ايزي لوڊ ميزبان چيو مهمان کي : “لسي تون پيئندو ناهين، چانهن اسين پيئاريندا ناهيون، مانيءَ جو وقت ناهي، بوتل جي موسم ناهي ۔۔۔ هاڻ ٻڌاءِ ته تنهنجي ڪهڙي خاطر ڪجي؟” مهمان جواب ڏنو :“ 50 روپين جو ايزي لوڊ ڪرائي ڇڏيو ۔۔۔”
اهو ئي اڄڪلهه جو دؤر آهي۔ ٻُڏي گهر مان جيڪو نڪتو۔ هاڻي ته هن موبائيل ايئن رواج بدلايا آهن جو اڳي ماڻهو ڪنهن جي گهر ويندا هئا ته پهرين حال چال جي پُڇا جي ڏي وٺ ٿيندي هئي۔ هاڻي ته پُهچندي ئي پُڇا ٿا ڪن ”اوهان وٽ سنهي پِن وارو چارجر هوندو؟“
ها ها ها ها ۔۔۔۔۔ مطلب اڳ ۾ سنهي پن حاصل ڪري پو چوندا ته اوهان وٽ ڪهڙي موبائيل آهي ۔۔۔ ۽ پو مارڪيٽ ۾ آيل موبائيل فونن جو ذڪر شروع ۔۔۔۔۔۔۔