هڪ تصوير جيڪا گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    تاريخ جي بدترين دور مان هن وقت هي قوم گذري رهي آهي۔۔ ڪرپٽ حڪمران، هٿ سان پيدا ڪيل توانائي جو بحران، غربت، مفلسي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون، هر شخص هي سوچڻ تي مجبور آهي ته ”سڀاڻي الائي ڇا ٿيندو“
    دنيا جو هي واحد ملڪ آهي جتي امير کي غريب پالي رهيو آهي۔۔۔ غريب ٽيڪس ڏيندو آهي ۽ اهي سياستدان ۽ انهن جو خاندان انهن ٽيڪس جي پيسن منجهان جائدادون بڻائيندا آهن۔۔ انهن جا ٻار پلبا آهن يا وري هي پاڻ عياشيون ڪندا آهن۔۔۔ ان باوجود هتان جي عوام جو خون سستو هوندو آهي۔۔۔
    هتان جو عوام فرعون جي دور ۾ پهچي چڪو آهي۔۔ فرعون به پنهنجي غلامن کان ان طرح ڪم وٺندو هو۔۔ اهي ڪم ڪندا هئا۔۔۔ ۽ فرعون پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن سان عياشيون ڪندو هو۔۔۔ ان دور جي فرعون لاءِ رب پاڪ حضرت موسى عليه اسلام کي نبي ڪري موڪليو۔۔۔ پر هاڻي ته ڪو نبي به اچڻو ناهي۔۔۔
    ڇا ٿيندو هتان جي عوام جو۔۔۔ آخر ڪڏهن ايندو مسيحا ۔۔۔ ؟

    مٿين تصوير ڏسي ۽ بيان پڙهي توهان جي ذهن ۾ اسان جي غيور حڪمرانن لاءِ ڪو اخلاقي تبصرو اچي ٿو توهان جي ذهن ۾ ته پيش ڪريو۔۔۔
     
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    چيائون ته اسان کي پيئڻ جو شوق بلڪل ڪونهي پر غريب ، مظلوم ۽ بي وس عوام جو ڏک ۽ درد وسارڻ لاء پيئڻو ٿو پوي۔۔
    واه ۔۔ ته پوء ڇو نه عوام جي همدردن جي قدر ڪجي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين رشيد اهي حڪمران شرابي آهن۔انهن عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو۔پوء اهڙن کي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو