مجازي شاعري، ڪڏهن ڪڏهن اندر ۾ اُها ڪري وجهندي آهي، صنم نجيب جا آزاد نظم ۽ نثري نظمن جي ڊزائن انتهائي خوشي سان ٺاهيندو آهيان ڇو جو سندس نظمن ۾ مونکي پريم جو هر رنگ نمايان نظر ايندو آهي هُن جي دل ۾ جيڪو ايندو آهي هُو لکندي آهي خير توهان سان سندس هي نظم ونڊ ٿو ڪريان اميد ته توهان کي به پسند ايندا۔ دوستو صنم نجيب صاحبه اسان جي سنڌياڻي شاعره آهي پاڻ گهڻي ڀاڱي اردو شاعري ڪئي آهي ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن نثري نظم مونکي ايس ايم ايس جي ذريعي موڪلي ڏيندي آهي پو پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي رنگ ڏئي توهان سميت سانئڻ صنم نجيب کي به ونڊ ڪري ڇڏيندو آهيان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پيش ڪش