هڪڙي لــهر پري کان اڀري، ڊوڙي آئي ڪنــــاري ڏانهن، پٿر سان خود کي ٽڪرائي، ريتيءَ ذرڙن کي جـرڪائي، گم ٿي ويئي انـــت بـــحر ۾. شمشير الحيدري سنڌ جي ڏاهي ڀيڻ بينظير هن دفعي جڏهن سنڌ اچي رهي هئي ته ائين لڳو ٿي ته ها سنڌ جي سورن جو ڪو درمان ٿيندو، غريبن ۽ مسڪينن جي دردن جي دادرسي ٿي پوندي .... اميدون هيون، ڪي آسرا هيا ...!!! پر پاڪستان جي سازشي ۽ خود سندس ويجهڙائيءَ ۾ ويٺل ڪجهه ڪردارن جي سازشن سندس زندگيءَ جو ڏيئو گل ڪري ڇڏيو ۽ هو سنڌ جي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي وئي .... هڪ هيري جهڙي شخصيت کي ظالمن مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ... اڄ اهي ئي قاتل سندس لاش جي تصويرن کي نچائي کٽيو کائي رهيا آهن ... اڄ اهي ئي مداري محترمه جي ڪيل ڪم ۽ ڏاهپ کي ڪيش ڪرائي رهيا آهن ... اڄ وري قوم جي اکين تي ٻڌل پٽيون مضبوط ڪيون پيون وڃن ... اڄ وري قوم جي اکين آڏو ايندڙ هلڪي روشنيءَ آڏو لوهه جون ديوارون مضبوط ڪيون پيون وڃن ... اڄ وري شهيد ڀيڻ جي ياد ۾ وهيل لڙڪن جو سودو ڪي واپاري ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ... انهن واپارين جو نه ڪو دين نه ايمان ... نه انسانيت نه قوميت آهي .... ضياء جا ساٿي، مشرف جا ساٿي ۽ جن کي محترمه قاتل سڏيو هو، اڄ اهي ئي ماڻهون محترمه جي تصوير کڻي، قوم کي وري ٺڳين ويٺا ... مشرف کي مان ڏئي ملڪ مان ڪڍيو ويو، قاتل ليگ کي گلن جا هار پارائي مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان غداريءَ جا نوان نخرا ڪيا ويا ... ۽ افسوس جو اهو سڀ ڪجهه ڀيڻ بينظير جي تصوير جي اوٽ ۾ سندس گهر ڀاتي ويٺا ڪن ...... دنيا ۾ هڪ قوم آهي ظالمن جي ۽ الله تعالا ظالمن جي قوم تي لعنتون وڌيون آهن .....