قائداعظم محمد علي جناح: هڪ عظيم اڳواڻ

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2012۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو

    قائداعظم محمد علي جناح: هڪ عظيم اڳواڻ
    برصغير جي سياسي تاريخ ۾، ڪيترائي ناليوارا اڳواڻ ٿي گذريا آهن پر ويهين صديءَ جي شروعاتي پنجاهه سالن ۾ جيڪي سياسي اڳواڻ اڀريا، انهن مان قائد اعظم محمد علي جناح پڻ هڪ هو، جيڪو پنهنجي شخصيت ۽ سياسي بصيرت ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ عظيم اڳواڻ طور سامهون آيو، قائد اعظم محمد علي جناح اهو اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي نظرياتي عزم سان پُختي عقيدي جو مالڪ هو، جنهن هندوستان جي مسلمانن ۾ شعور ۽ جذبو پيدا ڪيو ۽ انهن کي هڪ هنڌ ۽ هڪ جهنڊي هيٺيان گڏ ڪيو ۽ پنهنجي لازوال جدوجهد جي ذريعي مسلمانن لاءِ هڪ عليحده وطن پاڪستان جو وجود آڻي، دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مسلم ملڪ جو نالو روشناس ڪرايو، قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي پيدا ٿيو، هي عظيم انسان جيتوڻيڪ وڪالت جي شعبي ۾ وڏي مهارت رکندو هو پر سياسي حوالي سان سندس سوچون ايندڙ وقت جي طرف مائل هونديون هيون، جنهن ڪانگريس جي پليٽ فارم تان مسلمانن کي پنهنجا حق وٺڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌايو ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ عملي طور قانوني رستا اختيار ڪري، مسلمانن ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ سندن شعور جو اهڙو ته ڏيئو روشن ڪيو، جنهن پوري برصغير ۾ پنهنجي روشني پکيڙي مسلمانن ۾ سُجاڳيءَ جو جذبو پيدا ڪيو، سياسي جدوجهد جي ان ڊگهي سفر کي هلائيندي 1921ع ۾ ڪانگريس سان ذاتي اختلافن سبب استعيفا ڏئي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان پليٽ فارم تان پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندي، رات ڏينهن مسلمانن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو، 1930ع ۾ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ علام محمد اقبال مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ جو تصور پيش ڪيو، مارچ 1940ع ۾ الهه آباد جي جلسي ۾ مسلم ليگ قرارداد پاڪستان پيش ڪري هڪ آزاد وطن جو مطالبو ڪيو، 22 مارچ 1947ع تي لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن ان قسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، محسوس ڪيو ته مسلمان هڪ آزاد ۽ مستقل وطن جي قيام جو عزم ڪري چڪا آهن، اهڙي صورتحال کان هن برطانوي پارليمنٽ کي پڻ آگاهه ڪيو ۽ هندوستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي حل لاءِ پنهنجي هڪ رٿ حڪومت کي اماڻي، جنهن جي روشنيءَ ۾ آخرڪار برطانوي حڪومت 3 جون 1947ع تي هندوستان ۾ جدا جدا آزاد حڪومتن پاڪستان ۽ هندستان جي قيام جو اعلان ڪيو، 18 جولاءِ 1947ع تي برطانوي رائل ڪميشن، ان تجويز کي بل جي صورت ۾ قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ بل کي هائوس آولارڊس ۾ پيش ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح 15 ڏينهن کانپوءِ ان بل جملي مرحلا طئي ڪري پارليمنٽ جو هڪ نرالو رڪارڊ قائم ڪيو، 13 آگسٽ 1947ع تي هند وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن پڻ پنهنجي اهليه سميت ڪراچي پهتو ۽ ٻي ڏينهن تي شاهي فرمان موجب سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ حڪومت پاڪستان جي ڪاروبار جا سمورا اختيار قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مملڪت جو وجود ۾ اچڻ، مسلمانن جي ٻڌي ۽ مضبوطي جي علامت جو هڪ نادر مثال سامهون آيو. اڄ جيتوڻيڪ هي عظيم اڳواڻ اسان وٽ ظاهري طور موجود نه آهي پر اسين سندس پيش ڪيل دانشمندانه ڳالهين تي هلندي دعاڳو آهيون ته سندن حاصل ڪيل حڪومت پاڪستان کي خوشحال ۽ آزاد رکي ته جيئن سندن ياد کي هميشه تازو ۽ نالي کي سدائين زنده رکي سگهجي.
    ياسر عبدالغني خاصخيلي

    ڪاوش جي ٿورن سان ۽ سنگت کان معذرت سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    قائداعظم جو پاڪستان
    ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

    اڄ پوري پاڪستان ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو يومِ ولادت ملهايو پيو وڃي. حڪومت طرفان باني پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو. ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرام پيش ڪيا ويندا ۽ سيمينار سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. اڄوڪو ڏينهن به گذريل 60 سالن جيان گذري ويندو. اڄوڪي ڏينهن تي وڏيون دعوائون ڪيون وينديون ۽ اعلان ڪيا ويندا ته قائداعظم جي ٻڌايل رستي تي هلي قائداعظم جو فلاحي مملڪت جو خواب پورو ڪيو ويندو، پر دراصل اسان جا حڪمران گفتار جا ته غازي آهن، پر ڪردار جا غازي بڻجي نه سگهيا آهن.
    قائداعظم محمد علي جناح آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ جو مطالبو انهيءَ لاءِ ڪيو هو ته جيئن ننڍي کنڊ جا مسلمان جيڪي 1857ع جي جنگِ آزادي ۾ ناڪامي بعد هڪ سؤ سال برطانيه جي غلامي ۾ رهيا ۽ ان سان گڏوگڏ هندوئن جي نفرت ۽ تشدد جو نشانو به بڻيل رهيا، اهي هڪ آزاد قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگهن. قائداعظم چاهيو ٿي ته پاڪستان ۾ هڪ فلاحي مملڪت قائم ڪئي وڃي، جتي استحصال کان پاڪ معاشري ۾ مسلمان پنهنجي مذهبي روايتن مطابق زندگي بسر ڪري سگهن. پر بدقسمتي سان قائداعظم جو خواب سندن زندگي ۾ پورو نه ٿي سگهيو. اسان جي حڪمرانن جي غرضي ۽ تنگ نظري جي نتيجي ۾ اسان جي ملڪ جو مشرقي بازو جدا ٿي چڪو آهي. انهيءَ وڏي حادثي بعد به اسان ڪو سبق حاصل نه ڪيو آهي.
    اڄ قائداعظم جي ڄمڻ جي ڏينهن جي موقعي تي قائداعظم جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو هو، انهيءَ خاڪي کي قائداعظم جي پنهنجن لفظن ۾ قوم اڳيان پيش ڪندس ۽ قوم پاڻ فيصلو ڪري ته اسان جي حڪمرانن قائداعظم جي پيغام تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. قائداعظم ڍاڪا يونيورسٽي ۾ جلسي ۾ ڊگرين ڏيڻ جي موقعي تي 26 مارچ 1948ع ۾ آزادي جي اهميت تي روشني وجهندي فرمايو ته: ”اسان غلامي جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون آهن. هاڻي اسان هڪ آزاد قوم آهيون. مملڪيت اسان جي پنهنجي آهي. اسان جي پنهجي حڪومت آهي، پر خيال رهي ته آزادي جي معنيٰ مطلق العاني ڪونهي، آزادي جي اها معنيٰ هرگز ڪونهي جو اوهان ٻين جي مفاد يا ملڪ جي مفاد کي نظرانداز ڪري جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو، نه بلڪل نه.
    ”هاڻي توهان تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هاڻي اوهان لاءِ هڪ متحد ۽ مضبوط قوم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ ايترو ضروري ٿي پيو آهي جو هن کان اڳ ڪڏهن به ڪونه هو. ”هاڻي اسان کي جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اهو آهي تعميري جذبو (اسپرٽ) هاڻي جنگ و جدل جي جذبي جي ضرورت نه رهي آهي. اهو جذبو ان وقت اسان لاءِ ضروري هو، جڏهن اسان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئاسين.
    ”آزادي قائم رکڻ لاءِ تعميري ڪم ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ کان ڪيئن ڀيرا وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. آزادي لاءِ جنگ ڪرڻ يا جيل ڪاٽڻ حڪومت هلائڻ کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آسان آهي.“
    قائداعظم پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهن کي انصاف ملي سگهي ۽ جتي اسلام جي عدل ۽ هڪ جهڙائي جي اصولن تي آزادي سان عمل ڪرڻ جو موقعو ملي. باني پاڪستان هڪ موقعي تي تقرير ڪندي فرمايو: ”پاڪستان جي حڪومت سماجي انصاف ۽ اسلامي سوشلزم جي اصولن تي قائم هئڻ گهرجي. اسلامي سوشلزم کان علاوه ٻيو ڪو ”ازم“ قابلِ قبول نٿو ٿي سگهي. اِهو ئي اُهو ”ازم“ آهي، جو انساني ڀائيچاري ۽ مساوات جو درس ڏي ٿو.“
    ”منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهڙي مملڪت بڻجي وڃي جو هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي سامهون (حضرت) عمر فاروق رضه جي دور جو عملي نقشو سامهون اچي وڃي.“ (آخري لمحات از محمد اشرف عطا 8710)
    قائداعظم جي دلي خواهش هئي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي ۽ رشوت ۽ ٻين معاشرتي خرابين جو خاتمو ڪيو وڃي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دستور ساز اسيمبلي جي صدر چونڊجڻ بعد پاڪستان فرمايو ته: ”حڪومت جو پهريون فرض، قانون جي حفاظت ڪرڻ آهي ته جيئن ان جي باشندن جي جان، مال، عزت ۽ مذهب سلامت رهي سگهن.
    ”هندستان ۾ هن وقت جيڪا وبا ڦهليل آهي اها آهي رشوت خوري، تنهن جي معنيٰ ته اسان کي ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ اهڙا ته سخت اپاءَ وٺڻا ۽ ڏاڍا قدم کڻڻا پوندا، جو جيئن ”دولتِ پاڪستان“ جي لغت مان ان (رشوت) جو نالو حرفِ غلط جيان مٽجي وڃي.
    ”حقيقت ۾، رشوت خوري حڪومت لاءِ زهر قاتل آهي ۽ توهان کي اهڙا رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا، جن جي آڌار تي، اسان پنهنجي پياري وطن مان، ان جو نام و نشان هميشه لاءِ مٽائي ڇڏيون.“
    قائداعظم چاهيو ٿي ته اسين ذاتي اختلافات وساري، اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪريون ته جيئن پاڪستان مضبوط ٿي سگهي. اهو ئي سبب هو جو قائداعظم عيدالفطر جي موقعي تي 6 آگسٽ 1948ع تي جنهن وقت پاڻ زيارت (بلوچستان) ۾ سخت بيمار هئا ۽ زيرِ علاج هئا، هڪ پيغام ۾ فرمايو: ”گذريل ٻارهن مهينن جو داستان مسلسل ”جدوجهد“ جي تاريخ آهي. مهاجرن جي مظلوم هجومن کي مدد ڪرڻ لاءِ اسان سڀني وسيلن ۽ ذريعن کي ڪتب آندو آهي. اسان کي انديشو هو ته متان اهي وسيلا ۽ ذريعا اسان سان بيوفائي نه ڪن، پر اسان سخت کان سخت طوفان جو رخ ڦيرائي ڇڏيو. ڪنارو اڃا پري آهي، پر تنهن هوندي به سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجن ذاتي اختلافن ۾ ڦاسي، پنهنجي طاقت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ته پوءِ اسان کي پنهنجي روشن مستقبل تي ايمان رکڻ گهرجي.“
    قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ فرمايو: ”اسان کي اتحاد و اتفاق ۽ ضبط و نظم جي هن وقت سڀ کان گهڻي ضرورت آهي. اسان فقط اتحاد، تنظيم ۽ يقين محڪم جي سهاري ئي اهڙو ”پاڪستان“ اڏي سگهنداسين، جنهن جو نقشو اڃا تائين اسان جي دماغ ۾ ڦري رهيو آهي.“
    قائداعظم جي ذهن ۾ پاڪستان جو ڪهڙو نقشو هو، تنهن لاءِ تفصيل سان عرض ڪندس ته قائداعظم استحصال کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ چاهيو ٿي ته جيئن امير ۽ غريب جو فرق مٽجي وڃي. قائداعظم رحه سرمائيدان، جاگيردارن ۽ نوابن کي تنبيهه ڪندي فرمايو: ”پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ طبقي کي ڦر ڪرڻ ۽ هڪ هٺي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص کي هڪ جهڙا موقعا ڏنا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرمار ڪرڻ لاءِ نه بنايو ويو آهي. پاڪستان غريبن جي قربانين سان قائم ٿيو آهي. پاڪستان غريبن جو ملڪ آهي ۽ مٿس غريبن کي ئي حڪومت ڪرڻ جو حق آهي. پاڪستان ۾ هر شخص جو معيار زندگي ايترو ته بلند ڪيو ويندو، جو امير ۽ غريب جو ڪو به تفاوت نه رهندو. پاڪستان جو اقتصادي اصولن جي روشني ۾ مرتب ڪيو ويندو. انهن اصولن تي جنت تي عمل ڪرڻ بعد غلام تخت ۽ تاج جا مالڪ بڻجي ويا.....“ (آخري لمحات ص 88)
    دهلي ۾ ڪوٺايل مسلم ليگ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي 24 مارچ 1943ع تي قائداعظم واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته: ”مان نهايت ضروري ٿو سمجهان ته زميندارن ۽ سرمائيدارن کي خبردار ڪريان. ان طبقي جي خوشحالي جي قيمت، عوام ادا ڪري رهيو آهي. ان جو سهرو جنهن مٿي تي آهي، اهو انتهائي ظالمانه ۽ شرانگيز نظام آهي. ان نظام پنهنجن پاليل عناصرن کي ان حد تائين خود غرض بنائي ڇڏيو آهي، جو کين ڪنهن به جائز دليل سان اسان قائد نٿا ڪري سگهون. پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ واري بدحالت ۽ عوام جو استحصال ڪرڻ جي برائي، سندن رت ۾ سمائجي چڪي آهي. اهي ظالم اسلام جي حڪمن کي وساري چڪا آهن. حرص ۽ هوس، سرمائيدارن کي ايڏو ته انڌو ڪري ڇڏيو آهي، جو هو مفادپرستي ۾ دشمن جي آلاڪار بڻجڻ کان به نٿا گسن.
    ”اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان ڪڏهن ڪنهن ٻهراڙي ۾ هليا وڃو. مون پاڻ ننڍن ڳوٺن ۾ ڏٺو آهي ته اتي اسان جا لکين ماڻهو، اهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، جنهن کي بيان ڪري نٿو سگهجي. کين ڏينهن رات ۾ ڪو هڪ وقت به پيٽ ڀري کائڻ نصيب نٿو ٿئي. ”ڇا اوهان ان کي تهذيب ۽ ترقي سڏيندا؟ ڇا پاڪستان جو مقصد به اهو ئي آهي؟
    ”ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪيئن نه ڪروڙها ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو آهي. اڄ انهن جي اها حالت آهي جو کين ڏينهن ۾ هڪ وقت جو کاڌو به نصيب نه ٿو ٿئي. ”اگر پاڪستان ان صورتحال ۾ تبديلي نه ٿو آڻي سگهي ته پوءِ اهڙي پاڪستان کي حاصل نه ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو.“
    پاڪستان قائم ڪرڻ جي مقصد تي روشني وجهندي پهرئين مارچ 1946ع تي ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي قائداعظم فرمايو: ”آئون پيرسن آهيان. الله سائين مون کي ڪافي ڪجهه ڏنو آهي، جنهن سان سڄي عمر مان آرام جي زندگي بسر ڪري سگهان ٿو. مان پنهنجو رت پاڻي ڇو ڪريان ۽ ڀڄ ڊڪ ڇو ڪريان ۽ ايڏي وڏي تڪليف ڇو گوارا ڪريان؟ يقيناً مان اهو سڀ ڪجهه سرمائيدارن لاءِ نه ڪري رهيو آهيان، پر اوهان غريب ماڻهن لاءِ ڪري رهيو آهيان. مون 1936ع ۾ ماڻهن جي بي انتها غربت ڏٺي. انهن مان ڪن کي ڏينهن ۾ هڪ ويلو به ماني نصيب نه ٿئي. مون انهن کي ويجهڙائي ۾ ڪونه ڏٺو آهي، پر منهنجي دل انهن لاءِ اداس آهي، مان ان کي محسوس ڪريان ٿو ۽ پاڪستان ۾ اسان پنهنجي وس آهر هر ڪنهن لاءِ معقول گذران جو بندوبست ڪرڻ واسطي سڀ ڪجهه ڪنداسين.“
    دراصل قائداعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح الفاظ ۾ فرمايو ته: ”اسان پاڪستان جو مطالبو، هڪ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڪيو هو، پر اسان هڪ اهڙي تجزبه گاهه حاصل ڪرڻ گهري ٿي، جتي اسان اسلامي اصولن تي عمل ڪري سگهون.“ (اسلاميه ڪاليج پشاور 14 جنوري 1948ع)
    بدقسمتي سان پاڪستان اسلام جي تجربه گاهه ته بڻجي سگهيو، پر ان جي برعڪس فوجي آمرن وقتاً فوقتاً جمهوري حڪومت جو خاتمو ڪري پنهنجي اقتدار کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ نوان نوان تجربا ڪندا رهيا آهن. دراصل اقتدار جا مزا ماڻڻ کانپوءِ ڪنهن به ڊڪٽيٽر پنهنجي مرضي سان اقتدار نه ڇڏيو آهي. پنجاهه سالن کان آمرن کي هٽائڻ لاءِ سياسي پارٽين جا اڳواڻ، سول سوسائٽي ۽ عوام جدوجهد ڪري هڪ ڊڪٽيٽر مان جان ڇڏائين ٿا ۽ ملڪ جمهوريت جي راهه تي هلڻ شروع ڪري ٿو ته وري ٻيو اقتدار جو بکيو نئون روپ اختيار ڪري ملڪ تي قابض ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح پاڪستان ترقي ڪرڻ بدران الٽو وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسي وڃي ٿو. بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي پيپلز پارٽي جي حڪومت لاءِ راهه همراهه ڪئي. صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي جي ڪري جمهوري حڪومت پنج سال پورا ڪري رهي آهي. انهيءَ جي باوجود پاڪستان لاتعداد مسئلن ۾ گهريل آهي.
    قائداعظم پاڪستان کي اهڙو ملڪ بنائڻ چاهيو ٿي، جتي امير ۽ غريب جو فرق نه هجي ها، ملڪ ۾ امن امان هجي ها، قانون جي حڪمراني هجي ها، رشوت خوري ختم ٿي وڃي ها، چور بازاري ۽ ڀتاخوري جو نام و نشان نه هجي ها، عام ماڻهو کي گهر ويٺي انصاف ملي ها، معاشرتي ناانصافي جو خاتمو ٿي چڪو هجي ها، قائداعظم جو اهو خواب اڃان پورو ڪونه ٿيو آهي، پر هيءَ خوش آئنده خبر آهي ته پيپلز پارٽي جي مفاهمتي پاليسي جي ڪري جمهوري حڪومت پنهنجو معيار پورو ڪري رهي آهي. عدليه آزاد ٿي چڪي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ سڀني سياسي پارٽين کي چيف اليڪشن ڪمشنر جي غير جانبدار هئڻ تي اتفاق آهي. طاقتور ميڊيا جي ڪري عوام باشعور ٿيو آهي. اميد ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري اهل نمائندا چونڊيندو جيڪي قائداعظم جي پاڪستان کي قائداعظم جي ٻڌايل اصولن مطابق تعمير ڪندا ته جيئن پاڪستان حقيقي معنيٰ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي
    عبرت جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هو هڪ عظيم اڳواڻ جو ۔۔۔۔

    هو هڪ وڏو قانوندان هو ۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    (((((((((( قائداعظم پاڪستان ۾ اهڙي حڪومت قائم ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ ماڻهن کي انصاف ملي سگهي ۽ جتي اسلام جي عدل ۽ هڪ جهڙائي جي اصولن تي آزادي سان عمل ڪرڻ جو موقعو ملي. باني پاڪستان هڪ موقعي تي تقرير ڪندي فرمايو: ”پاڪستان جي حڪومت سماجي انصاف ۽ اسلامي سوشلزم جي اصولن تي قائم هئڻ گهرجي. اسلامي سوشلزم کان علاوه ٻيو ڪو ”ازم“ قابلِ قبول نٿو ٿي سگهي. اِهو ئي اُهو ”ازم“ آهي، جو انساني ڀائيچاري ۽ مساوات جو درس ڏي ٿو.“
    ”منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ هڪ اهڙي مملڪت بڻجي وڃي جو هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي سامهون (حضرت) عمر فاروق رضه جي دور جو عملي نقشو سامهون اچي وڃي.“ (آخري لمحات از محمد اشرف عطا 8710)
    قائداعظم جي دلي خواهش هئي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي ۽ رشوت ۽ ٻين معاشرتي خرابين جو خاتمو ڪيو وڃي. پاڪستان قائم ٿيڻ کان صرف ٽي ڏينهن اڳ 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دستور ساز اسيمبلي جي صدر چونڊجڻ بعد پاڪستان فرمايو ته: ”حڪومت جو پهريون فرض، قانون جي حفاظت ڪرڻ آهي ته جيئن ان جي باشندن جي جان، مال، عزت ۽ مذهب سلامت رهي سگهن.
    ”هندستان ۾ هن وقت جيڪا وبا ڦهليل آهي اها آهي رشوت خوري، تنهن جي معنيٰ ته اسان کي ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ اهڙا ته سخت اپاءَ وٺڻا ۽ ڏاڍا قدم کڻڻا پوندا، جو جيئن ”دولتِ پاڪستان“ جي لغت مان ان (رشوت) جو نالو حرفِ غلط جيان مٽجي وڃي.
    ”حقيقت ۾، رشوت خوري حڪومت لاءِ زهر قاتل آهي ۽ توهان کي اهڙا رستا ۽ طريقا ڳولڻا پوندا، جن جي آڌار تي، اسان پنهنجي پياري وطن مان، ان جو نام و نشان هميشه لاءِ مٽائي ڇڏيون.“
    قائداعظم چاهيو ٿي ته اسين ذاتي اختلافات وساري، اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪريون ته جيئن پاڪستان مضبوط ٿي سگهي. اهو ئي سبب هو جو قائداعظم عيدالفطر جي موقعي تي 6 آگسٽ 1948ع تي جنهن وقت پاڻ زيارت (بلوچستان) ۾ سخت بيمار هئا ۽ زيرِ علاج هئا، هڪ پيغام ۾ فرمايو: ”گذريل ٻارهن مهينن جو داستان مسلسل ”جدوجهد“ جي تاريخ آهي. مهاجرن جي مظلوم هجومن کي مدد ڪرڻ لاءِ اسان سڀني وسيلن ۽ ذريعن کي ڪتب آندو آهي. اسان کي انديشو هو ته متان اهي وسيلا ۽ ذريعا اسان سان بيوفائي نه ڪن، پر اسان سخت کان سخت طوفان جو رخ ڦيرائي ڇڏيو. ڪنارو اڃا پري آهي، پر تنهن هوندي به سامهون ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجن ذاتي اختلافن ۾ ڦاسي، پنهنجي طاقت کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ته پوءِ اسان کي پنهنجي روشن مستقبل تي ايمان رکڻ گهرجي.))))))))))

    ادا افتخار چوهاڻ صاحب اسلام عليڪم۔ توهانجون مهربانيون جو قائد اعظم جي باري ۾ لکيل ليک هن اڱڻ تي ونڍ ڪيا اٿئو۔قائد اعظم محمد علي جناح هڪ عظيم ۽ بيباڪ ليڊر هئا۔ هن باني ء پاڪستان جون تمام گهڻيون ڪاوشون ۽ مهربانيون آهن جو هڪ آزاد اسلامي ملڪ جو بنياد پيو ۔ اهو ته اسانجي نااهلي آهي جو ان آزاديء ملڪ جو اسان قدر نه ڪري سگهياسين ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪفيت قوميت، فرقورنه سوچون، ٻولي، مذهبي فرق ۽ هٿ جڙين نفرتن جي بيس تي پيدا ڪيون۔ هن جنت النظير ملڪ ۾ الله پاڪ پنهنجي رحمتن ؤ ڪرمن سان هر نعمتون نازل ڪيون آهن ۔ هن اسانجي پياري ملڪ کي الله سائين چار موسمون۔ سج جي روشني،چنڊ جي چانڍاڻ جا دلڪش منظر سمنڊ، صحرا، جهنگل ، پهاڙون۔برف پوش پهاڙون۔ گرمين جي موسم ۾ ٿڌا علائقا، خوبصورت لينڊ اسڪيپ،ٿر، ماڊرن شهري سهولتون سان ملامال ڪري ڇڏيو آهي پر اسان پنهنجي هٽ ڌهرمين جي ڪري انهن شين جو قدر نه ٿاڪيون۔ اسان کي ته الله پاڪ جو هر وقت شڪر گذار هجڻ گهرجي جو اسان کي ان پاڪ ذات تمام نعمتن سان ملامال ملڪ عطا ڪيو آهي ۔ ايترا ڪيترائي ملڪ آهن جن ۾ ان مان اڌ نعمتون به نه هونديون آهن ۔هي ملڪ الله پاڪ جي طرفان اسان لاء هڪ انمول تحفو آهي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي۔قائد اعظم ۽ ان جي هران ساٿي جنهن پاڪستان ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ حصو ورتو جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    وعليڪم السلام! محترم سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان جا لک قرب جو ليک تي پنهنجا تاثر ڏنا ۽ يقينن بهترين ۽ حقيقت تي مبني ڳالھ پڻ پيش ڪئي اٿو ، اها حقيقت آهي ته اوهان جي بقول اهو ته اسانجي نااهلي آهي جو ان آزاديء ملڪ جو اسان قدر نه ڪري سگهياسين ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪفيت قوميت، فرقيوارنه سوچون، ٻولي، مذهبي فرق ۽ هٿ جڙين نفرتن جي بيس تي پيدا ڪيون۔ ۽ اسان پنهنجي هٽ ڌهرمين جي ڪري انهن شين جو قدر نه ٿاڪيون جيڪر اها حقيقت اسان سمجهي وڃون ۽ منفي سوچن تا دستبردار ٿي مثبت سوچ ۽ فڪر ڌاريون ۽ ان ملڪ ۾ پيدا ٿيل خاميون جيڪي يقينن اسان جي نااهلي ڪري پيدا ٿيون آهن تنهن ۾ هوريان هوريان تبديلي جي لهر اٿي پوي ۽ روشني جي چڙنگ ٻري پوي ۽ اسان جو وطن عزيز جنهن بيس تي منظر وجود ۾ آيو پنهنجي حقيقي روح سان هن عالم ۾ نروار ٿي وڃي ، الائجي ڇو مونکي يقين آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان جو وطن عزيز پوري امت مسلمه لاءِ بحيثيت اڳواڻ ۽ مسلمانن جي مرجع طور سڃاتو ويندو ، رب العالمين کان دعا آهي ته اسان جي ملڪ کي ظالم ۽ نااهل حڪمرانن کان بچائي اسان کي غيرن جي غلامي مان آزاد ڪرائي اسلام جي سربلندي لاءِ قبول فرماءِ . (آمين)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو