ارڙيءَ تباهي آڻي ڇڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ارڙيءَ تباهي آڻي ڇڏي
    صالح پٽ ۾ هرڻن کان وڌيڪ خوبصورت ٻارڙن جو بچڻ محال
    1500 اٽيچمينٽ ڏسو

    صالح پٽ پکيڙ جي لحاظ کان سکر ضلعي جو وڏو تعلقو آهي هن جون حدون ڀارت جي سرحدي علائقي راجستان سان لڳن ٿيون. هتي گهڻا سال اڳ هزارن جي تعداد ۾ هرڻ موجود هئا. هينئر هرڻ ته ناهن بچيا پر صالح پٽ ۾ رهندڙ هرڻن کان وڌيڪ خوبصورت ٻارڙن جو بچڻ محال ٿي ويو آهي، انهن کي مارڻ لاءِ نه ڪي راڪاس لامارا پيو ڏي نه وري ڪو ديو يا ڏائڻ جو انهن کي ڏانوڻ وجهڻ لاءِ ڪي حيلا هلايا وڃن پر حيلا وسيلا هئڻ باوجود ٻارن کي موت جو مهمان بڻائڻ وارا ڪامورا ڪڙا ئي آهن، جيڪي تماشو ڏسي رهيا آهن. هتي ٻارن جي موت جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي جنهن تي ڪنهن کي به ڪا ڳڻتي ڪونهي.
    سياسي تنظيمون اليڪشن ۾ پنهنجي منشور کي وڏي آواز سان ٻڌائيندي فخر محسوس ڪن ٿيون ته سندن منشور ۾ صحت تعليم ۽ روزگار شامل آهي پر انهن ئي سياسي جماعتن واري واري سان تعليم ۽ روزگار جي ڀينگ ڪرڻ بعد صحت جون سهولتون به عوام کان کسي ورتيون آهن.

    افسوس!حڪمران جماعت اٽي لٽي ۽ اجهي جو بهترين نعرو هڻڻ باوجود صالح پٽ مان ارڙي جي پکڙيل وبا ختم ڪري ناهي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين 36 ٻار موت جي ننڊ هميشه لاءِ سمهي پيا آهن، ‏اهي ٻار هرڻن وانگر وٿاڻ خالي ڪندا رب الاهي جي بارگاهه ۾ نه ڄاڻ ڪنهن خلاف شڪايتون کڻي روانا ٿي ويا آهن. ميڊيا ۾ آيل خبرن بعد اسلام آباد جي ٿڌاڻ مان ڊي سي سکر کي گرم فون اچي ويا جنهن مختلف علائقن جا دورا ڪري رپورٽ وڏي وزير کي موڪلي پر اها رپورٽ جنهن تي ڪو به نوٽيس نه ورتو ويندو، ڇاڪاڻ ته هتي روايتن جا امين بڻيل حڪمران ۽ ڪامورا صبح جي ڳالهه شام جو وساري ڇڏيندا آهن. هڪ طرف حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه لاپرواهي جو روايتي مظاهرو ڪري پئي ته ٻئي طرف وري خيرات ۽ درودن تي زور ڀريو پيو وڃي.، اها سفاڪي ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو بيماري جي پاڙ اکيڙن بدران انتظاميه متاثرن کي آسماني امداد لاءِ اڪساهي رهي آهي، صالح پٽ جو مختيارڪار خيرات جو ڀت کارائي خلق کي صلوات پڙهڻ لاءِ مشورو ڏي ٿو ۽ بيماري جي بچاءَ لاءِ آيل دوا دارو توڙي ٻيا فنڊ ناني ويڙهو ڪري سولائي سان هڙپ ڪيا پيا وڃن.
    1501 اٽيچمينٽ ڏسو
    صالح پٽ جي رڻ ۾ اها ريت به ڏٺي وئي جو ارڙي ورتل ٻارن جي علاج کي معيوب سمجهيو ويو ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن ٻارن جو علاج ڪرايو ويو ته ماتا ديوي ڪاوڙجي ويندي.ماتا ديوي جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ غريبن جي بيمار ٻارن تي وڌيڪ آهي ان ڪري ئي غريبن جا ٻار ارڙي وگهي مري رهيا آهن هن وقت تائين ڦلو ڪاري، امام بخش ڀنڀري، ترائي، حيدر بخش ڀنڀري، صوفن شنباڻي ، شمن شنباڻي ۽ ڪوڏ ڀنڀري ۾ ارڙي تباهي آڻي هڪ گهر مان ٻه کان پنج لاش کڻائي ڇڏيا اهن. افسوس ان ڳالهه تي به آهي ته هتي ڪا به سياسي،سماجي جماعت ۽ اين جي او جا نمائندا ڳوليا نه ٿا لڀن.
    ميڊيائي مرلي جي واڄٽن سبب جڳ جهان ۾ خواري کڻڻ بعد ۽ حڪومتي نمائندن جي دٻڙاٽن تي ضلعي انتظاميه ابتدائي طور تي پاڻ بچايو مهم تحت صالح پٽ۽ گگڙي جي ٻن ڊاڪٽرن ۽ ٻن وئڪسينيٽرن کي معطل ڪري سندن پگهارون بند ڪيون آهن. پر ڇا ايئن ڪرڻ سان وڏي وزير سميت اعليٰ اختيارين پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو يا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ ٻارڙن جي موت کي روڪي سگهبو؟ اهو اسان سڀني لاءِ سواليا نشان بڻيل آهي.

    ```````````````````````````````````````````````````````````````````````````
    اُرڙِي ----------------Measles
    ’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
    1502 اٽيچمينٽ ڏسو
    ارڙي هڪ قسم جي چمڙيءَ جي پکڙجندڙ بيماري آهي، جيڪا ”ماتا“ وانگر ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي بيماريءَ طور مشهور آهي پر ٻنهي ۾ فرق آهي. اها بيماري هڪ خاص وائرس سان پکڙبي آهي. ان جا داڻا ٻاجهريءَ جي داڻن جيڏا ۽ ڳاڙها، خشڪ ۽ بنا روڳ جي ٿيندا آهن. هيءَ بيماري گهڻو ڪري چيٽ جي مهيني ۾ ٿيندي آهي.
    هن بيماريءَ ۾ تپ تيز ٿيندو آهي ۽ چيلهه ۾ سور، نڪ ۾ خارش،
    اکيون ڳاڙهيون ٿينديون آهن. اکين ۽ نڪ مان پاڻي وهندو آهي. اُرڙيءَ ۾ تپ گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُرڙيءَ جا داڻا جلد نڪرندا آهن. اُرڙي ماتاکان گهڻي نقصانڪار ٿيندي آهي. خاص ڪري داڻن جو رنگ ڪارو، نيرو يا واڱڻائي هجي ته بي قراري ۽ بيهوشي ٿيندي. هڪ ڀيرو اها بيماري ٿيڻ کان پوءِ جسم ۾ ان خلاف ايتري قوت مدافعت ٿيندي آهي جو وري سڄي عمر ڪا نه ٿيندي آهي.
    عام طرح چوندا آهن ته ”ماتا“ يا ”اُرڙيءَ“ ۾ ڪا به دوا ناهي ڪرڻي، پر اهو خيال غلط آهي. باقاعدي علاج جي ضرورت ٿيندي آهي. طبيبن ۽ ڊاڪٽرن وٽ ارڙيءَ توڙي ماتا جي بيماريءَ جو علاج موجود آهي


    1503 اٽيچمينٽ ڏسو

    1504 اٽيچمينٽ ڏسو 1504 اٽيچمينٽ ڏسو 1504 اٽيچمينٽ ڏسو
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام افسوس ۽ ڏک واري خبر آهي ، گلن جهڙا سهڻا ٻارڙا جيڪي اسانجي مستقبل جو سرمايو آهن ، اهي ايئن ئي اجل جو شڪار ٿيندا پيا ۽ حڪومت ، ڪامورن ، وڏيرن کي ڪا ڪهل ئي ڪانه پئي اچي ، انا لله و انا اليه راجعون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو