
گاڏي ٺاهيندڙ اهو مڪينيڪ ڪم ڪندي ڪندي اٿيو ۽ پنڪچر چيڪ ڪرڻ واري ٽٻ جي پاڻي سان پنهنجا هٿ ڌوتا ۽ اهڙن آلن هٿن سان ئي وڃي ماني کائڻ شروع ڪري ڏني۔۔مون حيرت سان ڏسندي هن کي چيو۔۔۔ ”الله جا بنده اهڙن گندن هٿن سان ماني پيو کائين۔۔۔ بيمار ڪونه ٿي پوندي۔۔۔ هزارين جراثيم تنهنجي پيٽ ۾ هليا ويندا۔۔ ڇا تو ڪڏهن ٽي وي تي ڊيٽول صابڻ وارو اشتهار نه ڏٺو آ۔۔ ان ۾ اهو ٻڌائيندا رهندا آهن۔۔۔“
ان تي هن جواب ڏنو۔۔۔ ”صاحب جڏهن مان هٿن تي ڪلما پڙهي پاڻي ۾ وجهندو آهيون ته سڀ جراثيم پاڻهين مري ويندا آهن۔۔ ۽ جڏهن بسم الله پڙهي ماني جو گره ٽوڙيندو آهيان ته جراثيمن جي جڳهه تي اسان جي پيٽ ۾ برڪت ۽ صحت داخل ٿي ويندي آهي۔۔“
مون کي انهي ميڪنيڪ جي ڳالهين لوڏي وڌو۔۔۔ اهو ته سندس توڪل هو جيڪو هن کي بيمار ٿيڻ نه پيو ڏئي۔۔ مان ان سان هاڻي به ملندو هان۔۔۔۔۔ ۽ ايترن سالن جي گذري وڃڻ باوجود هو مون کي پهريان کان وڌيڪ صحتمند نظر ايندو آهي۔۔۔
اشفاق احمد جي ڪتاب زاويه جلد 3 عنوان ”خدا کان وڌيڪ جراثيمن جو خوف“ صفحو 228 جو ترجمون۔۔