سنڌي نور
مون کي ملهائڻ ڏي ثقافت ڊي
مان نه ڄاڻا تون ساڙيو وئين!!
ڇو ماريو وئين؟؟
راض نه ڪنهن جا کولڻ ڄاڻا،
اجرڪ ٽوپي پائيندس مان
ٽوپي ڊي ملهائيندس مان
پنهنجو پاڻ بچائيندس مان
مان نه ڄاڻا سنڌي ٻولي
پٽڪو هاڻ ته پائيندس مان
پنهنجو پاڻ بچائيندس مان
ڀٽائي، سچل، سامي آ ڪير؟
مان نه ڄاڻا،،،،
پر ملهائيندس مان ثقافتي ڊي
پنهنجو پاڻ بچائيندس مان
سنڌ مئي يا هئو ڀٽائي
ڪير مئو هو، ڪنهن جي ڄائي
پنهنجو مان بچائندس مان
اجرڪ ٽوپي پائندس مان.

h