ڪاڪو آچار۔۔ ڳوٺ جي طبيب عرف حڪيم وٽ آيو۔۔ ڏاڍو پريشان پئي لڳو۔۔ طبيب : ڪاڪا ڏي خبر ڀلا پريشان پيو لڳين۔۔ اکيون ڳاڙهيون لڳيون پيون اٿئي۔۔ خير ۾ آيون آ۔۔ ڪاڪو آچار : ابا تو کي خبر آهي پاڻ هونئن ڏاڍا هوشيار آهيون، ڪڏهن تنهنجي هن ڦٽل دواخاني تي آيو ڪونه آهيان ۔۔۔ بس اڄ مسئلو اهڙو آهي جو اصل توڏانهن اچڻو پيو۔۔؟ طبيب ؛ ڪاڪا ڀلي آئين۔۔ پر ٻڌاءِ مسئلو ڪهڙو ٿيو آ۔۔جو اڄ پير ڀري هتي آيو آهين۔۔ ڪاڪو: ابا مسئلو ڏاڍو ڏکيو آهي، پر توکي ٻڌائيندم ته کلندين۔۔۔ طبيب ـ ڪاڪا اهو وري ڪيئن ٿيندو، باقي مان طبيب ڇا جو چورائبس۔۔ ڳالهه ڪر۔۔ ڪاڪو آچار : ابا۔۔ ڳالهه اها آهي ته جڏهن رات جو مان کٽ تي سمهندو آهيان ته ايئن لڳندو آهي، ڄڻ کٽ جي هيٺان ڪو پٽ تي سُتل آهي، وري جي پٽ تي سمهان ٿو ته لڳي ٿو ڪو کٽ تي سُتل آهي، مان ٻه ٽي راتين کان ان مسئلي جي ڪري ننڊ نه ڪري سگهيو آهيان۔ دل ۾ ڊپ ويهي ويو اٿم۔۔ هاڻي اصل منهنجي ننڊ ڦٽي وئي آهي۔! طبيب : (ڪجهه سوچيندي) ڪاڪا ڳالهه ٿوري ڳمڀير آهي، تون پريشان نه ٿي، مان باقي حڪيم ڇا جو ٿيو آهيان، ان مرض جو علاج مان ڪندس، پر خرچ مڙئي سوايو لڳندو۔۔! ڪاڪو آچار!۔۔ ابا انهيءَ نڀاڳي خرچ ک ڇڏ! تون منهنجو مرض جلدي ختم ڪري ڏي ته سولي ننڊ ته ڪريان۔ هيڏي ڏينهن کان ننڊ ئي ڪانه ڪئي اٿم۔۔ طبيب ڪاڪي آچار کي ڦڪي ڏني ، ڪاڪي آچار ڦڪي ورتي ۽ گهر ويو۔۔۔ وري هفتو ڪاڪو طبيب وٽ نه آيو، وري ڳوٺ جي ملاکڙي ۾ طبيب ڪاڪي آچار کي ڏٺو ته اچي پاسو ورتائينس، ڪاڪا ڏي خبر خوش پيو لڳين، معني ته منهنجي دواڙي اثر ڪيئي نه۔۔! ڪاڪو آچار ! ڪٿي ابا توواري دوا ته اصل مونکي ڪوڙي لڳي اوڏي مهل ئي ڦٽي ڪيم۔۔ طبيب ! ڪاڪا پوءِ مرض جو ڇا ڪيئي۔۔۔! ڪاڪو آچار! ڪرڻو وري ڇا هو نه ڪو هيٺ آرام پئي آيو۔۔ نه ڪو مٿي کٽ تي۔۔ طبيب : پوءِ۔۔۔ ڪاڪو آچار! مسئلو هئا نڀاڳا اهي "کٽ جا پاوا"، واڍي کي وٺي اچي ٻن روپين ۾ اهي پاوا وڍرائي ڇڏيم۔۔ هاڻي آرام سان سُتو پيو آهيان۔۔ نه ڦڪي کپي نه وري پنجاهه رپيا خرچ ٿيو asul matt wslam
هائو يار! اهو ڪم ڀلو کٽ جي کٽ ... پٽ جو پٽ، هيٺ ۽ مٿي جا مزا گڏوگڏ، ڪجه ڏينهن اڳ ٽي وي تي پاڪستاني فلمي مسخري لهريءَ جو انٽرويو ٿي هليو، جنهن ۾ پاڻ هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ته جڏهن آءُ بيمار ٿيندو آهيان ته ڊاڪٽر وٽ ويندو آهيان پر ڊاڪٽر جي دوا ناهيان کائيندو ... ميزبان سوال ڪيو ته اهو وري ڪيئن؟ وراڻيائين ته جي ڊاڪٽر ڏي ويندو آهيان ته ڊاڪٽر کي به ڪمائڻ جو حق آهي ۽ دوا انڪري نه کائيندو آهيان ته مونکي به جيئڻ جو حق آهي ... sindhsalamatsaathsal