اڄ ميرپوربٺوري شهر جي علي بندر جي علائقي مان ڪافي سالن کان پوءِ گذرندي مون کي ننڍپڻ جا اهي ڏينهن ياد اچ ويا جيڪي مون پنهنجي سهلين سان گڏ گذاريا هئا.
بابا پارس ميمڻ پنهنجي يادگيرن جا اهي خوبصورت پَلَ ڪُجهه تفصيل سان ونڊيو ها ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان توهان جي يادگيرن جي سفر جو يادون پڙهي ڪجهه وڌيڪ پنهنجا ڪامينٽس توهان سان ونڊيون ها۔ ان هوندي به ڌِيءَ سنڌي نور جي رائي سان متفق آهيان ته يادگيريون سنڀالي رکجو ڇو ته ، جيڪو ماڻهو پنهنجي يادگيرن کي سنڀالي رکندو آهي اهو ئي ماڻهو ماضي حال ۽ مستقبل جو رکوالو هوندو آهي۔ شال سدائين سلامت هُجو۔
بابا پارس ڪارو ليز(اوريگان اسٽيٽ) جي باري ۾ ڪُجهه ٻُڌائيندا ته اهي علائقا ڪٿي جا آهن مون سان گڏ ڪافي سارا اڻ ڄاڻ ان مان لاڀ حاصل ڪندا ۽ ڄاڻ حاصل ڪندا۔
ها بِلڪُل پارس ڪجهـ وڌيڪ مِٺڙيون يادون ونڊيو ها تـ بهتر ٿئي ها۔پر توهان جي اِن مختصر جملي ۾ بـ يادگيريُن جو سمنڊ نظر اچي ٿو،
```` پارس جيڪس! اوهان ساروڻين جي سمرڻي کي آڱرين جي لمس سان سوري ۽ سموهيو ها ته هوند پروڙ پاڙي کي به پئجيو وڃي ها ته ٻاروتڻ ۾ جيڏين سان علي بندر تي جا راند اوهين رهي، ان جي سار جو احساس هاڻ ڪهڙي معنيٰ ۽ رنگ ۾ رڱيل آهي```````````````````````````````````````````````````