1493 اٽيچمينٽ ڏسو چون ٿا ته مٿاهين کان فوٽو وٺڻ جو تصور فوٽوگرافي جي اچڻ کان پوءِ جلد ئي آيو هوجڏنهن 1826ع ۾ پهريون دفعو ڪئميرا ٺهي ۽ فوٽو هٿ سان ٺهڻ بجاءِ ڌنڌلا ئي سهي پر سڌا سنوان محفوظ ٿيڻ لڳا۔ ۽ انهي جي جدت ۽ ارتقا جو هڪ وڏو سلسلو اڄ ٿري ڊي ۽ فور ڊي تي وڃي پُهتو آهي۔ جڏنهن تصويرن کي هڪ پاسي بجاءِ گهڻ رُخو ڏسي سگهجي ٿو پيو. پر مٿاهين تان تصويرون وٺڻ جو تصور 1869ع کان شروع ٿيو جڏنهن پکين يا لغڙن ۾ ننڍي سائيز جا ڪئيميرا ٻڌي مٿي ڇڏيا ويندا هئا۔ انهي وقت جا اميج اڃان به لائبريرين ۾ موجود آهن۔ڄامشورو ۾ رهندڙ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي مان اينٿراپولوجي ۾س ايم ايس ڪندڙ دوست عبدالحق چانگ جو چوڻ آهي ته هو جڏنهن فُل برائيٽ اسڪالرشپ تي آمريڪا ويو پي ايڇ ڊي ڪرڻ ته کيس انڊس ڊيلٽا تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هُن جي وسيع تحقيقي ڪم ۾ هڪ ڪم اهو به هو ته هو ٺهندڙ ڊيمن سان پوڇڙ جي علائقن تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو جائزو وٺي بيان ڪري. کيس انهي ڪم لاءِ لنڊن جي لائبريرين ۾ به وڃڻو پيو جتي سنڌ جي سامونڊي پٽي جا انهي دؤر جا مٿاهين کان ورتل اميج ڏسڻ لاءِ مليا جن ۾ سنڌ جا ڪيئي ڳوٺ هاڻي سمنڊ جي ڌوڪي اچڻ کان پوءِ پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺا آهن. خير اهو ته ٻيو ۽ طويل بحث آهي پر موجوده دؤر ۾جڏنهن ڪئيميرا ۽ وڊيو رڪارڊر ارتقا جي عروج تي آهن. هڪ سادي موبائيل ۾ ئي هاءِ رزوليشن ۽ ميگا پگزل ڪئيميرا بلٽ ان اچڻ لڳا آهن. ته 2004 کان گوگل وارن پنهنجو هڪ اهڙو نقشو ڏنو آهي جيڪو بظاهر وڏي وقت تائين ناقابل مُقابل رهندو. هنن سڄي دنيا جا فوٽا وٺي اهي هڪ ترتيب سان رکي نقشو ڏنو آهي. ۽ نه رڳو ڌرتي پر هاڻي ته هو ٻين سَيارن تي وڃي پُهتا آهن جنهن مان مريخ تي هو اوترو ئي ڪم ڪري چُڪا آهن جيترو ڌرتي تي. انهي نقشي سان جتي آرمي ۽ ايجنسين کي ڄڳهن نشاندهي ڪرڻ ۾ آساني ٿي اُتي ٻيا به کوڙ سارا ڪم ٿيڻ لڳا. جهڙوڪر سندن صحيح ماپ سان ڪافي جهيڙا ٽري ويا جيڪي وڏين يا اوکين زميني ملڪيتن تان هئا جن زمينن جي ماپ ڪرڻ ڏُکي يا پيچيده هئي. سندن زميني سطح کان اوچائي تي موجود ڄڳهن جي صحيح اوچائي ماڻهن کي وڏي مدد ڏني. ايستائين جو سوِل ورڪ وارن کي رستا ٺاهڻ ۾ سؤلائي ٿي. ۽ خبر پئي وئي ڪهڙي رستي کي صحيح ٺاهجي جتي گاڏيون سڌيون هلن ۽ غير ضروري اوچائيون نه هُجن ته وقت ۽ پئٽرول جي بچت ٿئي. پر هاڻي ته هڪ جيئو فزڪس جي شاگرد سان ڪچهري ٿي تنهن ته ويتر حيران ڪري وِڌو. سندس چوڻ آهي ته هاڻي تمام گهڻي گهرائي ۽ سٺي ڪوالٽي ۾ ورتل اميجز سان اهو به معلوم ٿي وڃي ٿو ته زمين جي مٿاهين بيهڪ ڪيئن آهي. انهي جو ڏيک ڪهڙو آهي جنهن سان انهي جي ماضي جي انهن پَٽن سان ڀيٽ ڪجي جتي قيمتي معدنيات وغيره ملي. ۽ انهي ڪم تي جيڪي تجربا ڪيا ويا آهن سي ڪامياب ويا آهن. هاڻي اُهو دؤر ناهي جو هزارين ماڻهو ويران پٽن تي کوٽايون ڪندا گهُمن ۽ هزار ڌُڪن هڻڻ کان پوءِ ڪا ڄڳهه اهڙي ملي جتي کين زمين هيٺ موجود ڪنهن قيمتي معدنيات هجڻ جي خبر پئي. انهي کان علاوه انهن اميجز ٻوٽن جي درجه بندي (Taxanomy) ڪندڙ لاءِ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. هاڻي باٽني جي شاگردن کي جهرجنگ وڃي ٻوٽا ڳولي انهن کي سڃاڻي نيون اسپيشيز ڳولڻ واري ڪم ۾ ڪافي آساني ٿي وئي آهي. دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ ڪنهن نئين قسم جو ڪو ٻوٽو هُجي سيٽلائيٽ اميج تي اُهو آساني سان ڳولي انهي کي ايترو گهرائي سان ڏسي سگهبو جو انهي جي ڪافي حد تائين نقش نشان جي بنياد تي انهي جي نئين يا اڳ دريافت ٿيل هُجڻ بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهبي. انهي مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ڏينهن رات تحقيق ۾ لڳل اُهي ماڻهو جِن افلا تتفکرون جي پيغام کي سمجهي ورتو آهي تِن جي ڪم سان ڪيڏيون آسانيون وپئدا ٿين ٿيون. ۽ هڪ دريافت جا ڪيترا نه گهڻ رُخا پاسا آهن. پر ڳالهه آهي غور و فڪر جي جيڪو ٿيڻ جي دير آهي ته شيون پنهنجو پاڻ واضع ٿيڻ لڳنديون آهن. ڪنهن سچ چيو هو ته علم موجود آهي رڳو حاصل ڪرڻ جي دير آهي۔
تحقيق، علم، ٽيڪنالاجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هل حضرت انسان تنهنجي جستجو ۔۔۔۔ ڪمال ۔۔۔ پر ڪاش ان تحقيق کي صحيح مقصدن لاء استعمال ڪري سگهين ۔۔۔۔۔ ڪاش امن لاء سڀ ڪجهه ڪرين ۔۔۔۔ حفيظ جي بهترين شيئرنگ ۔۔۔ مان به حيران ٿيس ۽ ڪجهه ڳالهيون مون لاء نيون هيون۔