سائين مونکي ڪا اهڙي ويب سائيٽ ٻڌايو جنهن ۾ ڪجهه جادوئي ايپليڪيشنز هُجن جن سان مان پهنجن دوستن کي حيران و پريشان ڪري سگهان۔
پيارا ڪهڙي خبر اوهان جا دوست اوهان کان اڳ ئي هن فورم تان جادوئي ايپليڪيشنز سِکي ويا هُجن ڇو ته هتي هڪ جادوگر اهڙو آهي جنهن جو نه ڪو مٽ نه ثاني۔ وري به جادئوي ايپليڪيشنز جي ٿورڙي وڌيڪ وضاحت ڪيو ته متان ڪٿان ڪو جواب ملي وڃي۔
ها سائين توهان ڪنهن کي پريشان ڪرڻ چاهيو ٿا ته ايس ايم ايس بمبر استعمال ڪريو۔1 منٽ ۾ 1000 مسيسج موڪليو۔اهيو هڪ جادوئي اپليڪيشن آهي منهنجي ويب سائيٽ تي وڃو ۽ اهو موبائيل ۾ ڊائونلود ڪريو فاروق سومرو بلاگ
مطلب ته اُن جادوگر جي جادوگري ۾ اوهان اڳ ۾ ئي ڦاٿل آهيو۔ ماشاءالله ماشاءالله۔ ڀلا پنهجي جادوگر کي چئو ته ڪا اهڙي ويب سائيٽ ٻڌائي جنهن ۾ ڪا آن لائن ايپليڪيشن هُجي۔ اهڙي ايپليڪيشن جيڪا اوهان جي دل جي ڳالهه به سمجهي وڃي يا وري اهڙي ئي ڪا ٻي ايپليڪيشن ۔۔ ۔ ۔۔ ۔ سائين عبدلرشيد اُميد ته اوهان به سمجهي ويا هوندوء۔
منهنجا مٺا ڀا دل جون ڳالهيون ته صرف رب سائين ئي ڄاڻي ٿو باقي اسين بندا يا ٻيون ڪي به آن لائن اهڙيون ايپليڪيشنز ڪو نه آهن!
سائين دلين جا حال ته بيشڪ الله رَبُ العِزَت ڄاڻي ٿو۔ آ ته هٿ جي صفائي ۽ ذهن جي ڪرتب جي ڳالهه پيو ڪريان۔
مون کي توهان جي ڪرتوتن جي خبر آهي۔۔۔ خبر اٿم ته مڙندو ڪونه۔۔ ان ڪري بس هڪ ٽرڪ هتي ڏسيان ٿو۔۔۔ پر شرط آهي ته پهريان پاڻ آزمائي ڏسجو۔۔۔ ان کانپوءِ جي فيصلو ڪري سگهو ته ڪنهن دوست کي پريشان ڪجو۔۔۔ هي ٽپ آهي پنهنجي ان دوست لاءِ جيڪو توهان کي اهميت نه ڏيندو هجي۔۔ ۽ توهان جي قابليت تي هميشه شڪ ڪندو رهي۔۔۔ ۽ توهان چاهيو ٿا کيس اهڙو سبق ڏجي جو وڃي ٿين خير۔۔۔ ته کيس هي فائيل ٺاهي ڏيو يا موڪلي ڏيو ۽ کيس ان فائيل کي کولڻ لاءِ چئو۔۔۔۔ فائيل ٺاهڻ لاءِ پهريان نوٽ پيڊ پروگرام کوليو هيٺيو ڪوڊ ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو۔۔ ۽ ان کي Denied.vbs جي نالي سان محفوظ ڪريو۔۔۔ جي فائيل ٺاهڻ ۾ ڏکيائي ٿي ته هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ پي ايچ پي: set shell = CreateObject("Wscript.Shell")lol=msgbox ("Would You Like to Hack your enemy's computer ?",20,"Question")x=inputbox ("Enetr Information About Your Enemy (Name,Identification). Seprated With comma!",4+48,"Enter their details")lol=msgbox ("Thank You Very Much. Your Donation of: £750 will go to the Computer Virus Trust. Thank You for your Generousity!",0,"Thank You!")shell.run "iexplore www.bestpctrick.blogspot.in"lol=msgbox ("Now, The virus that you asked for will be shortly delivered to your PC.",0,"Message")lol=msgbox ("FATAL ERROR DETECTED. ERROR CODE - {01929429328}",16,"ERROR")shell.run "iexplore www.planetcoder.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")shell.run "iexplore www.bestpctrick.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")shell.run "iexplore www.planetcoder.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")shell.run "iexplore www.bestpctrick.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")shell.run "iexplore www.planetcoder.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")shell.run "iexplore www.bestpctrick.blogspot.in"lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("An Error occured In C:\Program Files\Virus Maker\Virusm.exe ",5+48,"Error")lol=msgbox ("Cannot Locate Windows. Visit site for help",16,"Correct Error")shell.run "iexplore www.planetcoder.blogspot.in" نوٽ: اهي دوست جيڪي ڪمپيوٽر کي ايترو سڃاڻن جيترو ڪمپيوٽر کين سڃاڻي ۔۔۔ هن قسم جي ٽرڪس ۾ بلڪل به نه الجهن ۔۔۔ ۽ اهي جيڪي هرڀرو به هي ٽرڪ آزمائڻ گهرن ٿا۔۔۔ کي هدايت ڪجي ٿي ته ان کي بلڪل به پنهنجي رسڪ تي استعمال ڪن۔۔۔ جو ان جو ذميدار ڪير نه هوندو۔۔۔
ذيشان رشيد هونئن ته کڻي ڪُجهه ٿيو ته ڪمپيوٽر لاءِ اڪبر واڍو آهي پر اهو ايندي ايندي به مهينو سوا لائيندو۔ سو بهتر آهي ته اهو رسڪ نه کڻجي۔
سياڻو ٿو لڳين دوست۔۔۔ اڪبر واڍي جو انتظار نه ڪجان جو اڄڪلهه هو پنهنجي ڪمپيوٽر تي تجربو ڪري ويٺو آهي۔۔۔ ۽ هاڻي کيس لڄ ٿي ٿئي ته اهو ڪيئن ٺهرائجي۔۔۔۔
ڀلو ڀلو ۔۔۔ مان به اهو پئي چاهيو ته منهنجي مٿين ٽرڪ مان ڪو پريشان ٿئي ته اهي توهان ئي هجو۔۔۔ ۽ پڪ اٿم ته ٻين دوستن ٻڌايل مٿيون عمل ڪيو ئي نه هوندو۔۔۔ معنا يقينن توهان ٻين لاءِ جيڪو کڏو کوٽيو هو ان جا پاڻ ئي شڪار ٿيو۔۔۔ خير هاڻي جي وڌيڪ سولو حل ٿا گهرو ته اهو به ڏسجي ٿو۔۔۔ ڇا توهان وٽ VLC ميڊيا پليئر آهي جنهن تي وڊيوز ڏسندا آهيو۔۔۔ جي اهو ئي آ ته پوءِ هي ٽرڪ آزمائي ڏسو۔۔۔ 1) ميڊيا پليئر کوليو يا هلايو۔۔۔ 2) هاڻي ڪيبورڊ تان Ctrl + n پريس ڪريو۔۔ 3) جنهن کان پوءِ پلي بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ 4) ۽ پوءِ جادو ڏسو۔۔۔
سڀ ڪجهه آزمائي ڏٺو اٿم پر ڪجهه به حيران ڪندڙ ڪو نه ٿيو۔ سائين لڳي ٿو ٿڌ ۾ اوهان جي جادو جو اثر ختم ٿي ويو آهي ۔ ۔ ۔ ۔
چڱو ڀلا ۔۔۔ آسان جادو تي ٿا اچون۔۔۔۔ گوگل کوليو ۽ لفظ TILT لکي ڳولا ڪريو۔۔۔ ۽ جادو ڏسو۔۔۔ ڪجهه نه ٿيو۔۔۔ ائين وري ڪئين۔۔۔ چڱو ٿورو گوگل پيج تي ترسو۔۔۔ ترسو۔۔۔ هاڻي ڏسو۔۔۔ جي ڪجهه سمجهه اچي ته لکي موڪليو ۔۔۔۔ جي نه اچي ته توهان جي عقل تي حيرت نه ٿيند۔۔