توڪل...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    گاڏي ٺاهيندڙ اهو مڪينيڪ ڪم ڪندي ڪندي اٿيو ۽ پنڪچر چيڪ ڪرڻ واري ٽٻ جي پاڻي سان پنهنجا هٿ ڌوتا ۽ اهڙن آلن هٿن سان ئي وڃي ماني کائڻ شروع ڪري ڏني۔۔
    مون حيرت سان ڏسندي هن کي چيو۔۔۔ ”الله جا بنده اهڙن گندن هٿن سان ماني پيو کائين۔۔۔ بيمار ڪونه ٿي پوندي۔۔۔ هزارين جراثيم تنهنجي پيٽ ۾ هليا ويندا۔۔ ڇا تو ڪڏهن ٽي وي تي ڊيٽول صابڻ وارو اشتهار نه ڏٺو آ۔۔ ان ۾ اهو ٻڌائيندا رهندا آهن۔۔۔“
    ان تي هن جواب ڏنو۔۔۔ ”صاحب جڏهن مان هٿن تي ڪلما پڙهي پاڻي ۾ وجهندو آهيون ته سڀ جراثيم پاڻهين مري ويندا آهن۔۔ ۽ جڏهن بسم الله پڙهي ماني جو گره ٽوڙيندو آهيان ته جراثيمن جي جڳهه تي اسان جي پيٽ ۾ برڪت ۽ صحت داخل ٿي ويندي آهي۔۔“
    مون کي انهي ميڪنيڪ جي ڳالهين لوڏي وڌو۔۔۔ اهو ته سندس توڪل هو جيڪو هن کي بيمار ٿيڻ نه پيو ڏئي۔۔ مان ان سان هاڻي به ملندو هان۔۔۔۔۔ ۽ ايترن سالن جي گذري وڃڻ باوجود هو مون کي پهريان کان وڌيڪ صحتمند نظر ايندو آهي۔۔۔

    اشفاق احمد جي ڪتاب زاويه جلد 3 عنوان ”خدا کان وڌيڪ جراثيمن جو خوف“ صفحو 228 جو ترجمون۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين رشيد صاحب معزرت سان اهو ڊٽول صابڻ وغيره انهن لاءِ آهي جيڪي پنهنجي ڊيوٽي نه ٿا ڪن۔ رهيو مذدور ويچارو سو ايتري ته مشقت ڀري زندگي گذاريندو آهي جو لڪڙ پٿر هضم اتي جراثيم ويچارو ڇا ڪندو۔

    سائين هي انساني سماج جي انتهائي بُري حالت آهي جنهن کي مُرغن غذاؤن کائڻ گهرجن ها سي ويچارا رُکي سُکي تي پيا گذارو ڪن مثاک مذدور آهي ان جي ضروررت آهي ته هو مُرغن غذاؤن کائي ان کي پروثين جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي ۽ هي اهي غذاؤن آرام سان هضم ڪري سگهي ٿو۔پر هو سال ۾ ڪو هڪ ڀيرو به چڱو چوکو کائڻجي لائق ناهي ۔
    هڪلي ڦلڪي غذا جي ضرورت مالدار دولتمند کي آهي جنهنجي جسماني ورزش بلڪل ناهي ۔ هو هلڪي ڦُلڪي غذا کائي ته جيئن هن جي صحت ڦڪين کائڻ کان بغير ٺيڪ رهي سگهي۔
    هڪ حڪيم وٽ ٻه مريض آيا ۔ٻنهي کي پيٽ ۾ سور هو پهرين مريض کان پڇيائين تو کي ڇا ٿيو آهي ان چيو سائين پيٽ م سور آهي حڪيم پڇيو بابا تو ڇا کاڌو آهي ان چيو سائئين مان غريب آهيان ٽن ڏينهن کان ڦاڪي ۾ آهيان۔
    ٻئي مريض جي بيماري ساڳي ته سوال به ساڳيو ان چيو حڪيم صاحب رات مون ماني وڌيڪ کاڌي آهي ان لاءِ بد هضمي ٿي پئي آهي ۔
    حڪيم مُسڪرائي چيو جي تون هن غريب جي ماني نه کائين ها ته توهان ٻنهي کي پيٽ ۾ سور نه هجي ها ۔

    بيشڪ ماني لاءِ ڊوڙندا ٻئي آهن عريب توڙي امير پر ٻنهي جي ڊوڙ ۾ فرق هوندو آهي هڪ ماني حضم ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو آهي ته ٻيو ماني حاصل ڪرڻ لاءِ ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن ۾ اسان کي سبق ٿو ملي۔
    تمام سٺو سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو