اسان جي قومي ذميواري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2012۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان جي قومي ذميواري

    ڊاڪٽر نسرين هنڱورو

    منهنجي سٻاجھڙي سنڌ جنهن کي پنج هزار سالن کان به پراڻي تاريخ ۽ سڀيتا آهي، هن جي حُسن ۽ دلڪشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان پر ڪڏهن ڪڏهن حسين هُجڻ به پنهنجي وجود لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿيندو آهي . ٽڏهن ئي ته سڪندر کان چارلس نيئپر تائين هزارين
    دشمن ڪاهون ڪري آيا، هر دور ۾ هن کي ڦُريو، لُٽيو، ساڙيو ويو. تباهه ۽ بدحال ڪيو ويو پر سنڌ جي قوم ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين طاقت کي جبري طور قبول نه ڪيو . هر دور ۾ هنن ويڙهه جاري رکي، ڪڏهن شڪست قبولي هٿيار ڦٽا نه ڪيا وڙهندي ڌرتيءَ مٿان قربان ٿيا. سنڌي پهريون ڀيرون چارلس نيپئر آڏو ۽ 1947ع واري ڪاغذي ۽ دستاويزي آزادي کان پوءِ پنجاب سامراج آڏو جُهڪيا.
    جيترو نقصان اسان کي پاڪستان جي آزادي پهچايو، ايترو نقصان شايد غلامي به ڪنهن کي نه پهچائي ! اسان جا هندو ڀائر سنڌ جا اصل رهاڪو ۽ وارث جن کي مذهب جي نالي تي زوري لڏ پلاڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو . ان ۾ ڏاها پڙهيل لکيل سنڌ سان پيار ڪندڙ ماڻهو جن کي گهڻين تڪليفن جو مُنهن ڏسڻو پيو گهڻا دفعا هنن پوري نه ٿيڻ جوڳا نقصان سٺا سنڌ مان روئندا هليا ويا. هنن پنهنجي ذهني صلاحيتن ۽ پنهنجي علم کي ٻين مُلڪن حوالي ڪري ڇڏيو. ان سان اسان جي سنڌ کي عظيم نقصان پهتو. سنڌين ۾ مايوسي واري صورتحال پيدا ٿي وئي. جڏهن سنڌ جاباقي بچيل باشعور پڙهيل لکيل ماڻهو هر ڳالهه کان بي حس ۽ لاتعلق ٿي ويا انهن جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان رتي برابر به تعلق نه رهيو تان جو ون يونٽ جڙيو ۽ ٽُٽو اليڪشنون ٿيون ، اليڪشن ۾ مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مُجيب الرحمان ۽ مغربي پاڪستان جي ٻن صوبن ۾ ڀُٽي صاحب کي اڪثريت ملي سنڌين کي اميد هُئي ته هاڻي شايد سنڌ جون واڳون شايد وري سنڌي عوام کي ملن پر ڀٽو صاحب پناهه گير ۽ پنجابي مُفاد جو ايجنٽ ثابت ٿيو ان ڪري هن کان اعلان ڪرايو ويو ته پيپلز پارٽي کي جهموريت جي عام قائدي خلاف حڪومت ۾ شريڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ حڪومت ٺهڻ نه ڏيندو جنهن کي بنگالين سندن حق تلفي سمجهي. ان ڪري اڪثريت پارٽي کي واڳ نه ملي بلڪه ملٽري جو سڌو قدم کڻي حالتون نازڪ بڻائي ڇڏيون نتيجن نو مهينا بنگال ۾ سول وار جاري رهي 30 لک ماڻهو مارائڻ انساني تاريخ ۾ اقتدار خاطر دلال طور استعمال ٿيڻ انتهائي شرم ناڪ ڪارنهن جو ٽڪو آهي جيڪو پيپلز پارٽي جي باني چئرمين جي سر تي آهي پوءِ اهو ٿيو جو جنرل نيازي پاڪستان جو جهنڊو ۽ سندس ٽوپي هندستاني جنرل اروڙا جي پيرن ۾ اڇلائي پنجابين جي پراڻي خواهش ته بنگالي الڳ ٿي وڃن تي مهر صدق هڻي ڇڏي . اهڙي طريقي سان سنڌين بلوچن جو هڪ مظبوط ڀرجهلو بنگال ساڍا ست ڪرور ماڻهن سميت پاڪستان کان الڳ ٿي ويو . پيپلز پارٽي هميشه لاشن تي سياست کي بنياد بڻائي سنڌي عوام جون همدرديون حاصل ڪيون آهن . پهرين ڀٽو صاحب کي محض سنڌي سمجهي ووٽ ڏنو ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير کي ڀٽو جي نياڻي سمجهي ووٽ ڏنو ٽيون ڀيرو شهيد مرتضى جي ڀيڻ سمجهي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ۽ آخر ۾ ته خود محترمه جي شهادت تي غمزده سنڌي قوم وري به پيپلز پارٽي کي اقتدار ۾ آندو. بدلي ۾ جهان ڏٺو ته سنڌين کي “شهيد بشيرخان قريشي” مظفر ڀٽو ، روپلو چولاڻي ۽ ڪيئن اهڙن سنڌ جي بهادر قوم پرستن ۽ سنڌ دوست ماڻهن جي لاشن تي روئڻو پيو اهو ماتم اڃا جاري هو ته سنڌ جي ورهاڱي سنڌين تي قهر جا بادل ڇانئي وڌا، جنهن انهن جي ننڍن کي حرام ڪيو . هاڻي جڏهن سنڌي قوم پرست متحد ٿيا آهن ته هر سنڌي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پوءِ هو ڪنهن به شعبي سان واڳيل هُجي سنڌي سماج هڪ عظيم تبديلي جي تقاضا ڪري رهيو آهي. جيڪو گهڻي عرصي کان ان تبديلي جي انتظار ۾ هو ۽ جيڪڏهن اڃا به تبديلي واري عمل کي شروع ڪرڻ ۾ دير ڪئي ويئي ته مستقبل قريب ۾ سنڌ جي حالت اڃا ڳهمبير ٿي ويندي. پريشان ڪندڙ سماجي اقتصادي ۽ سياسي گهوٽالا اڃا وڌندا ۽ صورت حال آخر خانه جنگي طرف هلي ويندي سنڌ جي حالات جي ايماندارانه ۽ وسيع تجربي جي نتيجي ۾ اسان جي اپيل آهي ته قوم پرست اڳواڻ ، قلم ڪار، اديب، صحافي، موسيقار ، فنڪار، ڏاهن، استادن ۽ شاگردن کي گُهرجي ته هو پنهنجو فرض سُٺي نموني سنڌ دوست نموني سان ادا ڪن. ياد رکو ته هرو سيع ڪوشش ۾ جذباتي مظاهرا انهن ڪوشش جو اڻ ٽر حصو هوندا آهن هر شروع ٿيندڙ انقلابي دور ۾ پڪ ائين ٿيندو آهي هاڻ ته ائين ٿو لڳي ته ڄڻ اسان قومي سياست جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيهر ٻارن وانگر پڙهي رهيا آهيون اسان ۾ معياري سياسي لاڙا اڃا پُختا ناهن ٿيا اسان ۾ ته اڃا ايترو حوصلو به نه آهي جو پنهنجي دوستن جون ڳالهيون چڱي نموني ٻُڌون يقينن اهو دور به گُذري ويندو ۽ اسان هن علم کي به چڱي نموني سکي وٺنداسين پر هن انقلابي دور ۾ سڀ کان خراب ڳالهه اها هوندي ته تخليق ڪار ننڍين ننڍين ڳالهين تي پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ڪري ذاتي خواهشن ۽ مفادن پُٺيان ڊوڙڻ ۽ تخليقي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين، ان ڏس ۾ قوم پرستن کي جذباتي، ذاتيات، دل پسند عادتن ۽ ٺهيل ٺُڪيل سانچن کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻو پوندو . ساڳئي طرح اديبن دانشورن ۽ صحافين کي پنهنجي تخليقي تنظيمي ڪمن ۾ جُٽڻو پوندو ۽ سنڌين جي روحاني ترقي جي مقصد کي به پنهنجي قومي ذميواري جو احساس هُئڻ گُهرجي سنڌ ڌرتي وڏو بار وڌو آهي انهن جي ڪُلهن تي سنڌ جي حمايت ۾ انهن جو ڪردار هاڻ سگهارو ٿيڻ گُهرجي پوري جوش ۽ جذبي سان ان عظيم ڪم کي لڳي وڃن ته جيئن سنڌ دشمن سازشن کي ٻُنجو اچي سگهي ۽ سنڌ واپس پنهنجو جوڀن ماڻي سگهي هر سنڌي خوش حال ۽ سُرخرو هُجي. ياد رکو ته اسان سڀ هڪ ٻيڙي جا سوار آهيون جنهن جو نالو“ سنڌ” آهي ان کي برباد ٿيڻ کان بچايون اسان کي ٻيو دفعو “ نوح جي ٻيڙي” ڪونه فراهم ڪئي ويندي“.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    تمام بهترين ادي توهان جي لکڻي دل وٽان گذري، ادي ڪنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ته اتي بک ۽ بيروزگاري، تعليم ختم ڪريو، ته اهان قوم پاڻهي ختم ٿي ويندي، اسان جي ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، هتي هاڻ مذهبي انتها پسندي وڌي پئي ۽ سنڌ جا محبتي پاڻ ۾ نفرت ڪن ٿا، شايد سنڌي ماڻهو اسان وٽ آيل ڌارين قومن جي سازشن جي ور چڙهندا پيا وڃون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاهين لطيف سنڌي

    شاهين لطيف سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌين جي روحاني ترقي جي مقصد کي به پنهنجي قومي ذميواري جو احساس هُئڻ گُهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا توهان جي مهرباني، سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ انارڪي جي صورتحال جي وجه جهالت ۽ غلامي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو