• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪٿي ڳولھيان۔۔

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
ڪو صبح اھڙو ڳولھجي
جنھن ۾
تنھنجي ياد
جا پکي جھونگارين
ڪا شام اھڙي ڳولھجي
جنھن ۾سج لھڻ تي
ٻـ پيار جا پاڇا ڏسجن
ڪو ڏينھن اھڙو ڳولھجي
جنھن ۾ ڪو ڏک نـ ھجي
محبت جو مرڪون ھجن
ڪو پھر اھڙو ڳولھجي
جنھن۾مٺيون لاتيون ھجن
۽ملاقاتيون ھجن
ڪا اک اھڙي ڳولھجي
جنھن ۾ ڪو لڙڪ نـ ھجي
جنھن ۾ ڪو درد نـ ھجي
سڀ شايد ملي بـ وڃي
پر اي پرين!
توکي ڪٿي ڳولھيان
توکي ڪٿي ڳولھيان!!!!!!!!!!!!!!
 
Back
Top