الله پاڪ جيڪو ڪجه ڪندو آهي اسان جي بهتري لاء ڪندو آهي!

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    الله پاڪ جيڪو ڪجه ڪندو آهي اسان جي بهتري لاء ڪندو آهي!

    هڪ ميربحر (ملاح) جي ٻيڙي هڪ جزيري جي ويجهو تباه ٿي ويئي ۽ هو ميربحر ان جزيره ۾ اڪيلو رهڻ تي مجبور ٿي پيو، هن جهنگ مان ڪاٺيون،جهاڙ۔ڪک پن گڏ ڪري هڪ جهوپڙي ٺاهي ان م رهڻ لڳو۔ ڏينهن گذريندا ويا،هو ڪنهن مدد جي آس ۾ الله پاڪ کان دعا گهريندو رهيو۔هڪ ڏينهن آسماني بجلي ڪري هن جي جهوپڙي تي، جيڪي سڙي رک ٿئي وئي۔ملاح ڏاڍو رنجيده ٿي ڪري الله پاڪ سان شڪايت ڪرڻ لڳو ته ” توهان مون سان اهو ڇا ڪيو؟ منهنجو اجهو به ساڙي ڇڏيو!“

    اڳئين ڏينهن جڏهن هو اداس دل سان ننڍ مان اٿيو ته هڪ امدادي هيلي ڪاپٽر هنن جي مدد لاء جزيره ۾ لهندي ڏٺو۔هن هيلي ڪاپٽر ۾ ايندڙ ماڻهن کان پڇيو ته هنن کي ڪيئن خبر پئي ته هي ان خالي جزيره تي ڪوانسان موجود آهي ته امدادي ڪارڪنن هن کي ٻڌايو ته جزيره تان دونهين جا بادل اڀرندي ڏسي، هو سمجهي ويا ته جزيره تي ڪنهن کي مدد جي ضرورت آهي ۽ ان دونهي جي ڪري اسان تنهنجي امداد لاء پهتا آهيون۔ان ملاح هڪدم زمين تي سجدي ۾ ڪري الله پاڪ جو شڪر ادا ڪند ي چيوء” الله پاڪ جيڪو ڪجه ڪندو اهي بهتر ڪندو آهي ۽ جنهن جي فائدي جي ڄاڻ اسان کي نه هوندي آهي “
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    الله بي نياز جا ڪري سا چاهي ۔۔۔۔ بيشڪ حق ۽ سچ آهي ۔۔۔ انسان بي صبرو ۽ انتهائي ڊڄڻو آهي، انڪري هر ڳالهه تي گهٻرائجي وڃي ٿو ۔۔۔
    واڳ ڌڻي وس، آ ڪا پاڻ وهيڻي۔

    لک قرب ۔۔۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اهوئي سبب آهي ته الله جي رضا ۾ راضي رهڻ لاءِ چيو ويو آهي۔ پر الاءِ ڇو بار بار اسا کان وسري ٿو وڃي ته اسان جو هن دنيا ۾ گهُريل غير مقبول دعائون هُن جهان ۾ ساک سان قبوليت جو درجو ماڻينديون جتي انهن جي سخت ضرورت هوندي۔ پر هن دو رنگي دنيا جي عارضي خواهشن جي پوري نه ٿيڻ تي اسان مايوس ٿي ويهون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو