ضلعي شڪارپور جي شهر ڳڙهي ياسين ۾ نوجوان ڊينگي وائرس ۾مبتلا ڳڙهي ياسين شهر جو22سالن جو نوجوان شاھ زمان پٺاڻ کي 3 ڏينهن اڳ بخار ٿيڻ جي ڪري شڪارپور جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي کيس ڊينگي وائرس هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي وارثن کيس سکر جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ۽ آغا خان اسپتال ڪراچي مان ٽيسٽ بعد ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي هي ڳڙهي ياسين شهر جو پهريون ڊينگي وايرس جو مريض آهي ۔ الله کيس جلدي صحتياب ڪري ۔۔۔۔۔آمين اوهان سڀني کي دعا جي گزارش آهي