نئين سنڌ جو خواب ۽ اسان جو نئون نسل!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2012۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    نئين سنڌ جو خواب ۽ اسان جو نئون نسل!
    سگريٽ ساڙيندڙ سنڌ جو هي نسل اُهو نسل آهي، جنهن مٿان نظرين جو نشو ڪڏهن چڙهيو ئي ناهي. جنهن لاءِ سياسي جدليات جو جنون ڪا معنى نه ٿو رکي. هن نسل مقتل گاهن تي گلابن جون پنکڙيون ڇڻندي به ناهن ڏٺيون. هنن ته سلاخن پويان گجندڙ آوازن کي به محسوس ناهي ڪيو. هنن ته يانگ مو جي ”سانگ آف يوٿ“ ۽ ميڪسم گورڪي جي ”ماءُ“ ۾ پنهنجو پاڻ کي به ناهي ڳوليو. نه ئي سنجها کان سانجهيءَ تائين ڀڳڙن جي مُٺ تي سياسي سفر ڪيا آهن. هي ته اُهو نسل آهي، جنهن نسل جڏهن اک پٽي تڏهن دنيا جي اندر انقلابي تبديلين جا آدرش مري چُڪا هئا. گوربي جي گلاسنوسٽ کان پوءِ بحث جي بيماري ختم ٿيڻ لڳي هُئي. هُو جيڪي ڪيليگرافيءَ جا ڪاريگر ڪامريڊ هُئا، جيڪي سُتل راتين جي سُڃ ۾ پنهنجي صدائن جا سِلو-گن سڌا ڪندا هئا ۽ سنڌ انهن جي گونج سان گونجي اٿندي هُئي، تن تبليغي جماعتن جي پاڇي ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ انڌيرن مان اُجالي ڦٽڻ کان پهرين ئي پنهنجي وجود جون آرسيون ٽوڙي هميشه لاءِ هليا ويا. عاشقيءَ جي سفر ۾ بچيل باغين جي وارن تي به چاندي لهي آئي ۽ هو به گمناميءَ جي گهِٽين ۾ گهڙي وڃڻ کان پوءِ واپس نه موٽيا. سنڌ جي سياسي سوڳ ۾هن نڌڻڪي نسل کي ڪو رهنما ئي نه مليو، جيڪو کين صدين کان ايندڙ سنڌ جو سڏ سُڻائي سگهي. اکين ۾ ڪائناتون رکندڙ صبح جي جلون جهڙو جُهور اُهو پوڙهو به پوين پَساهن ۾ سنڌ جي اهڙي سياسي تبديليءَ تي مايوس هو، جيڪو کين ڀٽائيءَ جي اِن سٽ جي طويل تشريح سمجهائي سگهي ها ته، ”ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارئين.“
    پر افسوس! سنڌ جي سياست اُها جنون واري جواني برقرار رکي نه سگهي ۽ عقل جي خصيص دور ۾ داخل ٿي اشتهار بڻجي پئي ۽ اسان ڏسندا رهياسين ته اکين جي آرسين ۾ پوريل صدين جا اوجاڳا اشتهاري سياست جي نذر ٿي ويا. آئيڊيل سياست جي دور کي عياشيءَ واري زماني جي تيلين ساڙي ڇڏيو. نظرياتي سياسي بحث ۽ تربيتن وسيلي نئين سنڌ جي خوابن جو سلسلو رُڪجي ويو ۽ اُهي جن يتيم ٻارن وانگر منزل جو عيد وانگر انتظار پئي ڪيو، تن کي ميرانجهڙي منزل به نصيب ٿي نه سگهي.
    نجات ديده ودل کي گھڑی نہیں آئيچلے
    چلو که وه منزل ابھی نهیں آئي
    سياست سان عشق جي رومانوي دور جا هزارين قصا هن دور جي نسل کي سمجهه ۾ ئي نه ايندا. روپوشين جون راتيون، سياسي تضادن جي طويل بحثن جي نتيجن ۾ پئدا ٿيندڙ پارٽيون، انضمام، تضاد ۽ گمنامين جي رڻ ۾ رُلي ويل ساٿي...“منزل انهين ملي جو شريڪِ سفر نه تها.“ اُها منزل ڪهڙي هُئي؟ ڇا اُها هن سياسي ڊزائين جهڙي منزل هُئي؟ جيڪا موسمن جي مقدر وانگر اسان پنهنجي نصيب ۾ لکيل هُئي؟ ڇا صدين کان سنڌ هلندڙ سياسي ڪلچر جو انتظار پئي ڪيو؟ ڇا انهن پنهنجا جسم اُڀن ڪاون تي غلاظتن جهڙي سياسي ڪلچر جي بحاليءَ لاءِ رکيا هُئا؟ ڇا انهن پنهنجي جوانين جا سِج اُن سنڌ جي عشق ۾ لاٿا هُئا، جتي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو ڪلچر رائج هجي، جتي لُڪن جي لُوساٽيل ماڻهن کي ڇپر جهڙي ڇانو به ميسر نه هجي. جتي هر حادثي جا اثر اُنهن آکيرن جهڙن گهرن تي طويل مدتن تائين رهندا هجن ۽ جيڪي فنا جي ڦوڪ جو شڪار ٿي وڃن. جتي ڳڻپ کان ٻاهر انساني آباديون قدرتي آفتن کان وڏي آفت سرڪاري نظراندازين جو شڪار بڻيل هجي. سنڌ ته اُن منزل جي مُتلاشي هئي، جيڪا هن ڀٽڪيل نسل جي ڀرجهلي ٿئي، جيڪا هن نسل کي روپا ماڙيءَ مٿان اُڀرندڙ آزاد سج واري تاريخ جي دريءَ جو درشن ڪرائي، جنهن ۾ لاڙ جي هوائن سان گهُلندڙ پيار ۽ پکي آزاد هجن. ”اسان ته پنهنجا تصور صليبن جي سختين تي چاڙهي اُن سنڌ جو تصور ڪيو هو، جيڪا سنڌ ساڌ ٻيلي جهڙو سُڪون ڏيندڙ ۽ ماءُ جي گود جهڙي پُرسڪون هجي. اسان سنڌ جي هن نسل سان وڏيون اُميدون وابسته ڪيون هُيون. پر اُهي اُميدون پوريون ٿي نه سگهيون ۽ ڪمزور سياسي ٻيڙين جا سڙهه سنوان ٿيڻ کان اڳ ئي طوفانن جي غوراب ۾ غرق ٿي ويا ۽ وحشتن جي زمانن جي پڄاڻي ٿيڻ بجاءِ سنڌ هڪ عجيب اذيت جي اوڙاهه ۾ اُڇلائي وئي آهي.“ ماضيءَ جو پوڙهو سياسي ورڪر چئي رهيو هو.سنڌ جي سياست آئيڊيل دور مان نڪري دڪانداريءَ جي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي ورڪر کان وٺي پارٽين جي قيادتن تائين، پئسن جي جنون ۾ ڦاٿل پارٽيون سنڌ کي ڪهڙا نتيجا ڏئي سگهنديون؟ ڇو ته جتي نقد هٿان نظريو شڪست کائي رهيو هجي، اُتي تبديليءَ جي تمنا رکڻ ڪا معنى نٿي رکي. هتي تبديلين جون سڀ تيليون پاڻيءَ جي پئسن ۾ پُسيل آهن، جيڪي ٻرڻ کان پهرين ئي وسامي وڃن ٿيون. اُهي سنڌ جي هولوڪاسٽ جهڙين حقيقتن کي سمجهي، سُتل سنڌ جي غير سياسي نسل کي سياسي رستي تي ڪيئن وٺي ايندا؟ جنهن نسل هوش اچڻ سان پنهنجي ڪنن تي رنگ ٽيونز جا آواز پئي ٻُڌا آهن، جيڪي پئدائشي پئڪيجز تي هِريل آهن، جن موبائيل ڪمپنين جي پئڪيجز کانسواءِ سنڌ جي پئڪيج کي پنهنجي پريارٽي تي ئي ناهي رکيو، جيڪو نسل موبائيل جي مرض جو ڪنهن آفيمي نشئي وانگر عادي بڻجي پيو آهي. ڪميونيڪيشن جي تيز ترين دور ۾ موبائيل ضرورت آهي، پر ان ضرورت جي غير ضروري استعمال هن نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. راتيون جاڳڻ ۽ ڏينهن جو ننڊون ڪرڻ کان پوءِ هن نسل مان تبديليءَ جي ڪهڙي تمنا رکي سگهجي ٿي؟
    اڄ سمورين سياسي پارٽين وٽ قيادت سان گڏ ان ورڪر جي به کوٽ آهي، جنهن پنهنجون سياسي وابستگيون نظرياتي طرح نه پر دوستين جي بنيادن تي سلهاڙي ڇڏيون آهن، جن پارٽين جا پروگرام سمجهڻ بجاءِ فقط پارٽين کي ذاتي بنيادن تي استعمال ڪرڻ لاءِ شموليت اختيار ڪئي آهي. هي اهو نسل آهي، جيڪو سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ شموليت لاءِ نظرياتي سياسي وابستگيءَ طور ناهي آيو ۽ افسوس جو اسان جيڪي تبديليءَ جي تمنا ۾ هن نسل مان وڏيون اميدون وابسته ڪري ويٺا آهيون، جنهن نسل جي ترجيح فقط پئسي جو پئڪيج رهيو آهي، جنهن جو اظهار موجودهه سياسي پارٽين جو اهو تنظيمي سياسي ڍانچو آهي، جنهن ۾ اڪثر ورڪر جي وابستگي ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ ان جي لفظي اظهار طور به سامهون ايندي رهي ٿي. نتيجي طور ڪا به پارٽي نتيجا ڏيندڙ تحريڪ هلائڻ جي حالت ۾ ناهي رهي. هي نسل سرد جنگ جي خاتمي کان واقف ئي ناهي پر جن ماڻهن جو رت سرد جنگ جي خاتمي ۾ گرم هو، اُهي جيڪي ڪتابن کي پنهنجي محبوبائن کان مٿي سمجهندا هُئا، سي سارتر جي انهن سٽن کي ڪڏهن به وساري نه سگهيا ته ”سامراج اوهان جي نسلن تي تهذيبي ۽ ثقافتي وار ڪرڻ لاءِ انهن جي وات ۾ پنهنجون زبانون وجهي ڇڏيندو“ هڪ سازش تحت سنڌ جي هن نسل کان خواب کسيا ويا آهن ۽ انهن جي وات جي زبانن جي ٻولي ٻڌائيندي رهي ٿي ته انهن جي جدوجهد ۽ آدرشن جا رستا ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهن. انهن جي سياسي مزاج کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن رحم ايندو آهي. اهڙي سياسي جدوجهد جنهن جا سمورا نقصان سنڌ کي ڀوڳڻا پون، سنڌ جي مجموعي سياسي مزاج کي هن نسل جي رحم و ڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي، جيڪو نسل ڪنهن وڏي سياسي اُٿل پُٿل جي پئداوار ناهي نه ئي هي نسل اُن سياسي ڪلچر جي پئداوار آهي، جنهن سياسي ڪلچر خلاف سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي پارٽين ۾ تربيتي سياسي ڪلاس هلايا هُئا ۽ مان سياست جي اُن جنون واري جذباتي دور کي سنڌ جي اُن نسل جو اهم دور سمجهان ٿو. هي اهو دور هو، جتي سنڌ جي نوجوان پنهنجي سياسي تصور کي وڌيڪ واضع ۽ نظرياتي طور پاڻ کي پُختو ڪيو هو. گهوٽڪيءِ کان گهاري تائين نظرياتي سياست سنڌ ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون هُيون. پر جهڙي طرح هن دور جي نسل سنڌ جي سياسي ڪلچر جي ڀينگ ڪئي آهي، اُن جو مثال ماضي ۾ ملڻ مشڪل آهي. احتجاج جي اهميت پريس رليز بيان جيتري به ناهي رهي. اُن جو اهم سبب اِهو آهي ته اسان کي اِها خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙن وڏن اشوز تي احتجاج ڪجي ۽ ڪهڙن اشوز تي بيان جاري ڪجي؟سنڌ هڪ عجيب سياسي تماشي جو شڪار بڻيل آهي. پاور ۽ پئسي سنڌ جي سياسي جنون واري جن کي پنهنجو قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. جيستائين سنڌ اندر ذهني تبديلي نه ايندي تيستائين سياسي روين جي تبديلي ممڪن ناهي. اسان کي ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سياست ذريعي تبديلي آڻڻ جي خواهش ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر واپسيءَ جو اهو رستو وٺن، جنهن رستي تان نظير عباسي گذريو هو، جنهن رستي کي اڃان پاور پاليٽڪس جي ليگل مافيا ميرو نه ڪيو هو. ڌرتيءَ جي اوچن پهاڙن جيان اڻانگي سفر جا رستا طئي ڪرڻ لاءِ پاور ۽ پئسي جي عادي ٿي ويل هن سياست مان هٿ ڪڍڻو پوندو. اهڙي سياست جي ابتدا گيڙو لباس واري قيادت ئي ڪري سگهي ٿي، جيڪا بدن ۾ بُکن جا خنجر کڻي هن نسل جي ذهني تبديليءَ لاءِ وک کڻي. سنڌ جي ڏنل اعتماد واري امانت ۾ خيانت نه ڪري. يقين سان چوان ٿو ته سنڌ پوتيءَ جي پلئه ۾ سانڍي رکيل پيار به اُن قيادت کي ڏئي ڇڏيندي ۽ ان سان پنهنجا ٽٽل رشتا ٻيهر جوڙي وٺندي، جيڪا قيادت تاريخ جي تلخ لمحن ۾ سنڌ جي وکريل خوابن کي سهيڙي وٺندي. فقط انڌيرن جي اوٽ مان نڪرڻو آهي. هي نسل انڌيرن جي اوٽ مان تڏهن نڪرندو جڏهن انهن ۾ سياسي طرح ذهني تبديليءَ جو طوفان کڙو ڪبو. نه ته انڌيرن جي واٽ تي وڃائجي ويل هن نسل مان تبديليءَ جي تمنا رکڻ اجائي آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڳالهه مايوسي جي نه پرسورنهن آنا سچ آهي پر هن دل ڏاريندڙ سچ کي قبول ڪرڻ لاء به ته دل گڙدو کپي۔۔ دل کي دلاسو ڏيڻ لاء ڪو ٻيو رستو به ته هجي۔۔ هتي ته سڀ انڌير آهي۔۔ ڪٿان اچن ايترا نظير عباسي۔۔ آهي ڪو ادارو يا فرد جيڪو اهڙا نظرياتي جوان تيار ڪري؟ بلڪل نه۔۔
    ان ڪري ڪوڙ ئي سهي، دوکو ئي سهي پر تمنا نه رکجي ته ڇا ڪجي۔۔
     
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    منهنجي دوست لکيو آهي:
    سنڌ جي سياست آئيڊيل دور مان نڪري دڪانداريءَ جي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي، جتي ورڪر کان وٺي پارٽين جي قيادتن تائين، پئسن جي جنون ۾ ڦاٿل پارٽيون سنڌ کي ڪهڙا نتيجا ڏئي سگهنديون؟ ڇو ته جتي نقد هٿان نظريو شڪست کائي رهيو هجي، اُتي تبديليءَ جي تمنا رکڻ ڪا معنى نٿي رکي. هتي تبديلين جون سڀ تيليون پاڻيءَ جي پئسن ۾ پُسيل آهن، جيڪي ٻرڻ کان پهرين ئي وسامي وڃن ٿيون. اُهي سنڌ جي هولوڪاسٽ جهڙين حقيقتن کي سمجهي، سُتل سنڌ جي غير سياسي نسل کي سياسي رستي تي ڪيئن وٺي ايندا؟ جنهن نسل هوش اچڻ سان پنهنجي ڪنن تي رنگ ٽيونز جا آواز پئي ٻُڌا آهن، جيڪي پئدائشي پئڪيجز تي هِريل آهن، جن موبائيل ڪمپنين جي پئڪيجز کانسواءِ سنڌ جي پئڪيج کي پنهنجي پريارٽي تي ئي ناهي رکيو، جيڪو نسل موبائيل جي مرض جو ڪنهن آفيمي نشئي وانگر عادي بڻجي پيو آهي. ڪميونيڪيشن جي تيز ترين دور ۾ موبائيل ضرورت آهي، پر ان ضرورت جي غير ضروري استعمال هن نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. راتيون جاڳڻ ۽ ڏينهن جو ننڊون ڪرڻ کان پوءِ هن نسل مان تبديليءَ جي ڪهڙي تمنا رکي سگهجي ٿي؟

    ۽ مان لکان ٿو:
    سنڌ جي سينواريل سياست ۽ کدڙي جو کونگهرو
    سياسي اٿل سبب سنڌ جي ڪايا ئي تبديل ٿي وئي آهي.ان ۾ سنڌي جاتيءَ جو نه ڪي دوش آهي ۽ نه وري ان مان هن جي رهزني واري ريت نظر اچي پئي.جڏهن روزگار جا در بند ڪيا وڃن، جڏهن تعليم کي تجارت ۾ تبديل ڪري اها اعليٰ طبقي لاءِ مختص ڪئي وڃي، جڏهن حق حاڪميت ئي نه رهي، جڏهن سياسي سرواڻ سوداگر بڻجي سنڌ تين وال ڪري اچن، جڏهن سياسي تنظيمن جا ڪارڪن ڀتي خوري ۽ هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ تائين محدود هجن، جڏهن مادر علمي ادارن ۾ بندوقون بونڪن ۽ شاگرد شعور بدران بي شناسا ٿيو وڃن
    تڏهن اهڙي ڪيفيت ۾ اهڙو ئي اظهار ڪرڻ ۽ اندر جي ڪروڌ کي ڪاڳر تي اپٽارڻ اوس آهي.سنڌ جي سياست کي سج گرهڻ ڀل لڳي پر هاڻ ته اها کدڙي جي کونگهري کان به بدتر ۽ بڇان ڏيندڙ ڀانئجي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو