رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
آسرو نه لاهبو
جيڏو آ پنڌ هي ڪاهبو
اڃا نه آس آ کٽي
اڃا نه باک جي ڦٽي
اميد کي نه ڪس ڏبي
ويچار کي ورائبو آسرو نه لاهبو
اڃا ته ڌنڱ ڊوڙ ۾
وڄون وسن جيئن گوڙ ۾
وڏا وڏا قدم ڀري
منزلن کي موڙبو
قدم اڳي ئي کوڙبو
ٿڪ پڄي پو لاهبو
آسرو نه لاهبو
سندرا ٻڌو ڪي سورهيو
هڻي ڪو جانٺو ڪيريو
دفن ڪيو هي دوزخي
ڏئي پيو لوڪ کي يخي
موذي سنڌ جو ماربو
ديس کي نه خاربو
آسرو نه لاهبو
جٿي ڪٿي هي ڳائبو آسرو نه لاهبو
اڃان ته سورميون سوين
اڃان ته ديس پيو ڌوين
سنگت ٿي ساٿ کي سڏي
هن ڀاء ڀيڻ کي گڏي
لوڪ کي اٿاربو آسرو نه لاهبو
امڙ جي انگ انگ تي
پنهنجي ديس دنگ تي
ساه سڀ هي گهوربا
دشمن جا ڪنڌ ڪوربا
ڪهاڙيون کڻو کڻو
ماريو ڄڻو ڄڻو۔۔۔۔۔۔
چمن وطن کي چاهبو آسرو نه لاهبو جيڏو آپنڌ هي ڪاهبو
جيڏو آ پنڌ هي ڪاهبو
اڃا نه آس آ کٽي
اڃا نه باک جي ڦٽي
اميد کي نه ڪس ڏبي
ويچار کي ورائبو آسرو نه لاهبو
اڃا ته ڌنڱ ڊوڙ ۾
وڄون وسن جيئن گوڙ ۾
وڏا وڏا قدم ڀري
منزلن کي موڙبو
قدم اڳي ئي کوڙبو
ٿڪ پڄي پو لاهبو
آسرو نه لاهبو
سندرا ٻڌو ڪي سورهيو
هڻي ڪو جانٺو ڪيريو
دفن ڪيو هي دوزخي
ڏئي پيو لوڪ کي يخي
موذي سنڌ جو ماربو
ديس کي نه خاربو
آسرو نه لاهبو
جٿي ڪٿي هي ڳائبو آسرو نه لاهبو
اڃان ته سورميون سوين
اڃان ته ديس پيو ڌوين
سنگت ٿي ساٿ کي سڏي
هن ڀاء ڀيڻ کي گڏي
لوڪ کي اٿاربو آسرو نه لاهبو
امڙ جي انگ انگ تي
پنهنجي ديس دنگ تي
ساه سڀ هي گهوربا
دشمن جا ڪنڌ ڪوربا
ڪهاڙيون کڻو کڻو
ماريو ڄڻو ڄڻو۔۔۔۔۔۔
چمن وطن کي چاهبو آسرو نه لاهبو جيڏو آپنڌ هي ڪاهبو