل هي چاندوڪيون، سدا مست نينڍون نياپا کڻي روح جي رڻ مٿانايئن رقصان رهن۔ دل ته چاهيو گهڻو، تنهنجي ٻانهن جون ڪچڙيون، ۽ ڪومل وليون،سونهن سرهاڻ جا سئو سنديسا کڻي منهنجي تن تي سدا ايئن وکريل رهن۔ ها مگر ڇا ڪجي؟ تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي، قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين! جيڪا ويئي ڇڪي۔ دل ته ماڻڻ گُهريون، تنهنجون سڀ دلبريون، ها مگر ڇا ڪجي! دار جي درد کي، پنهنجي لذت هئي، جيڪا وئي ڇڪي، تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس؟
ها مگر ڇا ڪجي؟ تنهنجي ڪاڪل جو قيدي ٿيڻ کان اڳي، قيدخانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرين! جيڪا ويئي ڇڪي۔ تمام بهترين گيت ڪجھ يادن سان ڀريل لمحا ياد ڏياريندڙ گيت ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ڀاءُ حفيظ